اتر پرديش

اتر پرديش(انگريزي: Uttar Pradesh ) (/ˌʊtər prəˈdɛʃ/ جنھن جو پراڻو نالو يونائيٽيڊ پروانسز ھيو ; IAST: Uttar Pradeś  ( ٻڌو)) انڊيا جي اتر ۾ واقع ھڪ رياست جو نالو آهي جنھن جي آبادي ويھ ڪروڙ آهي.

جيڪا پھرين اپريل 1937 ۾ يونائيٽيڊ پراونسز آف آگرا اينڊ اوڌ جي نالي سان قائم ٿي ۽ 1950 ۾ کيس اتر پرديش جو نالو ڏنو ويو. ھي رياست ارڙھن انتظامي ڊويزنن ۾ ورھايل آھي جن ۾ 75 ضلعا واقع آھن. رياست جو گاديءَ جو هنڌ لکنو شھر آھي. 9 نومبر 2000 ۾ ھن رياست مان ھڪ حصو ھماليا وارو پھاڙي خطو علحده ڪري نئين رياست اتر کنڊ قائم ڪئي وئي.

اتر پرديش
رياست
اتر پرديش
اتر پرديشاتر پرديش
اتر پرديشاتر پرديش
اتر پرديش
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ:
تاج محل;آگرا وارو قلعو; فتح پور سيڪري; سرناٿ; منيڪارنيڪا گھاٽ ۽ نئين جمنا پل
ڀانڃ: اتر (معنيَ: اتر طرف وارو ) ۽ پرديش ( معنيَ: صوبو يا خطو)
انڊيا جي نقشي ۾ اتر پرديش جو مقام
انڊيا جي نقشي ۾ اتر پرديش جو مقام
Location of اتر پرديش
جاگرافي بيهڪ: 26°51′N 80°55′E / 26.85°N 80.91°E / 26.85; 80.91 80°55′E / 26.85°N 80.91°E / 26.85; 80.91
ملڪ اتر پرديش ڀارت
رياست جو درجو 24 January 1950
گاديءَ جو هنڌ لکنو
ڪل ضلعا 75 ضلعا
حڪومت
 • قسم ٻہ ايواني
ليجسليٽو ڪائونسل 100
ليجسليٽو اسيمبلي 403
+1 اينگلو انڊين کي گورنر نامزد ڪندو
راجيا سڀا 31
لوڪ سڀا 80
 • مجلس اتر پرديش جي حڪومت
 • گورنر رام نائڪ
 • وزير اعلي يوگي آديتيا ناٿ (بي جي پي )
 • ڊپٽي وزير اعلي ڪيشو پرساد موريا (بي جي پي )
دنيش شرما (بي جي پي )
 • چيف سيڪريٽري، انڊيا انوپ چندر پانڊي , آي اي ايس
 • ڊائريڪٽر جنرل پوليس، اتر پرديش او. پي. سنگھ , آء پي ايس
پکيڙ
 • ڪل 243,290 ڪ.م2 (93,930 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 4th
آبادي (2011)
 • ڪل 199,812,341

