انساني حقن جو عالمي پڌرنامو

انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو يا انساني حقن جو عالمي پڌرنامو (يو ڊي ايڇ آر) (انگريزي ٻولي: Universal Declaration of Human Rights) هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي 10 ڊسمبر 1948 تي فرانس جي شهر پيرس ۾ پيليس ڊي چيلوٽ وٽ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ هڪ قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو.

گڏيل قومن جي ان مهل جي 58 ميمبرن منجهان 48 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، ۽ ٻن ميمبرن ووٽ نہ  ڏنو.

Universal Declaration of Human Rights
انساني حقن جو عالمي پڌرنامو
ايلينور روزويلٽ انساني حَقن جي عالمي پڌرنامو جي انگريزي ڇاپو (ورزن) سميت.
ٺاهيل سال 1948
Ratified ڊسمبر 10، 1948
جاءِ پيليس ڊي چيلوٽ , پريس
Author(s) مسودو يا درافٽ ڪميٽي
مقصد انساني حق
Poster
انساني حقن جو عالمي پڌرنامو
ڊسمبر 10، 1948ع تي پيرس ۾ منعقد ٿيل گڏيل قومن جي 183هين اجلاس ۾ انساني حقن کي منظور ڪيو ويو

پڌرنامو (اعلان) ۾ ڪنهن فرد جي حقن جي پَڪ (تصدیق) ڪندڙ 30 مضمونَ (آرٽيڪل) شامل آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن فرد تي قانوني طور پابند ناهي، جيڪي بين الاقوامي ٺاهن (معاهدن)، معاشي مٽاسٽا، علائقائي انساني حقن جا  دستاويز، قومي راڄ ريتي (دستور- آئين)، ۽ ٻين قانونن جي وضاحت ڪيل آهي. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هيو، جيڪو سن 1966 ۾ مڪمل ٿيو هيو، ۽ سال 1976 ۾ ان تي عمل ٿيو هيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي پَڪ (توثيق، منظوري ڏني) ڪئي هئي.

ڪُجھ قانوني اسڪالرز دليل ڌنا تہ "ڇاڪاڻ ته مُلڪَ 50 سال کان لاڳاتار ان پڌرنامو جي حمایت ڪندا آيا آهن، تنهنڪري هي رواجي بين الاقوامي قانون (customary international law) جو هڪ لازمي (بائنڊنگ) حصو بڻجي ويو آهي". تنهن هوندي، گڏيل آمريڪي رياستون، جي سوسا ڀيٽ الواريز-مچين (2004) ۾ سپريم ڪورٽ هي نتيجو ڪڍيو (اخذ ڪيو) آهي تہ هي پڌرنامو "انٽرنيشنل قانون جي معاملي طور پنهنجي ذميدارين تي لازمي فرض لاڳوُ نٿو ڪري. "ٻين مُلڪن جي عدالتن پڻ اهو نتيجو ڪڍيو آهي تہ هي پڌرنامو گهريلو قانون (ڊوميسٽڪ لا) جو ڀاڱو (حصو) ناهي.

جوڙجَڪ ۽ مَوادُ

عالمگير پڌرنامو جو بنيادي ڊول (گهڙت) ان جي ٻئي مسودي ۾ پيش ڪيو ويو هيو، جنهن کي رين ڪيسين تيار ڪيو هو. ڪيسين پهرِئين مسودي کان ڪم شروع ڪيو، جيڪو جان پيٽرز همفريءَ  تيار ڪيو هيو.اها گهڙت (بناوت) ڪوڊ نيپولين کان متاثر ٿيل هُئي، جنهن ۾ هڪ ديباچو ۽ تعارفي عام اصول پڻ شامل هُيا. ڪيسين طرفان يوناني پورٽيڪو هيڪل مندر سان ان پڌرنامو جي ڀيٽَ ڪئي وئي هئي، جنهن جو بنياد، قدم، چار ڪالم ۽ هڪ پيڊيمنٽ آهي.

