ترڪي (انگريزي ٻولي: Republic of Turkey) (سرڪاري نالو: Türkiye Cumhuriyeti معني ترڪيہ جمھوريتي) يوريشيائي ملڪ آھي جيڪو ڏکڻ اولھ ايشيا ۾ جزيره نما اناطوليہ ۽ ڏکڻ اوڀر يورپ جي علائقي بلقان تائين پکڙيل آھي.
ريپبلڪ آف ترڪي Türkiye Cumhuriyeti (ترڪي) | |
---|---|
جھنڊو | |
ترانو:
| |
گادي جو هنڌ | انقرہ 39°55′N 32°50′E / 39.917°N 32.833°E 32°50′E / 39.917°N 32.833°E |
سڀ کان وڏو شهر | استنبول 41°1′N 28°57′E / 41.017°N 28.950°E |
دفتري ٻوليون | ٽرڪش يا ترڪي ٻولي |
ڳالھائجندڙ ٻوليون |
|
نسلي گروھ | |
مقامي آبادي |
|
حڪومت | يونيٽري پارليامينٽري آئيني ريپبلڪ |
• صدر | طيب اردگان |
• وزيراعظم | بن علي يلدرم |
• اسپيڪر، گرئنڊ نئشنل اسيمبلي | اسماعيل ڪھرامن |
مقننه | گرئنڊ نيشنل اسيمبلي |
Formation | |
• ترڪي جي جنگ آزادي | 19 May 1919 |
• لوزان وارو معاھدو | 24 July 1923 |
• ريپبلڪ جو اعلان | 29 October 1923 |
پکيڙ | |
• جملي | 783٬356 km2 (302٬455 sq mi) (36th) |
• پاڻي (%) | 1.3 |
آبادي | |
• 2017 اندازو | 80,810,525 (16th) |
• گھاٽائي | [اوزا تبديل: invalid number] (107th) |
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ |
• ڪل | $2.249 trillion (13th) |
• في سيڪڙو | $27,634 (45th) |
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ |
• ڪل | $905 billion (17th) |
ترڪي جون سرحدون 8 ملڪن سان ملن ٿيون جن ۾ اتر اولھ ۾ بلغاريہ، اولھ ۾ يونان، اتر اوڀر ۾ گرجستان (جارجيا)، اوڀر ۾ آرمينيا، ايران ۽ آذربائيجان جو علائقو نخچوان ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ عراق ۽ شام شامل آھن. ان کان سواءِ اتر ۾ ملڪي سرحدون بحيره اسود، اولھ ۾ بحيره ايجيئن ۽ بحيره مرمره ۽ ڏکڻ ۾ بحيره روم سان ملن ٿيون.
ترڪي ھڪ جمھوري، لاديني، آئيني جمھوريت آھي جنھن جو ھاڻوڪو سياسي نظام 1923ع ۾ سلطنت عثمانيہ جي ڪرڻ کان پوءِ مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي اڳواڻيءَ ھيٺ ٺاھيو ويو. ھي گاڏيل قومن ۽ موتمر عالم اسلامي جو باني رڪن ۽ 1949ع کان يورپي مجلس ۽ 1952ع کان اتر اوقيانوسي معاھدي جو رڪن آھي. رياست جي يورپي اتحاد ۾ شموليت جي لاءِ ڳالھيون ڊگھي عرصي کان ھلندڙ آھن.
يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ مڪانيت جي اعتبار کان اھم مقام تي واقع ھجڻ جي ڪري ترڪي اوڀارين ۽ اولاھين ثقافتن جي تاريخي چوڪ تي واقع آھي.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ترڪي, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.