اسلام: قرآن ۾ بيان ڪيل توحيدي ابراھيمي مذھب

اسلام (انگريزي ٻولي: Islam) توحيدي مذهب آهي. اسلام هڪ وحدانيت پرست دين آهي جيڪو ابراهيمي دين جو تسلسل آهي اسلام جي پيروڪارن کي مسلمان چئبو آهي.هينئر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسلام دنيا جو ٻيو نمبر مذهب آهي.

حقيقي دين اهوئي آهي، جيڪو ماڻهوءَ ۾نرميءَ وارو مزاج پيدا ڪري، جيڪو هرحال ۾محبت ۽ چڱائيءَ جي تعليم ڏيندو هجي. اسلام اميد جو مذهب آهي. اسلام جون مڙئي تعليمات اميد ۽ حوصلي جو سبق ڏين ٿيون. ظاهر ۾ مشڪل، ناڪامي ۽ محرومي جهڙين حالتن ۾ به اسلام انسان کي اميد ۽ حوصلي جو سبق ڏئي ٿو. اهو شام جي اونداهيءَ ۾ به صبح جي روشنيءَ جي خوشخبري ڏئي ٿو. قرآن شريف ۾ ايمان وارن لاءِ ارشاد آهي ته:

وَ تَرۡجُوۡنَ مِنَ اللّٰہِ مَا لَا یَرۡجُوۡنَ ؕ (النساء: 104)

”۽ توهين الله ۾ اميد ٿا رکو جا اميد انهن کي نه آهي.“

ان مان خبر پئي ته هڪ شخص جيڪو اسلامي فڪر وارو هجي، اهو هڪ اهڙو انسان هوندو آهي، جيڪو اوندهه ۾ به روشني ڏسندو آهي. هو اتي به اميد ڀريو رهندو آهي، جتي ٻيا ماڻهو اميد ۽ حوصلو وڃائي ويهندا آهن. ان معاملي ۾ اسلام ۾ مايوسيءَ کي حرام سڏيو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ هڪ پيغمبر جي ذريعي اها تعليم ڏني وئي ته:

وَ لَا تَایۡـَٔسُوۡا مِنۡ رَّوۡحِ اللّٰہِ ؕ اِنَّہٗ لَا یَایۡـَٔسُ مِنۡ رَّوۡحِ اللّٰہِ اِلَّا الۡقَوۡمُ الۡکٰفِرُوۡنَ (يوسف: 87)

”۽ الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو، ڇو ته الله جي رحمت کان ڪافر ئي نا اميد ٿيندا آهن.“

انهيءَ ڪري مسلمانن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ اهو جائز نه آهي ته، اهي مايوس ٿي وڃن. ظاهر ۾ ڪيتريون ئي اڻوڻندڙ ۽ غير موافق حالتون هجن، پر ايمان وارن تي فرض آهي ته اهي آخر تائين اميد جو دامن نه ڇڏين. اهو ئي سبب آهي جو اسلام ۾ خودڪشيءَ جي موت کي حرام چيو ويو آهي.

مسلمانن جو عقيدو آهي ته الله سائين قرآنکي فرشته جي وسيلي سان حضرت محمد ص تي نازل ڪيو آهي مسلمانن جي عقيدي موجب خداوند جهڙي ريت سڀني نبين تي وحي نازل ڪئي آهي حضرت محمد ص به ان جي آخري ڪڙي آهن.

