ٽوگو


ٽوگو:(انگريزي: Togo ) (Listeni/ˈtɡ/) جنھن جو سرڪاري نالو ٽوگليز ريپبلڪ آهي، اولھ آفريڪا جو ھڪ خودمختيار ملڪ آھي جنھن جون سرحدون اولھ م گھانا، اوڀر ۾ بينن، اتر ۾ بورڪينا فاسو ۽ ڏکڻ ۾ گني واري سمنڊ سان ملن ٿيون. ھن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ لومي شھر آھي جيڪو گني واري سمند تي واقع آهي. ٽوگو جي پکيڙ 57000 چورس ڪلوميٽر آهي اھڙي طرح آفريڪا جي ننڍڙن ملڪن ۾ شامل آھي جنھن جي آبادي اٽڪل ڏھ لکن جي لڳ ڀڳ آهي. ھن ملڪ واري خطي م يارھين کان سورھين صديءَ دوران مختلف قبيلا لڏي ڦھلجندا ويا. ملڪ جو ساحلي علائقو غلامن جي خريد۽ فروخت جو مرڪز ھيو جتي يورپي واپاري اچي خريداري ڪندا هئا. ان واپار ھن ملڪ جي ساحل کي غلامن جي ساحل طور مشھوري ڏني. 1884 ۾ جرمني ھن علائقي جو نالو ٽوگو لينڊ کي پنھنجي زيرنگراني علائقو (Protectorate) بڻائي ڇڏيو. پھرين جنگ عظيم م ھن ملڪ جي حاڪميت فرانس جي حوالي ٿي. 1960 ۾ ھن ملڪ فرانس کان آزادي ورتي. 1967 ۾ ڪميونسٽ مخالف نيسنگبي آياديما فوجي بغاوت ذريعي ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪري ھڪ جماعتي ڊڪٽيٽر شپ قائم ڪئي. 1993 م ھتي گھڻ جماعتي صدارتي چونڊون ٿيون جن م ھي ڌانڌلي جي الزامن ۾ کٽي آيو ۽ اھڙي طرح ملڪ جو لاڳيتو ٽي ڀيرا صدر رھيو. مرڻ تائين ملڪ جو صدر رھيو. ان وقت ھن جو صدارتي عھدي جو لاڳيتو ڪل مدو 38 سال ھجڻ جي ڪري آفريڪا جو سڀ کان گھڻي دير تائين صدر رھڻ جو اعزاز رکندڙ حاڪم ھيو. 2005 م سندس پٽ فوري نيسنگبي (Faure Gnassingbé) صدر چونڊجي آيو.

ٽوگوليز ريپبلڪ

République togolaise (French)
Flag of Togo
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
شُعار: '"Travail, Liberté, Patrie" (French)
"Work, Liberty, Homeland"
ترانو: "Terre de nos aïeux" (French)
(انگريزي ٻولي: "Land of our ancestors")
مڪانيت  ٽوگو  (تيز نيرو رنگ)
مڪانيت  ٽوگو  (تيز نيرو رنگ)
گادي جو هنڌ لومي
6°8′N 1°13′E / 6.133°N 1.217°E / 6.133; 1.217
سڀ کان وڏو شهر لومي
دفتري ٻوليون فرانسيس
تسلیم ٿيل قومي ٻولي ايو  • ڪابيي
نسلي گروھ 99% ايو, ڪابيي , ٽيم , گوئرما , ۽ 33 ٻيا آفريڪي گروہ
1% يورپي، شامي نسل وارا لبناني
مقامي آبادي ٽوگوليزي
حڪومت وحداني غالب پارٽي صدارتي ريپبلڪ
• صدر
فئوري نيسنگي
• وزيراعظم
ڪومي سيلوم ڪلاسوء
مقننه نيشنل اسيمبلي
آزادي
• فرانس کان
27 اپريل 1960
پکيڙ
• جملي
56٬785 km2 (21٬925 sq mi) (123rd)
• پاڻي (%)
4.2
آبادي
• 2017 اندازو
7,965,055 (99th)
• 2010 مردم شماري
6,337,000
•  گھاٽائي
125.9 /km2 (326.1 /sq mi) (93rde)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$12.433 billion (150th)
• في سيڪڙو
$1,468
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$4.797 ارب ڊالر

ٽوگو جي موسم گرم آھي ۽ ھتان جا ماڻھو صحارا جي قوم سڏبا آهن جن جي معيشت زراعت تي دارومدار رکندڙ آھي ۽ اھا موسم سندن پوکن م فائدو پھچائيدڙ آهي. ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي فرينچ يا فرانسيسي آھي. ماڻھن جو مذھب راوايتي آفريڪي عقيدي تي مشتمل آهي پر عيسائي ۽ مسلمان بہ ھتي نمايان اقليتون آھن.

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

اوشوء جي آتم ڪھاڻي18 ڊسمبرمُک صفحوسکر ضلعووتايو فقيرمڇيآريجاعروضي شاعريٻٻر (وڻ)گيلڪي ٻوليمرزا اجمل بيگيونانخونسوجاپان جي تاريختابعدار رياستالبانياٽوئيٽرتحفته الڪرامتخيلاحمد ملاحاسپينجارج برنارڊ شاشاھراھ قراقرممراڪشاڙيا ٻوليڍنڍآفريڪا ۾ قومي پارڪن جي فهرستميڊياوڪيهندوڌرمجوڌپورنيدرلينڊزسانيٽنظمخيرپور ضلعوآگسٽاپريلفارسي ٻوليخلافت تحريڪتيلگو ٻوليگهوٽڪي ضلعوآمريڪا جون گڏيل رياستون1960عجوغلام حسين شاهه بخاريممبئياکوڪيپيڊيامادوجاب اينالائيسزفيملي ڪلچرگڏيل بادشاھتفلسفوصنم بلوچاحساسگاج ندياتر آمريڪالزبنڪاسلنقاشياي ميلسنڌ صوبائي اسیمبلي جي عام چونڊون، 2024عٽرانزسٽرسنبلعبدالرحيم گرهوڙينيپالسمبوسو🡆 More