تاريخ

سن 700 کان 300 ق م ۾ ڪوسالا جي بادشاھت اڄوڪي اتر پرديش واري علائقي تي مشتمل ھئي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ ايوڌيا ھيو ھندو ديومالائي قصن مطابق اتي رامائڻ جي اوتار رام جي پڻ حڪومت رھي. ۽ ھندو مذهب جي اٺين اوتار ڪرشن جو ذڪر بہ ساڳئي علائقي سان منصوب ڪيل آهي جيڪو مھاڀارت جو ديومالائي ڪردار ھيو ۽ قصن مطابق مٿرا شھر ۾ ڄائو. گنگا نديءَ جي ميداني علائقن تي مشتمل ھن اتر پرديش جي ڌرتي ڪيتريون ئي بادشاھتون ڏٺيون جن ۾ موريا گھراڻي جي ايمپائر (320–200 ق م)، ، ڪشن ايمپائر (250 کان 100 عيسوي)، گپتا گهراڻي جي ايمپائر (300 کان 600 ع)، گرجارا پراٽيھارا ايمپائر (650 کان 1036 ع) . غلام گھراڻي جي سلطنت، سيدن جي سلطنت، خلجي گھراڻي جي سلطنت، تغلق گھراڻي جي سلطنت، لوڌي گھراڻي جي سلطنت، مغلن جي سلطنت شامل آهن. ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سرڪار ھن علائقي کي 1807 ۾ فتح ڪيو. 14 نومبر 1834 ۾ آگري جي پريزيڊنسي قائم ڪئي وئي. پھرين جنوري 1836 ۾ ڪمپني سرڪار ھن علائقي کي نارٿ ويسٽرن پراونسز جو نالو ڏنو. بعد ۾ اوڌ کي پنجاب ۾ شامل ڪيو ويو. وري 15 فيبروري 1877 ۾ اوڌ جي علائقي کي نارٿ ويسٽرن پراونسز ۾ شامل ڪيو. 22 مارچ 1902 ۾ ھن علائقي کي يونائيٽيڊ پراونسز آف آگرا اينڊ اوڌ جو نئون نالو ڏنو ويو.3 جنوري 1921 ۾ ھن علائقي کي يونائيٽيڊ پراونسز آف برٽش انڊيا جو نالو ڏنو ويو. پھرين اپريل 1937 ۾ کيس نئون نالو يونائيٽيڊ پروانسز ڏنو ويو. 15 آگسٽ 1947 ۾ ھي علائقو انڊيا جو حصو ٿي ويو. 24 جنوري 1950 ۾ کيس نئون نالو اتر پرديش ڏنو ويو.

ٻوليون

ھتان جي سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي ھندي آھي جيڪا رياست جي سرڪاري ٻولي آھي.

جاگرافي

ھن رياست جون حدون اولھ ۾ راجھستان، اتر اولھ ۾ ھريانا، ھماچل پرديش ۽ دھلي سان ، اتر ۾ اتر کنڊ ۽ نيپال سان ، اوڀر ۾ بھار سان، ڏکڻ ۾ مڌيا پرديش، ڏکڻ اوڀر ۾ جرکنڊ ۽ ڇتيس ڳڙھ سان ملن ٿيون.ھن رياست جا ٻہ وڏا درياء گنگا ۽ جمنا الہ آباد جي علائقي پرياگ راج لڳ ملي ھڪ ٿين ٿا ۽ گنگا جي نالي سان اڳتي اوڀر طرف وھن ٿا. ھن رياستجي پکيڙ 243٬290 ڪلوميٽرزچورس (93٬933 sq mi) آھي جيڪا ملڪ جي ڪل پکيڙ جو 7.34 سيڪڙو آھي ۽ پکيڙ ۾ ھي رياست انڊيا جي چوٿين وڏي رياست آھي

اتر پرديش 
اتر پرديش گنگا نديءَ واري ميداني علائقي جي حصي طور ڏيکاريل

گنگا واري ميداني علائقي جو وڏو حصو اتر ۾ آهي جنھن ۾ گنگا جمنا وارو دوآبو، گھاگھرا وارو ميداني علائقو، تيرائي پڻ شامل آهي. جن جي ڏکڻ ۾ ونڌيا جبلن جون ننڍڙيون قطارون واقع آھن. ھن رياست ۾ 32 ننڍيون وڏيون نديون آهن جن ۾ گنگا، جمنا، سرسوتي، سارايو، بيٽوا ۽ گھاگھرا شامل آهن.

معيشت

ھي رياست انڊيا جي رياستن ۾ چوٿين وڏي معيشت آھي. 15.79 لک پائونڊ گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ ۽ 47.48 في ڪس جي ڊي پي رکندڙ آھي. ھن جي معيشت جا وڏا حصا زراعت ۽ خدمت واريون صنعتون آھن. خدمت واري سيڪٽر ۾ سفر ۽ سياحت، ھوٽلن واري صنعت، ريئل اسٽيٽ، انشورنس ۽ مالياتي صلاحڪاري شامل آهن.

