سائنس: علم جو نالو

سانچو:سائنس

سائنس: تشريح, جديد سائنس, سائنس جي تاريخ
The scale of the universe mapped to the branches of science and the hierarchy of science.

تشريح

سائنس، لاطيني (Latin)ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڄاڻ يا معلومات. يعني مشاهدي ۽ تجربن جي آڌار تي حاصل ٿيندڙ علم کي سائنس چئبو آهي.

سائنس ڪائنات متعلق آزمودہ وضاحتن ۽ اڳڪٿين جي باري ۾ ڄاڻ کي حاصل ۽ منظم ڪرڻ واري ھڪ باضابطا ڪم جو نالو آهي موجودہ سائنس جون ظاھري طور تي ٽي شاخون آهن. 1.نيچرل سائنس، 2. سوشل سائنس ۽ 3. فارمل سائنس.انھن مان نيچرل سائنس مادي دنيا جي بابت علم آھي. سوشل سائنس ماڻھن ۽ معاشرن جي متعلق علم آهي.فارمل سائنس جيئن ميٿميٽڪس يا رياضي آھي. ڪجهه عالمن جو چوڻ آهي تہ فارمل سائنس حقيقي سائنس نہ آهي ڇو تہ ان جي ضابطن ۾ نظرين کي حقيقي مشاھدن سان پرکڻ ممڪن ناهي. سائنس جا اھڙا ضابطا جيڪي انجنيئرنگ ۽ ميڊيسن ۾ ڪم اچن انھن کي اپلائيڊ سائنس سمجھيو ويندو آھي.

ڪيترائي سوال انساني ذهن ۾ اُڀرندا رهن ٿا. ظاهر آهي ته جڏهن به ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڪي سوال پيدا ٿيندا ته سندس ذهن انهن جا جواب به ڳوليندو. انهيءَ ذهني ڳولا ۽ جاچ کي عام سائنسي ٻوليءَ ۾ ”سائنسي کوجنا“ ڪوٺيندا آهن. قرآن پاڪ ۾ ته ان ڳالهه جو خاص تاڪيد ڪيل آهي ته ”اي انسان، تون سج، چنڊ، تارن ۽ مُندن تي ويچار ڇو نٿو ڪرين؟“

ڏاها ماڻهو قدرت جي ڳالهين تي ويچار ڪندا هئا, يعني کوجنا ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت آخرڪار پنهنجي ذهن ۾ پيدا ٿيل سوالن جا جواب ڳولي لهندا هئا. هر کوجنا کان پوءِ کين نئين نئين ڄاڻ ملندي هئي. اِن سوچ ۽ کوجنا واري عمل کي ئي سائنس چئجي ٿو. سائنس نئين دؤر جو لفظ آهي. ڪابه شيءِ هڪدم وجود ۾ ڪانه ٿي اچي، اُن لاءِ ورهين جا ورهيه جاکوڙ ۽ جستجو ڪرڻي پوي ٿي. ائين به ناهي ته هر ڪا کوجنا، هر ڪا جاکوڙ هڪ ئي وقت ۾ هڪ انسان جي هٿان ٿي ٿئي. پهرين ڪنهن انسان کي اندر مان ڪو ويچار ايندو آهي، اُن ويچار کي ڏسي، ٻڌي، ٻيو ماڻهو وري ٻه وکون اڳتي وڌندو ۽ پوءِ اهو سلسلو اڳتي وڌي، ڪنهن نه ڪنهن ماڳ تي وڃي پڄندو، نتيجي ۾ ڪانه ڪا نئين شئي وجود ۾ اچيو وڃي.

گذريل هڪ سؤ سالن ۾ ئي سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي، جو عقل حيران آهي. لاتعداد شيون ايجاد ٿيون آهن، ۽ اسين هينئر به ائين نٿا چئي سگهون ته اڳتي هلي ڪجهه ايجاد نه ٿيندو؛ اسان کي پڪ آهي ته وقت سان گڏوگڏ نيون ايجادون ٿينديون، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته سائنس کي گهڻي اهميت ڏني وڃي ۽ هر علم جو مطالعو به جاري رکيو وڃي.

