چيچنيا

چيچن ريپبلڪ يا چيچنيا روسي وفاق جي ھڪ ريپبلڪ جيڪا اتر ڪوھ قاف واري علائقي ۾ ڪيسپئن سمنڊ تي واقع آهي.

اھو ڪوھ صاف جي اتر اوڀر واري پاسي واقع آهي. ان جي گاديءَ جو هنڌ گروزني آهي. 2010 ۾ چيچنيا جي آبادي 1,268,989 آھي.

چيچنيا
چيچنيا ۽ ڪوھ قاف جو نقشو
Flag of چيچنيا
Flag
ترانو: Shatlak's Song
Location of چيچنيا
مقننه چيچن پارليامينٽ
پکيڙ
• جملي
17٬300 km2 (6٬700 sq mi)

تعارف

چيچنيا 
شروئي وارا جبل
چيچنيا 
ڪيزنويام (Kezenoyam) ڍنڍ

اسلامي جمھوريہ چيچنيا ٻن سمنڊن: ڪارو سمنڊ ۽ ڪئيسپين سمنڊ، جي وچ وارو علائقي ۾ واقع آهي. ھي قفقاز يعني ڪوھ قاف وارو علائقو آھي جتي پھاڙن ۽ وادين ۾ تمام گھڻي قدرتي خوبصورتي آھي.ھتان جي آبادي ۾ 1989 ۾ 956879 چيچن ، 237438 انگوشيتا جا ماڻهو آھن.گروزني جي آبادي 1995 ۾ 400000 ھئي.

چيچنيا جي سرزمين تيل سان مالامال آهي. روس جون آئل رفائنريون وڏي تعداد ۾ ھتي واقع آھن.. چيچنيا جي پکيڙ 193000 ھم چورس ڪلوميٽر آهي. روس ھن خطي کي ستن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي جن ۾ داغستان، چيچن، انگوشيا، اوشيہ، ڪابروين بلکار، ڪراشيا چرڪيز، بخازيہ شامل آهن. اھي سڀ مسلمان رياستون آهن جيڪي حنفي مسلڪ سان تعلق رکندڙ آهن. ڪوھ قاف ۾ اسلام جو دروازو داغستان آھي جتي اسلام عثمان غني جي خلافت ۾ آيو.اھي سڀ علائقا 30 ڊسمبر 1920 ۾ روس ۾ شامل ڪيا ويا ھيا.

چيچنيا 
ٻي جنگ عظيم وارو چيچنيائي بزرگ فتح جي 66 وين سالگره جي موقعي تي
چيچنيا 
ڪوھ قاف جي علائقي جا نسلي گروھ
چيچنيا 
گروزني جي اکمد قادروف مسجد

نالو ۽ مطلب

روسي ٻولي ۾ عام سطح جي ڀيٽ ۾ اونھي زمين کي چيچن چوندا آهن ۽ سن زمين تي آباد علائقي کي چيچنيا چئبو آهي.چيچن پاڻ کي پخنو چوندا آهن.

تاريخ

چيچنيا 
اخمد قادروف، اڳوڻو علحدگي پسند، موجوده چيچنيا جو سربراھ، روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان گڏ