ان پڌرنامي ۾ هڪ ديباچو (پيش لفظ) ۽ ٽي مضمونَ (آرٽيڪلز) شامل آهن:

  • ديباچو ۾ تاريخي ۽ معاشرتي ڪارَڻن (سببن) ڏانهن لاڙو ڏيکاريو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پڌرنامو (ڊڪلئريشن) جو مسودو تيار ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي.
  • آرٽيڪل 1کان2 عزت، آجپو (ڇوٽڪارو يا آزادي) ۽ برابري (هڪجهڙائي) جي بنيادي تصورَن کي قائم ڪري ٿو.
  • آرٽيڪل 3 کان 5 ٻين انفرادي حقن، جهڙوڪ جيئڻ (زندگي) جو حَقُ ڏيڻ ۽ غلامي ۽ ايذاءُ (پيڙاءُ، ٽارچر ڏيڻ) کان روڪَي (جهلي) ٿو.
  • آرٽيڪلز 6 کان–11 تائين انساني حقَن جي بڻيادي قانوني حيثيت جو حوالو ڏين ٿا، جن جي ڀڃڪڙي (خلاف ورزي) ڪرڻ تي ان جي دفاع جو تدارڪ(اُپاءُ) لاءِ حوالو ڏنو ويو آهي.
  • آرٽيڪلز 12۔کان17 تائين معاشري ڏانهن فرد جي حقَن (سميت چُرِپُر جي ڇُوٽَ يا آزادي جهڙن ڪمن) کي قائم ڪيو ويو آهي.
  • آرٽيڪلز 18– کان21 تائين نام-نهاد "آئيني آزادين" جي منظوري ڏني آهي، ۽ رُوحانِي، عوامي، ۽ سياسي آزادين، جهڙوڪ فڪر (وِيچار)، راءِ ڏيڻ، مذهب ۽ وويڪ (شعور)، ٻولَ، سميت فرد جي سانتيڪو (پُرامن) سَڀا (منڊلي، سنگت)ٽولو ٺاهڻ جا حَق شامل آهن.
  • آرٽيڪلز 22–کان27 تائين ۾ فرد جي معاشي، معاشرتي (سماجي) ۽ ثقافتي حقَن سان گڏوگڏ صيحت جي سارَسَنڀَالَ (هيلٿ ڪيئر) جي منظوري ڏني وئي آهي. آرٽيڪل 25 ۾ چيل آهي تہ:"سڀني ماڻهن کي پنهنجي ۽ پنهنجي ڪُٽِنبَ (خاندان) جي صيحت ۽ تُندرستي جي لاءِ جوڳو (برابر، مُناسب) معيار زندگي جو حقَ آهي، جنهن ۾ کاڌوپيتو، اوڍڻي (پوشاڪ،لباس، ويس وڳا)، گهر (رهائش) ۽ طبي سارَسَنڀال ۽ ضروري سماجي خدمتون (سوشل سروسز) شامل آهن." اهو جسماني ڪمزوري يا معذوري جي صورت ۾ سيڪيورٽي جي لاءِ واڌَارُو (اضافي) سهوليتون پڻ جوڙي ٿو، ۽ مائپڻو (پيٽ يا وِيم سان ماءُ) يا انجي ٻارَ جي ٻالڪپڻ (ننڍپڻ) ۾ سَارَسَنڀَالَ جو خاص ذڪر ڪري ٿو.
  • آرٽيڪلز 28-کان30 تائين انهن حقَن جي عام استعمال جا طريقا ٻُڌايل آهن، جنِ شعبن ۾ فرد جا اهي حقَ لاڳُو نٿا ڪري سگهجن، ۽ اهو تہ اُهي فرد جي خلاف وس آڻي نٿا سگهجن.

اُهي مضمونَ (آرٽيڪلز) فرد جو معاشري ڏانهن خدمت (فرض- ڊيوٽي) ڪرڻ ۽ حقَن جي استعمال بابت گڏيل قومن جي تنظيم (يواين) جي مقصدن جي ڀڃڪڙين (خلاف ورزين) جي روڪَ سان لاڳاپيل آهن.

تاريخ

پس منظر

ٻئي عالمي جنگ دوران، اتحادين جنگي مقصدن لاءِ پنهنجي بنيادي چارِ آزاديون هرهڪ، تقرير جي آزادي (فريڊم آف اسپيچ)، مذهب جي آزادي، ڊَپَ يا خوف کان آزادي ۽ آزادي جي خواهش اختيار ڪيون. گڏيل قومن جو عهدنامو، خاص حق "بنيادي انساني حقن، ۽ انسان جي عزت ۽ لائق قدر تي اعتماد جي توثيق ڪئي آهي" ۽ سمورن ميمبر مُلڪن کي نسل، جنس، ٻولي، يا مذهب فرق بنا سڀني لاءِ انساني حقَ ۽ بنيادي آزادين جي لاءِ عالمي سطح تي احترام، ۽ ان جي مشاهدي کي فروغ ڏيڻ جو پَڪو پَهہ ڪيو آهي".

