اينڊروئيڊ: موبائل آپريٽنگ سسٽم

اينڊروئيڊ (اردو: اینڈروئیڈ، انگريزي ٻولي: Android (operating system)) سمارٽ فونز ۽ ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽرن لاءِ لينڪس تي مبني هڪ آپريٽنگ سسٽم آهي.

هي اوپن هينڊسيٽ اتحاد، گوگل ۽ چند ٻين واپاري اِدارن گڏجي تيار ڪيو. شروعات ۾ هِن آپريٽنگ سسٽم کي انڊرائيڊ ڪمپني طرفان ٺاهيو ويو. جنهن کي بعد ۾ 2005ع تي گوگل طرفان خريد ڪيو ويو. اينڊروئيڊ کي 2007 ۾ عوام ۾ ظاهر ڪيو ويو جڏهن ته ايڇ ٽي سي موبائيل ڪمپني طرفان سيپٽمبر 2008 ۾ متعرف ڪرايو ويو. اينڊروئيڊ جو هلندڙ ورجن 10.0 آهي جنهن کي اينڊروئيڊ 10 جو نالو ڏنو ويو آهي. جيڪو 3 سيپٽمبر 2019 ۾ متعرف ڪيو ويو. اينڊروئيڊ جي اوپن سورس ڪوڊ کي اينڊروئيڊ اوپن سورس پروجيڪٽ (اي او ايس پي) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. جنهن کي اختياري اپاچي لائينس طرفان مليل آهي.

اينڊروئيڊ
اينڊروئيڊ: تاریخ, فيچرز, ورجن (نسخا)
Logo since 2019
لکيو ويو Java (UI), C (core), C++ and others
او ايس خاندان يونيڪس لائيڪ (موڊيفائيڊلنڪس ڪرنيل)
ڪم جي حالت هلندڙ
سورس ماڊل اوپن سورس
شروعاتي اشاعت سيپٽمبر 23, 2008؛ 15 سال اَڳُ (2008-09-23)
Latest release اينڊروئيڊ 10 / سيپٽمبر 3, 2019؛ 4 سال اَڳُ (2019-09-03)
مارڪيٽنگ حدف Smartphones, tablet computers, smart TVs (Android TV), Android Auto and smartwatches (Wear OS)
ميسر آھي 100+ languages
Update method Over-the-air
Package manager APK-based
Platforms 32- and 64-bit ARM, x86 and x86-64
Kernel type Linux kernel
Userland Bionic libc, mksh shell, Toybox as core utilities (beginning with Android 6.0)
Default user interface Graphical (multi-touch)
License
  • Apache License 2.0
  • GNU GPL v2 for the Linux kernel modifications
ويبسائيٽ www.android.com
Articles in the series
Android version history

تاریخ

اينڊروئيڊ انڪارپوريٽڊ متحده آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا ۾ 2003 ۾ قائم ٿِي جنهن کي 2005 ۾ گوگل خريد ڪيو هو. 2007 ۾ اوپن هينڊسيٽ اتحاد نالي هڪ تنظيم سامهون آئي جنهن ۾ ڪُجهه واپاري ادارا بروڊڪام ڪارپوريشن، گوگل، ايڇ.ٽي.سِي، انٽيل، ايل.جي، مارويل ٽيڪنالاجي گروپ، موٽورولا، نويڊيا، والڪوم، سامسنگ اليڪٽرانڪس، سپرنٽ نيڪسٽل، ٽي_موبائل ۽ ٽيڪساس انسٽرومنٽس شامل هُئا

فيچرز

انٽرفيس

اينڊروئيڊ جو صارِف انٽرفيس سِڌي حرڪت تي مشتمل آهي، ٽَچ اِنپُٽ استعمال ڪرڻ مهل حقيقي دنيا جيان لڳندو آهي، جيئن اسڪرين تي پيل شين کي گھِلي ٻئي جاءِ تي منتقل ڪرڻ.

