ڪراچي (اردو: کراچی، انگريزي: Karachi) پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ صنعتي، تجارتي، تعليمي، مواصلاتي ۽ اقتصادي مرڪز آھي. ڪراچيءَ جي رهواسين کي ڪراچيائيٽ بہ سڏيو ويندو آهي. اھو دنيا جو آبادي ۾ ٻارهون نمبر وڏو شھر آھي.
ڪراچي کراچی | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
پاڪستان جو ميٽروپولس | ||||||||
عرفيت: روشنين جو شھر شھر قائد | ||||||||
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | ||||||||
جاگرافي بيهڪ: 24°51′36″N 67°0′36″E / 24.86000°N 67.01000°E 67°0′36″E / 24.86000°N 67.01000°E | ||||||||
ملڪ | پاڪستان | |||||||
صوبو | سنڌ | |||||||
ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن | 2011 | |||||||
سٽي ڪائونسل | سٽي ڪمپليڪس، گلشن اقبال ٽاؤن، ڪراچي | |||||||
ڪراچيء جا ضلعا | ||||||||
حڪومت | ||||||||
• قسم | ميٽروپوليٽن شهر | |||||||
• ميئر | خالي | |||||||
• ڊپٽي ميئر | خالي | |||||||
پکيڙ | ||||||||
• ڪل | 3,780 ڪ.م2 (1,460 ميل2) | |||||||
بلندي | 8 ميل (26 ft) | |||||||
آبادي (2017 پاڪستان جي آدمشماري، 2017) | ||||||||
• ڪل | 14,910,352 (provisional) |
ڪراچي 52´ 24° اتر ۽ 03´ 67° اوڀر تي واقع آهي. ھن جو شمار بيٽا ورلڊ سٽي ۾ ٿئي ٿو. شھر پاڪستان جو سڀ کان وڏو صنعتي ۽ مالياتي مرڪز آھي ء پاڪستان جو ڪاسموپوليٽن شھر آھي. ڪراچي دنيا جو ٻارهون وڏو شھر آھي۔ ڪراچي پاڪستان جي صوبي سنڌ جو گادي جو ھنڌ آھي۔ ڪراچي شهر عربي سمنڊ جي ساحل تي سنڌو ٽڪور جي اتر اولهه ۾ قائم آهي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي بندرگاھ ۽ ھوائي اڏو بہ ڪراچي ۾ قائم آھي۔ ڪراچي 1947ع کان 1960ع تائين پاڪستان جي گاديء جو ھنڌ بہ رھيو. ڪراچي شھر نه رڳو سنڌ جو ڪاروباري مرڪز آهي، پر هن خطي جو هڪ اهم بندر پڻ آهي.
هاڻوڪي ڪراچي جي جڳهه تي واقع قديم ماهي گيرن جي بستين مان هڪ جو نالو ڪولاچي جو ڳوٺ هيو. انگريزن اڻويهين صدي ۾ هن شهر جي تعمير و ترقي جا بنيادَ وڌا. 1947ع ۾ پاڪستان جي آزادي جي وقت ڪراچی کي نيئن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ چونڊيو ويو. ان ڪارڻ شهر ۾ لکين مهاجر اچي آباد ٿيا. پاڪستان جي گاديء جو هنڌ ۽ بين الاقوامي بندرگاھ هئڻ جي ڪارڻ شهر ۾ صنعتي سرگرميون ٻين شهرن کان پهريان شروع ٿي ويون. 1959ع ۾ پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ اسلام آباد نئيو ويو پر ڪراچي جي آبادي ۽ معيشت ۾ ترقی جي رفتار گهٽ ناهي ٿي۔ . سڄي پاڪستان مان ماڻهون روزگار جي ڳولا ۾ ڪراچي ايندا آهن ۽ ان جي ڪارڻ هتي مختلف مذهبي، نسلي ۽ لساني گروھ آباد آهن. ڪراچي کي ان ڪري مِنِي پاڪستان يا ننڍو پاڪستان بہ چيو ويندو آهي. هن شهر ۾ مختلف گروهن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪارڻ 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن ۾ ڪراچي لساني فسادن، تشدد ۽ دهشتگردي جو شڪار رهيو. بگڙندڙ حالتن کي سنڀالڻ جي لاء پاڪ فوج کي به ڪراچی ۾ مداخلت ڪرڻي پئي. ايڪويهين صدي ۾ تيز قومي معاشي ترقي سان گڏ و گڏ ڪراچي جي حالتن ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي آهي. ڪراچي جي امن جي صورتحال اڳي کان بهتر ٿي آهي ۽ شهر ۾ مختلف شعبن ۾ ترقي جي رفتار ۾ سٺو واڌارو آيو آهي. ڪراچي سنڌو درياءَ جي ڪناري جي اترين حد تي آهي. شهر هڪ قدرتي بندرگاهه جي چوڌاري اڏيل آهي.