رَچنا (تَخلِيقَ) ۽ مسودو نويسي

جون 1946 ۾، گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل انساني حقَن جي لاءِ ڪميشن قائم ڪئي، جنهن ۾ مُختلف قوميتن ۽ سياسي پسمنظر سان واسطورکندڙ 18 رُڪن (ميمبرَ) شامل هُيا. اها ڪميشن، گڏيل قومن جو هڪ مستقل ادارو هُئي، جنهن کي شروع ۾ انساني حقَن جي بين الاقوامي بل طور تصور ڪيل تياري جو ڪم شروع ڪرڻ جي لاءِ جوڙيو ويو هيو.

قبوليت (ايڊوپشن)

ڊسمبر 10، 1948 تي پيرس، فرانس، جي پيلس ڊي چيلوٽ، ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي ٽئين جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ عالمگير پڌرنامو کي قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو هو. گڏيل قومن جي ان وقت 58 رڪنن (ميمبرز) منجهان 48 ميبرن ان بل جي حق ۾ راءِ (ووٽ) ڏنو، ان بل جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، هنڊوراس ۽ يمن ووٽ وجهڻ ۾ ناڪام يا ووٽ ڏيڻ کان حصو نہ ورتو. گڏجاڻي جو رڪارڊ بحث جي باري ۾ مڪمل پرک ڏئي ٿو.ڏکڻ آفريڪا پنهنجي نسلي متڀيد سرشتو جي بچاءُ جي ڪوشش طور، پڌرنامو ۾ ڪيترن ئي آرٽيڪلز جي چٽيءَ ريت ڀڃڪڙي ڪئي. سعودي عرب جو وفد بنيادی طور پڌرنامو جي ٻن مَضمونن (آرٽيڪلز): آرٽيڪل 18، جنهن ۾ لکيل آهي تہ هر ماڻهوءَ کي "پنهنجو عقيدو يا مذهب کي تبديل ڪرڻ جو حق آهي"، ۽ آرٽيڪل 16، شادي جا برابري حقَ، ڏيڻ کان پاسيرو رهيو. ڇھ ڪميونسٽ مُلڪن پاران ووٽ وجهڻ کان پاسيرو رهڻ جو سبب هي هيو تہ اهو پڌرنامو فاش اِزم ۽ نازي اِزم جي مُذمت ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين اڳتي نٿو وَڌي. الينور روزويلٽ سوويت بلاڪ جي مُلڪن پاران نظرانداز کي آرٽيڪل 13 سان ڳنڍيو، جنهن تحت شهرين کي پنهنجا مُلڪ ڇڏڻ جو حَق ڏنو ويو آهي.

انساني حقن جو عالمي پڌرنامو 
Voting in the plenary session:
Green countries: voted in favour;
Orange countries: abstained;
Black countries: failed to abstain or vote;
Grey countries: were not part of the UN at time of voting

پڌرنامو جي حَقَ ۾ ووٽ وجهندڙ اُهي 48 مُلڪَ هيٺئين ريت آهن:

    a. ^ ڪينيڊا جي جان پيٽرز همفري جي مرڪزي ڪردار جي باوجود، ڪينيڊين حڪومت پهرئين تہ پَڌَرِنَامَو جي مَسِوَدَي تي ووٽ وجهڻ کان پاسيري رهي، پَر پوءِ گڏيل قومون جي جنرل اسيمبلي ۾ حتمي مسودي جي حق ۾ ووٽ ڏنائين.

اَٺَ مُلڪَ ووٽ وَجهڻ کان پاسيرا رهيا:

ٻن مُلڪن ووٽ نہ ڏنا:

انساني حقن جو عالمي ڏينهن

    اصل مضمون جي لاءِ ڏسو انساني حقن جو ڏينهن

انساني حقن جي پڌرنامو جو ڏينهن هر سال ڊسمبر 10، تي ملهايو ويندو آهي، ۽ انکي انساني حقن جو عالمي ڏينهن يا انساني حَقن جو ڏهاڙو سڏيو ويندو آهي. ان ڏهاڙي جي تقريب فردن، برادري ۽ مذهبي گروهن، انساني حقن جي تنظيمن، پارليامينٽس، حڪومتن ۽ گڏيل قومن پاران ملهايو ويندي آهي.پڌرنامو جي يادگيري ۽ انساني حقن بابت پرک (شعور) اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڏهاڪن کان اڪثر مهمون هلنديون آهن. 2008 ۾ ان پڌرنامو جي 60هين سالگرهہ ملهائي وئي ، ۽ ان سان گڏوگڏ "اسان سڀني لاءِ عزت، وقار ۽ نياءُ (انصاف)" جي مرڪزي خيال (ٿِيم) چئوگرد سمورو سال جون سرگرميون هلنديون رهيون.

