ملاوي

ملاوي يا مالاوي (انگريزي: Malawi ) جو سرڪاري نالو جمهوريه ملاوي آهي.

اھو ڏکڻ-اوڀر آفريڪا جو خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي جنھن جو پراڻو نالو نياسالينڊ آهي. ان جون سرحدون اولھ ۾ زيمبيا سان، اتر ۽ اتر-اوڀر ۾ تنزانيا سان، اوڀر، ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اولھ ۾ چوڌاري موزمبيق سان ملن ٿيون. ملڪ جي پکيڙ 118484 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن جو ٽيون حصو ملاوي ڍنڍ ۾ شامل آھي. ملڪ جي آبادي 2018ع جي تخميني مطابق 18,143,217 آھي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ليلانگوي آهي جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر پڻ آھي. ملڪ جا ٻيا وڏا شھر ترتيبوار بلانتاير، مزوزو ۽ چوٿون وڏو شھر زومبا آھي جيڪو ملڪ جو پراڻو گادي جو هنڌ آهي. لفظ مالاوي لفظ ماراوي جي بگڙيل صورت آهي جيڪو نيانجا ماڻھن جو پراڻو نالو آهي جيڪي ھن سرزمين جا پراڻا رھاڪو آھن. ھتان جا ماڻھو دوستي ۾ مشھور آھن تنھنڪري ھي ملڪ آفريڪا جي گرمجوشي واري دل سڏبو آهي.

جمهوريه ملاوي

ملاوي
Flag of
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '" اتحاد ۽ آزادي"
ترانو:  اي خدا اسان جي سرزمين ملاوي کي سلامت رک
(انگريزي ٻولي: "O God Bless Our Land of Malawi")
ملاوي
گادي جو هنڌ ليلانگوي
13°57′S 33°42′E / 13.950°S 33.700°E / -13.950; 33.700
سڀ کان وڏو شهر ليلانگوي
دفتري ٻوليون انگريزي
چيوا
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون
نسلي گروھ (2018 Census)
  • 34.4% چيوا
  • 18.9% لوموي
  • 13.3% يائو
  • 10.4% گوني
  • 9.2% تمبوڪا
  • 1.9% نيانجا
  • 3.8% سينا
  • 3.2% مانگانجا
  • 1.8% ٽونگا
  • 1.0% گونڊي
  • 0.6% لامبيا
  • 0.5% سڪوا
  • 1.1% ٻيا
مقامي آبادي ملاويئن
حڪومت وحدانيصدارتي آئيني ريپبلڪ
• صدر
پيٽر موتاريڪا
• نائب صدر
سائولوس چليما
مقننه نيشنل اسيمبلي
آزادي
6 جولاءِ 1964
• ريپبلڪ
6 جولاءِ 1966
• موجوده آئين
18 مئي 1994
پکيڙ
• جملي
118٬484 km2 (45٬747 sq mi) (98th)
• پاڻي (%)
20.6%
آبادي
• 2018 مردم شماري
17,563,749
•  گھاٽائي
153.1 /km2 (396.5 /sq mi) (56th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$25.037 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$1,234
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$7.436 ارب ڊالر

تاريخ

ڏھين صدي عيسويءَ ۾ بانٽو ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻھو ھن ملڪ ۾ آباد ٿيا. 1891 ۾ برطانيا ھن ڌرتيءَ تي قابض ٿيو. ھي ملڪ يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي نياسالينڊ نالي ھڪ پروٽيڪٽوريٽ بڻيو جيڪو بعد م 1953ع ۾ ھڪ نيم خودمختيار رھوڊيشيا ۽ نياسالينڊ جو وفاق بڻيو. 1963ع ۾ اھو وفاق ٽٽي ويو. 1964ع ۾ ھي ملڪ برطانيه کان آزاد ٿيو ۽ ملڪ جي رياست جي سربراهي ملڪه ايلزبيٿ ٻين وٽ ئي رھيو پر ٻن سالن بعد ملڪ ريپبلڪ يا جمهوريه بڻيو. آزادي بعد ھي ملڪ صدر ھيسٽنگس باندا جي قيادت ۾ مطلق آمريت واري ھڪ جماعتي رياست بڻجي ويو جيڪو 1994ع تائين ملڪ جو صدر رھيو. ھن ملڪ ۾ ھاڻي جنھوري ڪثير جماعتي حڪومت آهي جنھن جو سربراھ ملڪ جو چونڊيل صدر پيٽر موتاريڪا آھي.

معيشيت

ھن ملڪ جي انساني ترقي جي اشاريي جي شرح دنيا جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهي. ملڪ جي معيشت زرعي آھي ۽ ملڪ جي آبادي جو وڏو حصو ٻھراڙيءَ ۾ رھي ٿو جنھن م تيزي سان واڌ ٿيندي پئي اچي. ھي ملڪ معاشي ترقي لاءِ گھڻي ڀاڱي پرڏيھي قرض تي مدار رکندڙ آھي ۽ سن 2000 کان ان قرض کڻڻ م گھٽتائي طرف وڌي رهيو آهي.

حوالا

Tags:

انگريزيتنزانيازيمبياموزمبيق

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

هندوڌرمممتاز مرزالاس اينجلس ٽائمزجان مڪينفھميده حسينڪتابسياستدانسهتوپکيآمريڪا جون گڏيل رياستونجاپانجاٽ (ذات)سڪندر اعظمايشيا ۾ اسلاماروڙپھرين مھاڀاري جنگسويڊش ٻوليعربعيسوي تقويم31 جنوريپاڪستان جو ٺھراءُٻولين جي فهرست ڳالهائڻ جي حساب سانحق ۽ واسطاآءِ پي ايڊريس31 آگسٽحاجي فقير الله علويانڊونيشيا1969عتجنيس تاممخدوم بلاولڄام ڪانڀو خانهٽلرڊرامورسالويُورَپڪبير1857عوڪيميڊيا ڪامنزپهاڪونباتياتننڍو کنڊلنڊنعائشہآذربائيجان غاليچو ميوزيممسلمانیوگینڊا1909عسنڌي ادب13 جنوريقاضي قاضنارجنٽائنروساعرابنظرياتي تنقيد🡆 More