آيت الله خامنائي

آيت الله سيد علي حسيني خامنائي ايران جو ٻيو ۽ موجوده سپريم ليڊر (رهبر معظم 237) آهي.

پاڻ 1981 کان 1989 تائين ايران جو صدر به رهي چڪو آهي. اسلامي انقلاب کان اڳ ۽ شروع وارا ڪجهه سال ”وزيراعظم“ جو به عهدو هو جيڪو نئين آئين مطابق ختم ڪري وزيراعظم جون ڪيتريون ئي جوابداريون ملڪ جي صدر حوالي ڪيون ويون آهن ۽ صدر جيڪو پهرين فقط نالي ماتر رهيو ٿي يعني علامتي سربراھ طور ۽ سندس ڪي خاص اختيار نه هئا هاڻ انتظاميه ۽ ریاست جو سربراہ آهي. هو ملڪ جو سڀ ۾ وڏو چونڊيل نمائندو آهي.[حوالو گهربل]

Sayyed Ali Khamenei
سید علی خامنائي
آيت الله خامنائي
2nd رهبر معظم
برسر منصب
دفتر سنڀاليو
4 جون 1989
صدر
  • اڪبر هاشمي رفسنجاني
  • محمد خاتمي
  • محمود احمدي نزاد
  • حسن روحاني
پيشرو روح الله خميني
3rd ايراني صدر
عهدو سنڀاليو
13 آڪٽوبر

1981 – 3 آگسٽ

1989
وزير اعظم مير حسن موسوي
عظيم اڳواڻ روح الله خميني
پيشرو محمد علي رجائي
جانشين اڪبر هاشمي رفسنجاني
اسلامي ريپبلڪن پارٽي جو سربراهه
عهدو سنڀاليو
15 جولاءِ 1981 – 15 مئي 1987
ڊپٽي مير حسين موسوي
پيشرو محمد جواد باھنر
جانشين پارٽي ٽٽي وئي
ايراني پارليامينٽ جو رڪن
عهدو سنڀاليو
28 مئي

1980 – 13 آڪٽوبر

1981
حلقو تھران صوبو
اڪثريت 1,405,976 (65.8%)
تھران جي جمعي نماز جو امام
برسر منصب
دفتر سنڀاليو
14 جنوري 1980
مقرر بطرف روح الله خميني
عارضي امام
  • احمد جنتي
  • احمد خاتمي
  • ڪاظم صديقي
  • علي موحدي ڪرماني
پيشرو حسين علي منتظري
ذاتي تفصيل
پيدائش سيد علي حسيني خامنائي
جُولاءِ 1939 (عمر 84 سال)
مشھد , ايران
سياسي جماعت
  • جميعت علماء دين مجاھدين (1977–1979; 1987–present)
  • اسلامي ريپبلڪن پارٽي (1979–1987)
جيون ساٿي خجسته باقرزادي (m. 1964)
ٻار ٻچا
  • مصطفي خامنائي
  • مجتبي خامنائي
  • مسعود
  • ميسم
  • حودا
  • بشرہ
مذهب شیعہ (ٻارھن امامن وارو )
دستخط آيت الله خامنائي
ويب سائٽ english.khamenei.ir

صدر کانسواءِ ملڪ جو ٻيو سربراه ”رهبر معظم ‎“ يعني سپريم ليڊر سڏجي ٿو. هو ملڪ جي سياسي ۽ مذهبي اٿارٽي مڃيو وڃي ٿو. امام خميني اسلامي جمهوريہ ايران جو پهريون سپريم ليڊر هو ۽ 1989 ۾ سندس وفات کان پوءِ اڄ تائين سيد علي حسيني خامنہ اي ايران جو ٻيو سپريم ليڊر آهي. سندس تصويرون اڪيلي سر يا امام خميني سان گڏ جتي ڪٿي نظر اينديون. سپريم ليڊر گهڻو ڪري اهو ٿئي ٿو جيڪو عالم دين هجي.

سيد علي حسيني خامنہ اي سپريم ليڊر ٿيڻ کان اڳ، امام خميني جي ڏينهن ۾ 1981 کان 1989 تائين ايران جو صدر ٿي رهيو.[حوالو گهربل] اسلامي انقلاب بعد ايران جا هيستائين ست صدر ٿي چڪا آهن.