سائنس هڪ طرف اهو ڪيو جو پنهنجي تجزيي ۽ تجربي جي ذريعي نيٺ هيءُ ثابت ڪري ڇڏيو ته، سڀ شيون، ظاهري گهڻائيءَ جي باوجود، پنهنجي آخري تجزيي ۾ رڳو ايٽم جو ميڙ آهن ۽ ايٽم توانائي جي لهرن جو مجموعو آهي.

جديد سائنس

سائنس جي تاريخ

فطرت جي تصور جي ايجاد يا دريافت ٿيڻ کان پھريان يونان جا سقراط کان اڳ وارا فلاسافر اھي سڀ کان پھريان ماڻهو ھئا جن فطرت ۽ رسم جي وچ ۾ فرق کي سڃاتو.انھن فطرت کي اھو طريقو سمجھيو جنھن ذريعي ٻوٽن جي واڌ ٿيندي آھي ۽ رسم کي اھو طريقو سمجھيو جنھن سان ڪو قبيلو ڪنھن خاص ديوتا جي پوڄا ڪندو آھي.ايشيا مائنر يا اناطوليہ جي شھر مليسئس (Miletus) مئٿميٽيشن يا رياضي دان ٿليس (Thales) جي مليسئس ۾ قائم ڪيل مليسئن اسڪول (Milesian School) جي سقراط کان اڳ وارن فلاسافرن ۽ ٿليس کان بعد وارن فلاسافرن جن ۾ انيڪسيمينڊر ۽ انيڪسيمينز شامل آهن، اھي پھريان فلاسافر ھئا جن فطرت جي مظھرن کي مافوق الفطرت ھستين تي اعتبار ڪرڻ کانسواءِ سمجھائڻ جي پھرين ڪوشش ڪئي. پائٿاگورين (Pythagoreans) ڪامپليڪس نمبر فلاسافي ۾ اضافو ڪري ميٿميٽڪس جي ترقي ۾ خاطرخواه اضافو ڪيو. يوناني فلاسافر ليوسيپس ۽ ان جي شاگرد ڊيموڪرٽس ائٽمن جو نظريو ڏنو. يوناني ڊاڪٽر ھپوڪرٽس سسٽم واري ميڊيڪل سائنس جي روايت قائم ڪئي. ان کي ميڊيڪل سائنس جو ابو سڏيو ويندو آهي.


  • ==سائنس جون شاخون==

سائنس جو فلسفو

سائنس ۽ مذھب

حوالا

Tags:

سائنس تشريحسائنس جديد سائنس جي تاريخسائنس جو فلسفوسائنس ۽ مذھبسائنس حوالاسائنس

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

وڏو سمنڊاسمفلم جي درجابندي جو برطانوي بورڊخضدارخسويلزاڳاڙيڪڪڙواٽس ايپنظمآمونوياناترچ ميربحري جھازدائل ائيرنفلسفوڪانگريس ڪنٽرول نمبر لائبريرياحساس برتريجنسي لاڙوعددٻوٽارڌراماديوي (فلم)اڪراڪوروناوائرس مها وبا بلحاظ ملڪ ۽ علائقو، 2019-20اسپيڪٽرمسج لٿوحاجاڻي رحيمان منگيلوڪ ادبگنيايران10 سيپٽمبرسومرا شاهي گهراڻوآنڌرا پرديشٻين مھاڀاري جنگجهنڊونائيجرشنيد ايئرنڪيفعلي نواز چنہابوبڪر صديقمحمدجارج ايليٽانڪوائري آفيسر (ناول)وادي سنڌ جي تهذيبنيو يارڪ سٽيھواگگراڻبرازيلنارويسوئٽزرلينڊڊالر سفارتڪاريپاڪستان ائيرفورسلعل شهباز قلندراسماعيلي شيعہرُٿ فائوحليم بروهي5 آڪٽوبر🡆 More