اهميت ۽ قانوني اثر

اهميت

انساني حقن جو عالمي پڌرنامو 
In miniature book

1948 ۾، گڏيل قومن جي قرارداد اي/آر اي ايس/217 (III) [اي] انگريزي ۽ فرانسيسي ۾ ٻنهين ٻولين واري دستاويز بابت پڌرنامو، ۽ چيني، روسي ۽ اسپينش ٻولي ۾ سرڪاري ترجما ڪيا ويا.

قانوني اثر

جڏهن تہ هي پڌرنامو پاڻ هڪ معاهدو نہ هيو، گڏيل قومن جي چارٽر ۾ "بنيادي آزادين" ۽ "انساني حقن" جي لفظن جي معني جي وضاحت جي مقصد لاءِ هي پڌرنامو چِٽيءَ ريت قبول ڪيو ويو، جيڪو سمورن ميمبر مُلڪن تي لاڳو (پابند) ٿئي ٿو.انهيءَ ڪري، انساني حقن جو آفاقي پڌرنامو (منشور، دستور) گڏيل قومن جي هڪ بنيادي جُزو دستاويز آهي. انکانسواءِ، ڪيترن ئي بين الاقوامي وڪيلَن جو خيال آهي تہ هي پڌرنامو روايتي بين الاقوامي قانون جو هڪ حصو بڻجي ٿو ۽ جيڪو بہ مُلڪ ان جي ڪنهن بہ آرٽيڪل جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو تہ ان پڌرنامو وسيلي حڪومتن تي سُفارتي ۽ اخلاقي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ هڪ سگهارو ذريعو آهي. believe that the Declaration forms part of customary international law

پلٽاءُ (ريئڪشن)

واکاڻ

انساني حقن جي عالمي پڌرنامو کي ڪيترن ئي ذڪر لائق ماڻهن پاران واکاڻِ (ساراهہ) ملي آهي.

تنقيد- پرک

اسلامي مُلڪَ

ترڪي جيڪو هڪ سيڪيولر رياست آهي، جنهن ۾ مسلمانن جو وڏو آبادي آهي، تنهن 1948 ۾ اِنَ پڌرنامي تي دستخط ڪيا. تنهن هوندي، ساڳئي سال، سعودي عرب ان پڌرنامو تي توثيق جي حق راءِ ڏيڻ (ووٽ) کان پاسيرو (پرهيز) رهيو، ۽ هيءَ دعويٰ ڪيائين تہ ان سان شرعي قانون جي خلاف ورزي ٿئي ٿي. پاڪستان — جنهن پڻ ان پڌرنامو تي دستخط ڪيا هيا، تنهن سعودي موقف سان اختلاف ۽ تنقيد ڪئي. پاڪستاني وزيراعظم محمد ظفراللہ خان مذهب جي آزادي کي شامل ڪرڻ جي حق ۾ سختي سان اثرائتا دليل ڏنا. سال 1982 ۾، گڏيل قومن ۾ ايران جي نمائندي، سيد راجيئي۔خراساني چيو تہ پڌرنامو "يهودي - عيسائي روايت جي سيڪيولر تفهيم" آهي، جنهن کي شريعت سان تنازعو جي بغير مسلمان نافذ نٿا ڪري سگهن. جون 30, 2000 تي، اسلامي ڪانفرنس (هاڻي تنظيم اسلامي تعاون تنظيم) جي رڪنن اسلام ۾ انساني حقن بابت قاهرہ پڌرنامو کي باضابطا (آفيشلي) طور تي عزم ڏيکاريو، هڪ متبادل دستاويز جنهن ۾ چيل هيو تہ "ماڻهن کي آزادي ۽ هڪ باوقار زندگي جو حق حاصل آهي، اسلامي شريعا جي مطابق، ڪنهن فرق کان بغير "نسل، رنگ، ٻولي، جنس، مذهبي عقيدو، سياسي وابستگي، معاشرتي حيثيت يا ٻيا تحفظات" جي بنياد تي حق آهن.

"مارڻ کان انڪار ڪرڻ جو حق"

ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ وار ريزسٽرز انٽرنيشنل جهڙن گروپن عالمگير پڌرنامو ۾ شامل "مارڻ کان انڪار ڪرڻ جو حَق" جي وڪالت ڪئي آهي.

