آرمينيا: اولھ ايشيا جو ھڪ ملڪ

آرمينيا:(انگريزي: Armenia ) (i/ɑrˈmiːniə/;، جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف آرمينيا آھي، يوريشيا جي علائقي ڏکڻ ڪوھ قاف جو ملڪ آھي جيڪو اولھ ايشيا ۾ واقع آهي.

ان جو سرحدون اولھ ۾ ترڪي سان، اتر ۾ جارجيا سان، اوڀر ۾ ڊي فيڪٽو نگورنو ڪاراباخ جي آذربائيجاني علائقي ۾ نام نھاد ريپبلڪ آف ارتسخ ۽ ڏکڻ ۾ ايران ۽ آذربائيجاني ايڪسڪليو نخجوان سان ملن ٿيون. اھو ھڪ وحداني، ڪثيرالجماعت، ڊيموڪريٽڪ قومي رياست آھي جيڪا ھڪ قديم ثقافتي ورثو رکي ٿي.اتر اوڀر ايشيا جي ڪوچڪ ۽ ڏکڻ اولهه ٽرانس ڪاڪيشيا جو هڪ تاريخي علائقو آهي، جيڪو ترڪيءَ جي اتر اوڀر ۾ واقع آهي، جنهن جي پکيڙ لڳ ڀڳ ساڍا يارهن هزار چورس ميلن تي پکڙيل آهي، آرمينيا ڪنهن وقت روس جي رياست به رهيو آهي. هن جي آبادي چاليهه لکن کان مٿي آهي. آرمينيا جو گهڻو حصو پهاڙي آهي. چيو وڃي ٿو ته طوفان نوح کانپوءِ حضرت نوح جو ٻيڙو اچي هتي لٿو. هتان جي آبهوا پاڪستان جي آبهوا سان هڪجهڙائي رکي ٿي. هتان جا رهواسي مشرقي قوم جي نسل مان آهن، جيڪي انڊو يورپين ماڻهن سان گڏجي ويا آهن. هتان جي مقامي زبان فارسي سان ملندڙ جلندڙ آهي.

ريپبلڪ آف آرمينيا

Flag of آرمينيا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: "اسان جو اباڻو وطن"
Location of آرمينيا
گادي جو هنڌ يريوان
سڀ کان وڏو شهر يريوان
دفتري ٻوليون آرمينيائي
نسلي گروھ (2011)
  • 98.1% آرمينيائي
  •   1.2% يزيدي
  •   0.4% روسي
  •   0.3% ٻيا
مذهب عيسائيت (آرمينيائي حواري ڪليسا)
مقامي آبادي آرمينيائي يا آرمينيئن
حڪومت وحداني پارلياماني ريپبلڪ
• صدر
آرمين سرڪسيئن
(9 اپريل 2018 کان)
• وزيراعظم
نڪول پاشينيان
(8 مئي 2018 کان)
•  نيشنل اسيمبلي جو صدر
آرارات ميرزويان(14 جنوري 2019 کان)
مقننه نيشنل اسيمبلي
بنياد ۽ آزادي
• بنياد پيو
2492 ق م
• حايازا- ازي
1500–1290 ق م
• شوپريا
14 ھين صدي- 1190ق م
• اووراتوو
860–590 و م
• اروندي شاھي خاندان
6 ھين صدي ق م
•  عظيم آرمينيائي بادشاھت
جنھن ۾ آرمينيا متحد ٿيو
آرتاشيسي گھراڻي ھيٺ
190 ق م
• آرشاڪوني گھراڻو
52–428
• باغراتي آرمينيا
885–1045
• سليشيا واري آرمينيائي بادشاھت
1198–1375
• آرمينيا جي پھرين ريپبلڪ

28 مئي 1918
• سويت يونين کان آزادي ورتائين .
23 آگسٽ 1990b
21 سيپٽمبر 1991c
26 ڊسمبر 1991d
پکيڙ
• جملي
29٬743 km2 (11٬484 sq mi) (138th)
• پاڻي (%)
4.71
آبادي
• 2016 اندازو
2,924,816
• 2011 مردم شماري
کم 3,018,854 (134th)
•  گھاٽائي
101.5 /km2 (262.9 /sq mi) (99th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$27.212 billion
• في سيڪڙو
$9,098
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$11.037 ارب ڊالر