تفصيل

لغوي معنيٰ آهي صلح، سلامتي، اطاعت. ظاهري ۽ باطني عيبن کان پاڪ رهڻ. اهو انهيءَ دين جو نالو آهي، جيڪو -الله- پاڪ، سچن رسولن ۽ هادين جي ذريعي انسانن جي هدايت لاءِ موڪليو آهي. انهيءَ جو آخري، مڪمل ۽ مقدس دين اهو آهي، جيڪو قرآن شريف جي شڪل ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي -الله- عليه وسلم تي نازل ٿيو. شرعي لحاظ سان -اسلام- جو مطلب آهي: خدا جي احڪامن جي، جيئن قرآن شريف ۾ آيا آهن، بنا شڪ شبهي جي دل جي خلوص سان اطاعت ڪرڻ. ٻين لفظن ۾، ڪتاب ۽ سنت جي تعليمات تي عمل پيرا رهڻ -اسلام- آهي. نبي سڳورو صلي -الله- عليه وسلم جيڪا شريعت دائمي هدايت لاءِ کڻي آيو، اها چئن عنوانن جو مجموعو آهي: عقائد، عبادت، معاملات ۽ اخلاق. (1) -بندي- ۽ خالق جي وچ ۾ تعلق واضح ڪرڻ وارا احڪام، جيڪي ذهني ۽ قلبي حالتن سان واسطو رکن ٿا، اهي ”عقائد“ چئبا، ۽ انهن تي ثابت قدم رهڻ کي ”ايمان“ چئبو آهي. (2) -جن- احڪامن جو تعلق -بندي- جي جسم ۽ مال سان آهي، اهي ”عبادت“ آهن: يعني نماز ۽ روزو، جسماني عبادتون آهن، زڪوات مالي ۽ تمدني عبادت ۽ ”حج“ مالي، جسماني ۽ تمدني عبادت. -ان- طرح ڪلمي، نماز، روزي، زڪواة ۽ حج کي -اسلام- جو بنياد قرار ڏنو ويو آهي. (3) جيڪي احڪام، -بندي- ۽ سندس درميان آهن، يا ٻيءَ مخلوق جي -باري- ۾ آهن، انهن کي قانوني حيثيت هجي ته ”معاملات“ جي دائري ۾ اچن ٿا ۽ (4) جيڪڏهن انهن جي حيثيت روحاني نصيحتن ۽ ڀائپيءَ واري هجي ته اهي ”اخلاق“ جي دائري ۾ اچن ٿا. نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم فرمايو آهي ته ”آءُ فضائل اخلاق جي تڪميل لاءِ آيو آهيان“. پهرئين عنوان کي ”ايمان“ ۽ باقي ٽنهي جو مجموعو ”عمل صالح“ آهن. عمل صالح جا ٽي ڏاڪا آهن: (1) خدا جي اڳيان -بندي- جو اظهار عبديت ۽ -ان- جي احڪامن جي تعميل يعني عبادت؛ (2) بندن ۽ ٻيءَ مخلوق سان ڪاروباري معاملن ۾ الاهي احڪام جي پابندي يعني ”معاملات“؛ (3) بندن ۽ ٻيءَ مخلوق سان محبت ۽ نيڪيءَ وارو ورتاءُ يعني ”اخلاق“. مختصر طرح، ”اسلام“ جي اها وصف، -اسلام- جي مڪمل -ترين- شڪل آهي.

اصول دين

  1. توحيد
  2. عدل
  3. نبوت
  4. امامت
  5. قيامت

فرض دين

  1. نماز
  2. روزو
  3. زڪوات
  4. خمص
  5. حج
  6. جهاد
  7. امر به معروف
  8. نهي از منڪر
  9. تولا
  10. تبرا

اسلام جا رڪن

  1. ڪلمو
  2. نماز
  3. روزو
  4. زڪوات
  5. حج


اسلام: تفصيل, اصول دين, فرض دين پڻ ڏسندا

حوالو

خارجي ڳنڍڻا

http://wwuser.gwdg.de/~mriexin/sasislam.html[مئل ڳنڍڻو]] - South Asian Islam Links]*

Tags:

اسلام تفصيلاسلام اصول ديناسلام فرض ديناسلام جا رڪناسلام حوالواسلام خارجي ڳنڍڻااسلام

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

نالونيئلس ھينرڪ ابيلآرائين روڊ ريلوي اسٽيشنسنڌي ادبميرن ۽ انگريزن وچ ۾ عهدنامونشخصيت (نفسيات)جنسي سنگآفيمچينقرت العينڊي جيورڪمپيوٽرڪائنات جو علماين اي-32 (پشاور-5)سيد مراد علي شاهہجي اين يو آزاد دستاويز اجازت نامويُورَپغلام حسين ھدايت اللهسائنسميٽنگ ريلوي اسٽيشن1580عضلعو لاڙڪاڻوملتان ڊويزنسبي ريلوي اسٽيشن743عزردالولنڊي ڪوٽل ريلوي اسٽيشنڪوئٽا ريلوي اسٽيشنبيھڪ جون نشانيونحيدرآباد، سنڌميڪسم گورڪي393عمرثيو1948عازوف سمنڊلعل شهباز قلندرمڱريوجبوتي27 فيبروريسينگار شاعريڪيميائي عنصرعلمِ فلڪياتولادتادل سومرو1700عمادري ٻوليڪوهاٽ ڊويزنگهنٽوجيو گھرڙوآڪاش منڊل11 آگسٽسنڌ1197ع1032ع1016ع🡆 More