آمريڪن اينٿروپولوجيڪل ايسوسيئيشن

آمريڪن اينٿروپولوجيڪل ايسوسيئيشن يوڊي ايڇ آر UDHR کي تنقيد جو نشانو بڻايو، جڏهن هي مسودو تياري جي عمل ۾ هيو.

بينڪاڪ پڌرنامو

1993 ۾ منعقد ٿيل انساني حقن بابت عالمي ڪانفرنس جي اڳواڻي دوران، ايشيائي رياستن جي ويزن بينڪاڪ پڌرنامو کي هنج ورتو (ايڊوپٽيڊ)، ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ انساني حقن جي عالمي پڌرنامو جي باري ۾ پنهنجي حڪومتن جي عزم جي توثيق ڪئي.

موت جي سزا

پڌرنامو ۾ موت جي سزا بابت ڪوئي چٽو (واضح) مؤقف ناهي ورتو ويو. آرٽيڪل 5 ۾ چيل آهي تہ: "ڪنهن تي بہ تشدد (ٽارچر) يا ظالماڻو، غير انساني يا بدنام ڪرڻ يا هيٺانهون ڏيکارڻ وارو سُلوڪ يا سزا جو نشانو نہ بڻايو ويندو."

يو ڊي ايڇ آر کي پروموٽ ڪندڙ تنظيمون

انٽرنيشنل فيڊريشن آف هيومن رائٽس

ايمنسٽي انٽرنيشنل

ڪوئيڪر گڏيل قومون آفيس ۽ آمريڪن فرينڊس سروس ڪاميٽي

آمريڪن لائبريري ايسوسيئيشن

يوٿ فار هيومن رائٽس انٽرنيشنل

پڻ ڏسو

انساني حَقَ

غير-پابند-ٿيل معاهدا

انساني حقن جو بين الاقوامي قانون

ٿنڪرز انفليوئنسنگ دي ڊيڪليرئيشن

ٻِيا

نوٽِس

بِيان

حوالا

وڌيڪ پڙهڻ

ٻاهريان ڳنڍڻا

سانچو:Wikiversity

آڊيو ويزيوئل مٽيريل


Tags:

انساني حقن جو عالمي پڌرنامو جوڙجَڪ ۽ مَوادُانساني حقن جو عالمي پڌرنامو تاريخانساني حقن جو عالمي پڌرنامو انساني حقن جو عالمي ڏينهنانساني حقن جو عالمي پڌرنامو اهميت ۽ قانوني اثرانساني حقن جو عالمي پڌرنامو پلٽاءُ (ريئڪشن)انساني حقن جو عالمي پڌرنامو يو ڊي ايڇ آر کي پروموٽ ڪندڙ تنظيمونانساني حقن جو عالمي پڌرنامو پڻ ڏسوانساني حقن جو عالمي پڌرنامو نوٽِسانساني حقن جو عالمي پڌرنامو حوالاانساني حقن جو عالمي پڌرنامو وڌيڪ پڙهڻانساني حقن جو عالمي پڌرنامو ٻاهريان ڳنڍڻاانساني حقن جو عالمي پڌرنامو آڊيو ويزيوئل مٽيريلانساني حقن جو عالمي پڌرنامو

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

مادومالدوواالف بڪولڪتاايشياڪولمبيارني ڪوٽاڻ ٽر صورتحالگھربائبلدنيا جي ٻولين جا اٺ ٻوليائي خاندانباجاراپاڪستاني رپيوپراگوائيعمر ماروي (فلم)سگريٽ نوشيتيشخسنڌيپگهارنجم عباسيحرف جرترجموتيونسبرووخ اسپنوزانئيگسونانسانفھرست سنڌ جون ذاتيونمحمد بن قاسمآڱوٺوسوانح نگاريحقيقتعالمي معياري ڪتاب نمبرالجزائر شھريوم پاڪستانبرابر عالمي وقتقومي راڄڌانين جي فهرستليفٽيننٽ جنرلڪائنات جو علمخودڪلامي (سودائي پڻو)پيراگوئيحيدر بخش جتوئيدوشنبيگھريلو جھرڪيبرقي-ڪتابٻولي جو ڪٽنبانگقطرAبڙديحڪومتکيرولسنڌي ادبپاڪستان جي رياستي علامتجينيئسارتقااڳڪٿي (شاعري)قبلوناري واداهرامعورتن جو عالمي ڏينهنڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرضمير (گرامر)پليڪوزوئافلسفو🡆 More