45°E / 40°N 45°E / 40; 45

تاريخ

آرمينيائي حڪومت ستين صدي ق . م ۾ قائم ٿي. اوراتو آرمينيا جي مٿاھين پٽ وارو علائقو آهي جتي 680 ق م بادشاهت قائم ٿي جيڪا 590ق م تائين رھي ۽ ان جو گاديءَ جو هنڌ سگونيا شھر ۾ ھو. ان بعد اھو علائقو آرمينيا جي ساتراپي (دؤر:570 ق م کان 201 ق م ) نالي قائم ٿيل بادشاهت جي حڪومت ھيٺ رھيو جنھن جو گاديءَ جو هنڌ اربوني ھو جيڪو موجوده يريوان لڳ واقع ھو ۽ آرمينيا جو باقي حصو ساڳي وقت ميديائي گھراڻي جي حڪمراني (678 ق م کان 549 ق م) ۾ رھيو جنھن جو گاديءَ جو هنڌ ھگمتانه شھر ھيو جيڪو اولھ ايران ۾ واقع ھيو. 505 ق.م سائرس اعظم ان کي ايراني سلطنت ۾ شامل ڪيو. ساتراپي جي زوال بعد آرمينيا جي بادشاھت (دؤر:331 ق م کان 428ع) قائم ٿي. جڏهن سڪندر اعظم 330 ق.م ايران فتح ڪيو ته سلوڪسي (Selevcid)، سلطنت جو حصو بنجي ويو. (سلوڪس سڪندراعظم جو هڪ جرنيل هو). سڪندراعظم جي وفات کانپوءِ سندس جرنيلن ان جي حڪومت پاڻ ۾ ورهائي ڇڏي. سلوڪس جي حصي ۾ شام ۽ اوڀرندي حصي وارا علائقا آيا. هتي سلوڪس خاندان 312 ق. م کان 364 ق. م تائين حڪومت ڪئي. آرمينيا جي بادشاهت شروع ۾ اروندي گھراڻي (دور: 600 ق م کان 200ق م) پوء

آرمينيا: تاريخ, جاگرافي, حڪومتي ۽ سياسي نظام 
آرمينيا 150 ق م ۾

آرتاشسي گھراڻي (190 ق م کان 12ع) پوء ارشڪاني گھراڻي (دؤر: 12ع کان 428ع) حڪومت ڪئي. ٻي صدي ق.م ۾ روم ۽ سلوڪسي حڪومتن ۾ جنگ لڳي. ان عرصي دوران آرمينيا آزاد ملڪ بنجي ويو. آرمينيا 94 ق.م کان 56 ق. م تائين مشرق قريب جي سڀني حڪومتن کان طاقتور حڪومت هئي.ان کي دنيا جي سڀ کان قديم عيسائي مملڪت چيو ويندو هو.

آرمينيا: تاريخ, جاگرافي, حڪومتي ۽ سياسي نظام 
ايچميڊزين ڪيٿيڊرل آرمينيا جو مڌر چرچ 303ع ۾ قائم ٿيل جنھن کي دنيا جي قديم ترين چرچ ۾ شمار ڪيو ويندو آهي

ڇاڪاڻ ته 300ع ۾ هتان جي بادشاهه ترمي دانس عيسائيت کي سرڪاري مذهب قرار ڏنو هو پھرين صدي عيسويءَ ۾ آرمينيا دنيا جو پھريون ملڪ ھيو جنھن رياستي سطح تي عيسائيت جو مذھب اختيار ڪيو پنجين صدي عيسويءَ ۾ آرمينيائي بادشاهت بازنطيني ايمپائر ۽ساساني ايمپائر ۾ ورھائجي وئي. نائين صدي عيسويءَ ۾ آرمينيا ۾ وري آرمينيائي بادشاهت باگراتوني گھراڻي قائم ڪئي جيڪا بازنطيني ايمپائر سان جنگن ڪري زوال پذير ٿي وئي اٺين صدي عيسويءَ ۾ هي ملڪ عربن جي قبضي هيٺ اچي ويو. يارهين صدي عيسويءَ ۾ سلجوقين ان تي قبضو ڪيو. 1045 ع ۾ آرمينيا ترڪن جي سيلجوڪ ايمپائربجي قبضي ۾ اچي ويو. ھڪ آرمينيائي پرنسپلٽي جيڪا پوء سليسيائي بادشاهت ۾ تبديل ٿي وئي يارھين ۽ چوڏھين صدين وچ ۾ ميڊيٽرينئن سمنڊ تي قائم ٿي. سورھين ۽ اوڻويھين صدين وچ ۾ روايتي آرمينيائي وطن اوڀر آرمينيا ۽ اولھ آرمينيا تي مشتمل ھيو جيڪي خلافت عثمانيه ۽ فارسي ايمپائر جي قبضي ۾ ھيا ۽ انھن تي واري واري سان انھن ايمپائرن ٻن صدين کان وڌيڪ عرصي تائين حڪومت ڪئي. اوڻويھين صديءَ ۾ اوڀر آرمينيا تي روسي ايمپائر قبضو ڪيو جڏھن ته اولھ آرمينيا خلافت عثمانيه جي قبضي هيٺ هو. آرمينيا سورهين صديءَ ۾ ترڪ سلطنت عثمانيه جو حصو بڻجي ويو. آرمينيا جي ڪجهه حصي تي روس ۽ ايران جو به قبضو رهيو.