ڪراچيءَ جو نالو مائي ڪولاچي جي نالي مان نڪتل سڏجي ٿو. ڪراچي جو نالو سڀ کان پهرين 1742 ۾ ڊچ ٻوليءَ جي ھڪ ڪاغذ ۾ ڏيکاريل آهي تہ ان ڪراچيءَ واري وسندي لڳ ھڪ واپاري جھاز ٽڪرجي تباھ ٿيو جنھن جو نالو ڊِي رِڊَرڪِرڪ ھو.
مائي ڪولاچي جي وسندي جو بنياد 1729 ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو. جتي هينئر ڪراچي آهي اتي اڳي ڪو به شھر ڪو نه هو. سمنڊ جي هڪڙي ڇاڙ ٿي آئي ۽ ڪي مهاڻن جا گهر هئا ۽ ڪي هندو واپاري هئا ۽ انهيءَ هنڌ کي ڪلاچيءَ جو ڪُنُ چوندا هئا. اڳي ننڍڙو ڳوٺ هيو، جتي مهاڻا ۽ ڪي واڻيا رهندا هئا ۽ ان جو نالو ڪلاچي ھو ڪلاچيءَ جو ڪُن نالو شاھ جي رسالي ۾ به آيل آهي. سن 11990 (سن 1777ع) ۾ مير بجار خان حج تان موٽي آيو ۽ ڪراچيءَ مان لهي شهدادپور آيو، جتي مير رهندا هئا. ميان نور محمد جي راڄ ۾ سنه 1155ھ يا سن 1742ع ۾، نادر شاھ بادشاھ سورت بندر ۾ ڪي جهاز ٺهرايا هئا، تن جي وٺڻ لاءِ مظفر علي خان بيات بيگلر بيگي ڪراچيءَ آيو ۽ اتان ٿي ٺٽي آيو ۽ ميان نور محمد (نواب شاھ قلي خان) هن جي پيشوا ويو ۽ هن کي ٺٽي ۾ آڻي رهايائين. ٻن مهينن کان پوءِ هو هليو ويو. سن 1207 (سن 1792ع) ۾ قلات جي خان جو ناٺي زرڪ خان ميان عبدالنبيءَ کي مدد ڏيندي ۽ ميرن سان وڙهندي مارجي ويو هو. انهيءَ جي عيوض ۾ ميان عبدالنبيءَ ڪراچي ۽ ڪُورن وارو ڀاڱو قلات جي خان کي ڏيئي ڇڏيو هو. جيڪي ماڻهو اتي رهندا هئا، اهي جوکين جي ڄام جي نظر هيٺ هوندا هئا. پوءِ اتي هڪڙو جهنگلي ڪوٽ ٺاهيائون، جنهن کي ڪلاچي ڪوٽ چوندا هئا ۽ قلات جي خان جي هٿ ۾ هو. سنه 1795ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپر اهو هٿ ڪيو ۽ اتي هڪڙو حاڪم مقرر ڪيائون ۽ اتي جي هندو واپارين مان لک ڏيڍ پيدا ٿيندو هون. ورهيه ٻن کان پوءِ انهيءَ جي بچاءَ لاءِ ميرن منوڙي تي هڪڙو ڪوٽ ٺهرايو. سنه 1252ھ (سنه 1836ع) ۾ انگريز سرڪار شاه شجاع الملڪ جي مدد لاءِ لشڪر ٿي موڪليو، جو ڪراچي اچي لٿو. ميرن انهيءَ کي درياه جي رستي سنڌ مان لنگهڻ نٿي ڏنو. پر انگريز توبون هڻي منهڙي جو ڪوٽ ڀڃي زور سان ڪراچيءَ ۾ اچي لٿا ۽ پوءِ درياه جي