چيچنيا جي تاريخ 6000 سال پراڻي آهي. ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ روسي ايمپائر فوجن جي ھن علائقي ۾ دخل اندازي جي چيچنيا ۽ داغستان جي ماڻھن سخت مزاحمت ڪئي ھئي. ان مزاحمتي جنگ جو چيچنيا ۾ پھريون وڏو سرواڻ شيخ منصور ھيو جنھن تبليغ ۽ جھاد کي ملائي ڪم ڪيو.پر 1830 واري ڏھاڪي کان 1859ع ۾ سڀ کان شديد مزاحمت امام شامل (1796–1871) جي اڳواڻي ۾ ٿي جيڪو نقشبندي صوفي بزرگ ھيو. سن عرصي ۾ امام صاحب موجوده چيچنيا ۽ داغستان وارن علائقن ۾ اسلامي رياست قائم ڪئي پر پوء کيس شڪست آئي ۽ اھو علائقو باقاعده روسي امپائر جو حصو ٿي ويو. 1917 ۾ روسي انقلاب وقت چيچنيا آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اتر ڪوھ قاف جي وفاق جو حصو ٿي ويو جنھن کي مائونٽين ريپبلڪ سڏين پيا. 1920 ۾ بالشويڪين چيچنيا تي قبصو ڪيو. اوڻويھين صدي ۾ سردي ۾ اضافي ھن علائقي کي برف سان ڍڪي ڇڏيو جنھن ھتان جي معيشت کي خراب ڪري ڇڏيو ۽ ھتان آبادي ٻين پاسن ڏي منتقل ٿيڻ شروع ٿي ان جو فائدو وٺي روس حملو ڪري ھتي قبضو ڄمايو. ٻين جنگ عظيم ۾ چيچن ماڻھن جي جرمن نازين سان تعلقات رکڻ جي ڪري ڪميونسٽ حڪومت 1944 ۾ چيچن تاتاري ۽ ٻين قبيلن کي پڪڙي سائيبيريا ۽ قزاقستان آباد ڪرايو ويو ان بي دخلي ۾ به ن آبادي جو چوٿون حصو مري ويو ۽ چيچن ماڻھن کي 1950 جي ڏھاڪي تائين واپس پنھنجي وطن اچڻ نہ ڏنو ويو. 1956 ۽ 1957 ۾ وري اتان کين نيڪال ڪيو ويو. سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ چيچنيا جي صدر جوکر دودائيف (Jokhar Dudayev) چيچنيا جي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان کي روس سميت دنيا جي ڪنھن بہ ملڪ تسليم نہ ڪيو ان باوجود بہ ان جي حڪومت قائم رھي. 1992 ۾ روسي فوجون سنگوشيا ء اوڊسن جي وچ ۾ امن جي بھاني سان ڪيڪائوس ۾ داخل ٿي ويون ۽ پوءِ چيچنيا کي روس پنھنجو علائقو قرار ڏئي ڇڏيو. 1994 جي ابتدا سان روس به چيچنيا تي فوجي پيشقدمي شروع ڪئي ۽ لڙائي شروع ٿي وئي.20 جنوري 1995 تي روسي فوج گروزني جي صدارتي محل تي روسي جھنڊو چاڙهي ڇڏيو پر چيچن فوج زبردست مزاحمت ڪئي جنھن سان روس جي ھار ٿي ۽ جنگبندي ڪئي وئي. جنگ ۾ 70000 ماڻھو مارجي ويا. جنگ جي خاتمي کان پوءِ. ہ چيچنيا ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام نہ اچي سگھيو. 1999 ۾ روس جي بم ڌماڪن سان دھشتگردي جو چيچنيا تي الزام لڳڻ کان پوءِ روس پنھنجي ھڪ لک فوج چيچنيا م داخل ڪئي جنھن سان 250000 ماڻھو بي گھر ٿي پناهگير ٿي ويا. روس اتي پنھنجي حامي حڪومت قائم ڪري ورتي پر چيچنيا اڃان مڪمل روسي قبضي ۾ ناھي آيو، ۽ اڃان ٿڪائڻ واري جنگ ھلندڙ آھي.

چيچنيا 
1994 ۾ گروزني واري جنگ ۾ ھڪ چيچن عبادت ڪري رهيو آهي
چيچنيا 
ٽپال جون ٽڪليون 2009 ۾ روسي ٽپال کاتي چيچنيا سان منصوب ڪندي جاري ڪيون

سياسي انتظام

چيچنيا 
203 ۾ گروزني

حوالا

Tags:

چيچنيا تعارفچيچنيا نالو ۽ مطلبچيچنيا تاريخچيچنيا سياسي انتظامچيچنيا حوالاچيچنياروسڪيسپئن سمنڊگروزني

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

چوڪنڊي قبرستاناڪبري مسجد، روھڙيعمران خانجمهوريا ارتسکعوامي کاتو11 نومبرهيٽيڪارو پاڻي (بائيولاجي)اڙدجمهوريا ڪانگو6 فيبروريراجڪمار هيراڻيڊرون2014عڻعيسائيماءُ پيءُ جو ادب988عسنسڪرتدوشنبيڪوروناوائرس مها وبا بلحاظ ملڪ ۽ علائقو، 2019-20جنسي سنگچاچڙلبياسنڌ جي تاريخڪيفانسائيڪلوپيڊيا سنڌياناآسٽريلياجامع مسجد ٿلاستنبولسج گرهڻھالاڻي واري جنگاسلامنارويانسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪاايرانمخدوم عبد الواحد صغير سيستانيالاسڪااين اي-40 (اتر وزيرستان)ھرٻوورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشنآبادي جي لحاظ کان ملڪن ۽ تابعدار رياستن جي فهرستانٽارڪٽيڪانائيجيرياآبادي جي لحاظ کان ملڪن ۽ تابعداررياستن جي فهرستڪريٽو ڪامنزآئس لينڊبئڪٽيريا5 ڊسمبرشاهه عنايت شهيدسلطنت عمانٽائيٽنچانديویب برائوزروي بيڪ مشينملائي ٻوليبهاماسانٽرنيٽ1966عقاسم سليمانياين اي-265 (پشين)آپريشن طوفان الاقصيسوويت-افغان جنگنيپالي ٻوليايليڊ🡆 More