آرمينيا: تاريخ, جاگرافي, حڪومتي ۽ سياسي نظام 
آرمينيا جو نقشو

پھرين جنگ عظيم ۾ عثماني خلافت ھڪ منصوبي تحت پندرهن لک آرمينيائي ماڻھن کي ماري انھن جي نسل ڪشي ڪئي. پهرين جنگ عظيم ۾ ترڪيءَ کي شڪست ملي، 1917ع ۾ روس ۾ سوشلسٽ انقلاب کانپوِ 1918ع ۾ آرمينين پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر 1920ع ۾ ترڪيءَ ۽ روس جي حڪومتن ٻيهر ان تي قبضو ڪري ورتو] . 1918 ۾ روسي انقلاب اچڻ سان روسي ايمپائر جو خاتمو ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ سڀني روسي قبضي وارن ملڪن آزادي جا اعلان ڪري ڌار ٿي ويا جن ۾ آرمينيائي ريپبلڪ پڻ شامل ھئي. 1920ع ۾ آرمينيا جي ريپبلڪ ٽرانسڪاڪيشن سوشلسٽ فيڊريٽو ريپبلڪ ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ 1922ع ۾ اھا ريپبلڪ سوويت يونين بجي باني رڪن ٿي. 1936ع ۾ ٽرانسڪاڪيشن سوشلسٽ فيڊريٽو سوويت ريپبلڪ کي ٽوڙي آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ، جارجيا سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ سان گڏوگڏ آرمينيائي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ قائم ڪيون ويون جيڪي سوويت يونين جون رڪن ٿيون. آرمينين سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ 1991ع ۾ ٽٽي وئي ۽ ھاڻوڪي آرمينيائي ريپبلڪ قائم ٿي.

جاگرافي

آرمينيا چوڌاري زمين سان گھيريل ملڪ آھي جيڪو ٽرانس قفقاز (ڏکڻ ڪوھ قاف) واري خطي ۾ ڏکڻ ڪوھ قاف واري جبلن سميت ڪيسپئن سمنڊ ۽ ڪاري سمنڊ جي وچ واري ھيٺاھين ميدانن ۾ واقع آھي. آرمينيا جا اتر اوڀر وارا مٿانھان ميدان اولھ ايشيا ۾ واقع آھن. اھي مٿانھان ميدان اولھ ۾ ترڪي ۽ اتر ۾ جارجيا، اوڀر ۾ آذربائيجان ۽ ڊي فيڪٽو خودمختيار ارتسخ ريپبلڪ ۽ ڏکڻ ۾ ايران ۽ نخجوان جي اينڪليو جي سرحدن سان وڃي لڳن ٿا

ٽوپو گرافي

آرمينيا: تاريخ, جاگرافي, حڪومتي ۽ سياسي نظام 
آرمينيا جا جبل ۽ ٻرندڙ جبل

آرمينيا جي پکيڙ 29٬743 ڪلوميٽرزچورس (11٬484 sq mi) آھي. آرمينيا جي زمين گھڻي ڀاڱي جابلو آھي جتان تيز نديون وھن ٿيون ۽ ان تي ڪجهه ٻيلا پڻ آھن. سطح سمنڊ کان اتان جي زمين 390 ميٽر (1٬280 ft) کان 4٬090 ميٽر (13٬419 فٽ) تائين بلند آھي ۽ سمنڊ جي سطح کان مٿي 39 ميٽرن کان گھٽ ڪوبه علائقو ڪانھي بلندي جي لحاظ کان ھي ملڪ دنيا جي ڏھن بلند ترين ملڪن ۾ شامل آهي. ان جا جابلو علائقا بلندي ۾ سوئيٽزرلينڊ ۽ نيپال کان بہ وڌيڪ بلند آھي. ڪوھ آرارات تاريخي طور تي آرمينيا جو حصو رھيو آھي پر ھن وقت ترڪي ۾ شامل آھي، ھن علائقي جي بلندي ترين چوٽي آھي. اھو جبل آرمينيا مان پڻ نظر ايندو آهي. اھو جبل آرمينيا جو سڃاڻپ سمجھيو ويندو آھي ڇوتہ آرمينيا جي سرڪاري نسبتي نشان ۾ اھو جبل شامل آھي