رستي لنگهي ويا. ميرن جي طرفان آغا اسماعيل شاه وڪيل ٿي ڪراچيءَ ويو ۽ سرجان ڪين سان وڃي ٺهراءُ ڪيائين ۽ انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ هڪڙو عهدنامو ٿيو. سن 1258ھ (سن 1842ع) ۾ سرچارلس نيپئر پوني مان سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿي ڪراچي آيو ۽ اُتان آگبوٽ تي چڙهي حيدرآباد ۾ آيو، جتي مير نصير خان سان ملاقات ڪيائين ۽ ٻين ميرن کي به گڏيو ۽ ٻيو عهدنامو ڪيائين، جنهن موجب ڪراچي، شڪارپور، عمرڪوٽ ۽ سبزلڪوٽ انگريز سرڪار کي مليا.
ڪراچيءَ تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 3 فيبروري 1839 تي حملو ڪري منھوڙي واري مٽيءَ جي ٺھيل ڪچي قلعي کي گولي باري سان تباھ ڪيو ۽ ھن وسنديءَ تي قبضو ڪيو.
1843 ۾ ڪمپني سرڪار جي ميجر جنرل چارلس نيپيئر مياڻيءَ جي جنگ کٽي ڪراچيءَ کي سنڌ جو پھريون دفعو گاديءَ جو هنڌ بڻايو. انگريزن کي هن شھر جي اھميت جو اندازو ھيو ۽ انھن 1854 ۾ ڪراچي پورٽ قائم ڪيو. بندرگاه جي قيام سان ھي شھر آمد و رفت جو وڏو مرڪز بڻيو ۽ کيس روڊن ۽ ريلوي نظام ذريعي سنڌ جي اندروني شھرن ۽ پنجاب سان ملايو ويو..برطانوي سرڪار ڪراچيء پھرين اينگلو افغان جنگ جي ڪري پنھنجي فوج کي مدد ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي جيڪا ھڪ فوجي گيريزن جي درجي واري ھئي. 1865 ۾ فريئر ھال ۽ ملڪہ برطانيه جي گولڊن جوبلي جي ياد ۾ ايمپريس مارڪيٽ واري عمارت ٺاھي وئي. 1878 ۾ ڪراچيءَ کي برٽش ريلوي سسٽم سان ڳنڍيو ويو.1899 ۾ ڪراچي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ وارو اوڀر جي سڀ کان وڏي بندرگاه بڻجي وئي. انگريز سرڪار جي شروع ڪيل وڏن ترقياتي منصوبن جي ڪري ٻاھران مختلف قومن ۽ مذھبن جي آبادي جو واڌارو ٿيندو رھيو جنھن ۾ برطانوي انگريز، پارسي، مراٺي، گوا جا عيسائي ۽ ٻيا شامل ھئا. يھودين به 1893 ۾ ڪراچيءَ ۾ سڀ کان پھريون سنگاگ ٺاھيو جنھن جو نالو مگئن شالوم رکيائون.ڪراچيءَ ۾ ميونسپل ڪاميٽي قائم ڪئي وئي جنھن جو پھريون ميئر سيٺ هرچند راءِ وشنداس 1911 ۾ بڻيو جنھن کي جديد ڪراچيءَ جو ابو سڏيندا هئا.