پرورش ء تعليم

پاڻ 1939 ۾ مشهد ۾ رهندڙ هڪ آذري ڪُٽنب ۾ ڄائو. علي خامنہ اي اٺن ڀائرن ڀينرن ۾ ٻيو نمبر وڏو ٻار آهي. هن جا ٻه ٻيا ڀائر بہ هن وانگر ايران جا وڏا مذهبي عالم آهن. سندس ننڍو ڀاءُ هادي خامنہ اي هتي جي هڪ اخبار جو قابل ايڊيٽر ۽ مولوي آهي.

علي خامنہ ايءَ پرائمري تعليم دوران مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي ۾ پڙھڻ ويو. مشهد جي هن مدرسي ۾ ايران جون مشهور شخصيتون حاجي شيخ هاشم قاضيويني ۽ آيت الله ميلاني هن جا معلم رهيا. 1957 ۾ هو نجف هليو ويو جتي هڪ سال جو مختصر عرصو گذارڻ بعد قم ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. جتي هن آيت الله حسين بورجردي ۽ آيت الله روح الله خميني جهڙن شخصيتين جي ڪلاس مان علم پرايو. انکانپوءِ 1963 کان هن اسلامي تحريڪن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. شهنشاھ پهلوي جو زمانو هو، جنهن کي اهي ڳالهيون پسند نه هيون ۽ علي خامنہ اي کي ڪيترا دفعا جيل به وڃڻو پيو.[حوالو گهربل]

اسلامي انقلاب ۾ ڪردار

علي خامنائي ايران جي اسلامي انقلاب جو اهم ڪردار رهيو ۽ امام خميني جي ويجهن ساٿين مان هو. تهران ۾ جمعي نماز جي امام آيت الله حسين علي منتظري جي 1979 ۾ استيفا ڏيڻ بعد امام خمينيءَ علي خامنائي کي ليڊر بنايو.[حوالو گهربل] عراق ايران جنگ ۾ علي خامنائي جنگ جي ميدان ۾ به رهيو ۽ هڪ بم ڦاٽڻ تي هو شديد زخمي ٿي پيو. هن کي اڄ به ”زندھ شهيد“ جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو.[حوالو گهربل]

تعليم جو واڌارو

علي خامنائيءَ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ايران جي نوجوانن کي گھڻو اڳيان آندو آهي.[حوالو گهربل] هن جو اهو چوڻ آهي ته ”زمين هيٺ دٻيل تيل ۽ گئس جو ذخيرو آخر ته هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو. ان ڪري هينئر کان ئي اسان کي نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جو علم حاصل ڪرڻ کپي ۽ ان مان فائدا حاصل ڪرڻ کپن.“

لکيل ڪتاب

علي خامنائي جا ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيل آهن جن مان ڪجهه انگريزي ۾ به ترجمو ٿيل آهن.[حوالو گهربل] سندس تقريرن ۽ پيغامن جا نو واليوم تعليمي ادارن ۾ پڙهايا به وڃن ٿا. عرب ليکڪن سيد قطب، رضي الياسين ۽ عبدالمنيم ناصري جا ڪجهه ڪتاب علي خامنائي عربي مان فارسي ۾ پڻ ترجمو ڪيا آهن.[حوالو گهربل]

حوالا

Tags:

آيت الله خامنائي پرورش ء تعليمآيت الله خامنائي اسلامي انقلاب ۾ ڪردارآيت الله خامنائي تعليم جو واڌاروآيت الله خامنائي لکيل ڪتابآيت الله خامنائي حوالاآيت الله خامنائياسلامي انقلابايرانسپريم ليڊروڪيپيڊيا:حوالو گهربل

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

قبلوباجاراجوبجليشمن علي ميراليخودڪلامي (سودائي پڻو)ٻولي جو ڪٽنبصحافتامام الدين مجددي18 فيبروريبيتمستونگ تعلقوجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)ڪائنات جو علم1856عميرپور بٺورو تعلقوفٽبالجنطيانہپريوگخفيہ تحريرفائل نالو جو واڌارواک جي ماڻڪيمشت زنيتامل ٻوليلغاري (قبيلو)روجھجنسي سنگاستاد بخاريسمارٽ فونسياستمحمدحياتيات897عتهرانريل گاڏيقانونانٽرنيشنل آرگنائزيشن فار اسٽينڊرڊائيزيشندوستيکيرٿر جبلن جو سلسلومخففآڪاش منڊلبرووخ اسپنوزاحقيقتاوطاقابراهيمڳُئي جڀچنڊپيشوگڏيل بادشاھتميئتي ٻوليدڪاناخبارهراريحياتي جو دائروگهوڙوبھائيت747ع1634عهند۔يورپي ٻوليونڪيوباٽوئيٽرنئين سال جي شامٽيٽم ٻوليآنو🡆 More