ايپليڪيشنز

ايپليڪيشنز (ايپس) جيڪي اينڊروئيڊ ڊوائيس جي فنڪشن کي هلائن ٿيون، ”اينڊروئيڊ سافٽويئر ڊولپمينٽ ڪِٽ“ کي استعمال ڪندي لکيون ويون آهن، انکان علاوه ”جاوا“ پروگرامنگ ٻولِي کي پڻ اينڊروئيڊ تي مڪمل اختيار حاصل آهي. ايپليڪيشن ٺاهڻ لاءِ مختلف سافٽويئر استعمال ڪيا وڃن ٿا، ڊسمبر 2014 ۾ گوگل پاران ”اينڊروئيڊ اسٽوڊيو“ نالي هڪ سافٽويئر لانچ ڪيو ويو جيڪو اينڊروئيڊ ايپليڪيشن ٺاهڻ لاءِ IntelliJ IDEA تي مشمل آهي.

ورجن (نسخا)

اينڊروئيڊ جي ڊسمبر 2009 کان پوءِ ، سيپٽمبر 2015 جو اينڊروئيڊ ورجن 4.4 ”ڪِٽڪيٽ KitKat“ سڀ کان وڌيڪ مشهور اينڊروئيڊ ورجن آهي جيڪو 39.2% اينڊروئيڊ ڊوائسز ۾ موجود آهي. ٻئين نمبر تي ”جيلي بِينJelly Bean“ جا مختلف ورجن آهن (4.1–4.3.1). هر اينڊروئيڊ ورجن کي الڳ نالو ڏنو ويندو آهي، اينڊروئيڊ جا سڀئي ورجن هيٺ ڏجن ٿا.

  1. اينڊروئيڊ ایلفا
  2. اينڊروئيڊ بِیٽا
  3. اينڊروئيڊ 1.5 ڪپ ڪيڪ
  4. اينڊروئيڊ 1.6 ڊونٽ
  5. اينڊروئيڊ 2.0 ایڪلیر
  6. اينڊروئيڊ 2.2 فرویو
  7. اينڊروئيڊ 2.3 جنجربریڊ
  8. اينڊروئيڊ 3.0 هني ڪومب
  9. اينڊروئيڊ 4.0 آئس ڪريم سينڊوچ
  10. اينڊروئيڊ 4.1 جیلي بین
  11. اينڊروئيڊ 4.4 ڪِٽ ڪيٽ
  12. اينڊروئيڊ 5.0 لالي پوپ
  13. اينڊروئيڊ 6.0 مارشمیلو
  14. اينڊروئيڊ 7.0 نگٽ
  15. اينڊروئيڊ 8.0 اوريو
  16. اينڊروئيڊ 9.0 پائي
  17. اينڊروئيڊ 10.0 انڊرائيڊ 10

حوالا

Tags:

اينڊروئيڊ تاریخاينڊروئيڊ فيچرزاينڊروئيڊ ورجن (نسخا)اينڊروئيڊ حوالااينڊروئيڊاردوانگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

پرڏيهي امداد1789عگليليئو گليليئيايشيا ۾ اسلامويب سائيٽٿر1454عوارياللهانگريزي وڪيپيڊياڪشميرلڪي شاھ صدرخلافت تحريڪدللاکڙو707عمحمد صديق مسافروڪي مينياامام بخاريفادر ڪوٽواڻيگليلبدڪسنڌي وڪيپيڊياذوالفقار علي ڀٽونبي بخش بلوچنسيم کرلڳُئي جڀپوٺو ابراهيمآباديمحمدآزادي1305عفلسفو825عپاڻ تي ڀاڙڻحواسمالڪ دينار مسجدميڊياوڪيفهرست پاڪستان جا ريگستان1603عرت جي دوري جو سرشتوپگهار27 سيپٽمبرشيلا راماڻيڪرسٽوفر ڪولمبسحرف صحيحهيلن بوليڪجدگالي لهجوانساني هاضمي جو سرشتوجيڪ مابرونائيڄرسج گرهڻديھ لتيڻيون🡆 More