موسم

آرمينيا: تاريخ, جاگرافي, حڪومتي ۽ سياسي نظام 
ڪوپن گيئگر آبھوا جي درجابندي وارو آرمينيا جو نقشو

آرمينيا جي آبھوا اونھاري ۾ گرم ، خشڪ ۽ سج واري ھوندي آھي جيڪا جون کان سيپٽمبر جي وچ تائين ھلندي آهي. گرمي پد 22 ۽ 36 °C (72 ۽ 97 °F) جي وچ ۾ ڦرندو رهندو آهي. ان ھوندي بہ گھم تيز گرمي جي اثر کي زائل ڪندي آهي. شام واريون وڻندڙ ٿڌيون ھوائون جبلن ھيٺ گھلنديون آھن. ھتي بھار گھٽ ۽ سرء وڌيڪ ٿيندو آهي. ھتي جو سيارو تمام ٿڌو ۽ برف گھڻي پوندي آهي. سردي ۾ گرمي پد −10 ۽ −5 °C (14 ۽ 23 °F) تائين ھوندو آھي. سياري ۾ ھتي برف تي اسڪيئنگ راند کيڏي ويندي آهي. سيوان ڍنڊ آرمينيا جي مٿاھين حصي تي واقع آهي ۽ اھا دنيا جي اندر سامونڊي سطح کان بلند ترين ٻيون نمبر وڏي ڍنڍ آھي.

حڪومتي ۽ سياسي نظام

آرمينيا: تاريخ, جاگرافي, حڪومتي ۽ سياسي نظام 
يريوان ۾ واقع آرمينيا جي نيشنل اسيمبلي

آرمينيا ۾ پارلياماني جمھوريت قائم آھي. ان کان اڳ اپريل 2018 تائين ملڪ جي آئين تحت نيم صدارتي نظام رائج ھيو. موجوده آئين مطابق صدر رياست جو سربراھ ۽ وزيراعظم حڪومتي سربراھ آھي. قانونسازي جا اختيار نيشنل اسيمبلي وٽ آهي جنھن کي ازگين زوگوف چوندا آهن جيڪا ھڪ ايواني پارليامينٽ آھي.

آرمينيا: تاريخ, جاگرافي, حڪومتي ۽ سياسي نظام 
يو ايس سيڪريٽري مائيڪ پومپيو آرمينيائي صدر آرمين سرڪسيئن سان گڏ

آرمينيا 2 مارچ 1992 تي گڏيل قومن جو رڪن ٿيو.

انتظامي ورهاست

آرمينيا: تاريخ, جاگرافي, حڪومتي ۽ سياسي نظام 
ڪوٽائيڪ صوبي ۾ گيگار خانقاہ

آرمينيا ۾ ڏھ صوبا آھن. ھن ملڪ ۾ صوبي کي مارز ۽ صوبن کي مارزر چوندا آهن. صوبي جي گورنر کي ماررزپيٽ چوندا آهن يريوان ملڪ جي گادي جو هنڌ آهي جنھن ۾ 12 ضلعا آهن.

صوبو گاديءَ جو هنڌ پکيڙ
چورس
ڪ م
آبادي †
آراگاتسوتن صوبو اشتاراڪ 2,756 132,925
آرارات صوبو آرتاشات 2,090 260,367
آرماوير صوبو آرماوير 1,242 265,770
گگارڪونيڪ صوبو گاوار 5,349 235,075
ڪوتايڪ صوبو ھرازدان 2,086 254,397
لوري صوبو وانادزور 3,799 235,537
شيراڪ صوبو گيومري 2,680 251,941
سيونيڪ صوبو ڪاپان 4,506 141,771
تاووش صوبو ايجوان 2,704 128,609
وايوتس جور صوبو يغگنادزور 2,308 52,324
يريوان صوبو يريوان شھر 223 1,060,138

† 2011 جي آدمشماري
وسيلا: صوبن جي پکيڙ ۽ آبادي

معيشيت

آرمينيا ھڪ ترقي پذير ملڪ آھي. 2018 جي انساني ترقي جي اشاريي مطابق ھن ملڪ جي شرح مطابق شمار 81 نمبر تي ھيو ھن ملڪ جي معيشت جو سڀ کان وڏو ذريعو سمنڊ پار آرمينيائي ماڻھن جي سيڙپڪاري آھي. آزادي کان اڳ ھن رياست جي معيشت م ڪيميائي صنعت، اليڪٽرانڪس، مشينري، کاڌي ٺاھڻ واري صنعت، مصنوعي رٻڙ، ڪپڙي جي صنعت تي مشتمل ھئي. سوويت يونين واري دؤر ۾ زرعي ترقي ۾ ھي رياست پوئتي رھي. آزادي کان پوءِ ھتي زراعت کي فروغ ڏنو ويو .