انتظامي ورھاست

اتر پرديش 75 ضلعن ۾ ورھايل آھي جيڪي 18 ھيٺين ڊويزنن ۾ شامل آهن:

  1. سھارنپور
  2. مراد آباد
  3. بريلي
  4. لکنو
  5. ديوي پتن
  6. بستي
  7. گورکپور
  8. ميروت
  9. علي ڳڙھ

  1. آگرا
  2. ڪانپور
  3. فيص آباد
  4. اعظم ڳڙھ
  5. جھانسي
  6. چتراڪوٽ
  7. الہ آباد
  8. ورانسي
  9. مرزا پور

اتر پرديش 
اتر پرديش جون ڊويزنون

ھيٺ آبادي جي لحاظ کان اتر پرديش جا وڏا ضلعا بيان ڪجن ٿا.

شمار (انڊيا ۾) ضلعو آبادي واڌ جي شرح(%) جنس جي شرح (عورتون 1000 مردن جي ڀيٽ ۾ تعليمي شرح (%)
13 الہ آباد 5,954,391 20.63 901 72.32
26 مراد آباد 4,772,006 25.22 906 56.77
27 غازي آباد 4,681,645 42.27 881 78.07
30 اعظم ڳڙھ 4,613,913 17.11 1019 70.93
31 لکنو 4,589,838 25.82 917 77.29
32 ڪانپور نگر 4,581,268 9.92 862 79.65
50 بريلي 4,448,359 22.93% 887 58.5
اتر پرديش جا ڏھ لکن کان مٿي آبادي وارا شهر(2011 جي آدمشماري مطابق)
نالو آبادي
ڪانپور 2,920,067
لکنو 2,901,474
غازي آباد 2,358,525
آگرا 1,746,467
ويرانسي 1,435,113
ميروت 1,424,908
الہ آباد 1,216,719
بريلي 979,933


ھر ضلعي جو انتظامي نگران ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ آهي جيڪو انڊين ايڊمنسٽريٽو سروس ھوندو آھي. ھر ضلعو ذيلي ڊويزنن ۾ ورھايل آھي جيڪي بلاڪن پوء پنچائتن، ننڍن شھرن ، ميونسيپلٽين ۽ ڳوٺن ۾ ورھايل آھن. اتر پرديش کي ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھڻا وڏي آبادي وارا شھر آھن. ھن رياست جي شھري آبادي ساڍن چئن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ آهي جيڪا انڊيا جي شھري آبادي جو 11.8 سيڪڙو آھي. رياست ۾ ميونسپل ڪارپوريشنن جو تعداد 14 آھي.

حوالا

Tags:

اتر پرديش تاريخاتر پرديش ٻوليوناتر پرديش جاگرافياتر پرديش معيشتاتر پرديش انتظامي ورھاستاتر پرديش حوالااتر پرديشAbout this soundInternational Alphabet of Sanskrit TransliterationUttar Pradesh.oggانگريزيوڪيپيڊيا:IPA for English

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

پاڪستانلوڪ ادباصحاب صفهعدليهڀاڳو ڀانٿوھي واري ڊالفنڪڪڙانيسمھنحسن علي آفنديزراعتنيو سائوٿ ويلزنيروبيايڪڙطوطوهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجچٽساليآئيني بادشاهتاتر آمريڪاغلام حسين ھدايت اللهآذربائيجاني ٻوليويلزڪمپيوٽرفلم جي درجابندي جو برطانوي بورڊاسڪولعلم بديعواٽس ايپموريشسناٽپنهوروڪي لغتلیماک رکوردزپسمنظرگھاناسيتا ڦلقانون ساز اداروبابر بادشاههعبيدالله سنڌيعلامت نگاريملاکڙوابوبڪر صديقعمران خانگڏيل بادشاھتانسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجيعددسيف سميجوتائيوانسنڌ جي تاريخجنسيتباربانيہآبدوزميڊيڪل اميجنگعيسائيرُٿ فائوسعودي عرب جا صوبااين اي-1 (اپر چترال ۽ لوئر چترال)ماءٌباسڪٽ بالسلطان ڪوٽسرو🡆 More