آرمينيا: تاريخ, جاگرافي, حڪومتي ۽ سياسي نظام 
يريوان آرمينيا جو معاشي ۽ ثقافتي مرڪز آھي

آرمينيا جي کاڻن مان سون، شيھو، جست ۽ ٽامو نڪري ٿو. ھن ملڪ جي توانائي جون ضرورتون روس پوريون ڪري ٿو. تيل، گيس ۽ ائٽمي توانائي وارن ريئيڪٽرن جو تيل سمورو روس مان درآمد ڪيو وڃي ٿو. توانائي جو سڀ کان وڏو سرچشمو ھائڊرو اليڪٽرڪ آھي. ملڪ ۾ تيل گيس ۽ ڪوئلي جا ننڍا ذخيره آھن پر اُنھن جي نيڪالي جي صلاحيت ناڪافي آهي. ھن ملڪ جي ماحولياتي صفائي لاء ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ۽ ٻين زھريلن عنصرن جي نيڪال واري بايوو ڪئپيسٽي تائين پھچ ڏاڍي گھٽ آھي. عالمي ڀيٽ ۾ ھن ملڪ جي شرح ,2019 ۾ 0.8 ھيڪٽر تائين مس ھئي

تعليم

آرمينيا: تاريخ, جاگرافي, حڪومتي ۽ سياسي نظام 
يريوان اسٽيٽ يونيورسٽي


وچولي دؤر م گلادزور يونيورسٽي ۽ تاتيف يونيورسٽي آرمينيا جي تعليم ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪيو. سوويت دؤر ۾ 1960 تائين ھتان جي ماڻھن جي تعليمي شرح %100 ھئي. 1988 ۽ 1989 واري تعليمي سال دوران ھر 10000 پري سيڪنڊري شاگردن مان صرف 301 شاگرد. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي جيڪا سوويت دؤر واري تعليمي شرح کان گھٽ ھئي. 1990-91 واري تعليمي سال ۾ 1,307 پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ 608,800 شاگرد داخلا ھئا.

نگارخانو

حوالا

Tags:

آرمينيا تاريخآرمينيا جاگرافيآرمينيا حڪومتي ۽ سياسي نظامآرمينيا انتظامي ورهاستآرمينيا معيشيتآرمينيا تعليمآرمينيا نگارخانوآرمينيا حوالاآرمينياListenارتسخانگريزيايرانترڪيجارجيافائل:En-us-Armenia.oggنگورنو ڪاراباخوڪيپيڊيا:IPA for Englishيوريشياپاڪستانڊي فيڪٽو

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ڪيوٽوسگريٽسنڌي وڪيپيڊياڪارونجھر جبل جو سلسلودوستيشڪارپوري آچارپلوٽوپاڪستانپاڪستان ۾ ائٽمي توانائي1لغاري (قبيلو)جانداررزميه شاعريحاجي فقير الله علويپيٽيونياماليقومالف ليليٰاي ميلفلپائنهند۔يورپي ٻوليونترائيلموسيقيعالمگير ويبآڙيعثماني سلطنتخاڪشيرعبدالرحيم گرهوڙيپاڪستان جي پارليامينٽحياتياتي جنسڪاروبارچين جي عظيم ديواروڪيميڊيا فائونڊيشنپاڪستان جي رياستي علامتجنطيانہبيتٽيٽم ٻوليفرشبيلاروس1868عبگوٽاسچل سرمستپاڪستاني رپيوانگريزي وڪيپيڊيا1930عارتقاترڪي ٻوليموريتانياعبدالستار ايڌيلٿوينيايونيورسٽيمغربي صحارادمشقهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجبرابر عالمي وقتکيرٿر جبلن جو سلسلوروزانه ڪاوشايام تشريقگلابسکر تعلقوسينيگالآتم ڪهاڻيپروليمخففشمس العلماءعشقشيخ ايازانسان🡆 More