پاڪستان ٺھڻ وقت ڪراچي سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر هو جنهن جي آبادي 400000 لک ھئي. ھي شھر انڊيا مان ايندڙ مسلمان مھاجرن جو مرڪز بڻيو. انھن جي ڪراچي ۾ آمد 1960 تائين جاري رھي. شھر ۾ ٻاھران آيل ماڻهن جي ان اضافي ڪراچيءَ جي آبادي جي انگن اکرن ۽ معيشت کي بلڪل تبديل ڪري ڇڏيو. ڪراچيءَ کي پاڪستان جو پھريون گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو بعد ۾ 1958 ۾ گاديءَ جو هنڌ راولپنڊي منتقل ڪيو ويو. پرڏيھي سفارتخانا پڻ ڪراچيءَ مان منتقل ٿي ويا.1958 کان 1970 تائين ڪراچيءَ جي ون يونٽ ٺھڻ جي ڪري سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ھجڻ جي حيثيت بہ ختم ٿي وئي. 1960 واري ڏھاڪي ۾ ڪراچي دنيا ۾ ھڪ رول ماڊل بڻجي ويو . ڏکڻ ڪوريا جي سيئول ڪراچي جي پنج سالن واري منصوبي کي اپنايو.
ھي شھر پاڪستان جي ڏاکڻي صوبي سنڌ جو ساحلي ڪناري تي ڪراچي بندر لڳ واقع آهي جيڪو عربي سمنڊ جو قدرتي بندر آھي. اھو پٿريلي ساحلي ميدان تي اڏيل آھي جيڪو جابلو ٽڪرين، مٿي اڀريل پٿريلي ۽ گچ واري زميني ٽڪرن سان پکڙيل آھي. جنھن جي ڪناري تي تمر جي وڻن جا پاڻي کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندڙ جھڳٽا واقع آھن جيڪي ٻيلن جي روپ م سنڌوندي جي ڊيلٽا تائين پکڙيل آهن.
ھي شھر انڊين زميني پليٽ ۽ عربي زمين پليٽ جي سنگم جي ويجھو واقع آهي شھر منجھ ٻه ننڍڙا جابلو سلسلا: خاسا واريون ٽڪريون ۽ ملري واريون ٽڪريون ڪراچي جي اتر اولھ واري حصي م واقع آھن جيڪي نارٿ ناظم آباد ۽ اورنگي وچ ۾ آھن ۽ انھن کي الڳ ڪن ٿيون ڪراچي جون ٽڪريون ساوڪ کان خالي آھن ۽ اھي کيرٿر جبل جي قطارن جو حصو آهن جن جي وڌ کان وڌ اوچائي سامونڊي سطح کان 528 ميٽرن تائين بلند آھي. ٽڪريون وچ ۾ ڪشادا ساحلي ميدان واقع آھن. ان منجھان ملير ندي ۽ لياري ندي وھندڙ آھن. لياري ندي واري جاء تي ڪولاچي نالي مھاڻن جي وسندي ھوندي ھئي.
ڪراچي انتظامي طور تي 6 ضلعن ۾ ورھايل آھي:
# | ضلعو | تعلقا | پکيڙ | آبادي | ڇانوڻيون |
---|---|---|---|---|---|
1 | ڪراچي ايسٽ | 4 | ڪابہ نہ | ||
2 | ڪراچي سينٽرل | 5 | ڪابہ نہ | ||
3 | ڪراچي ويسٽ | 5 | منوڙا ڪينٽ | ||
4 | ڪراچي سائوٿ | 7 | ڪراچي ڪينٽڪلفٽن ڪينٽ | ||
5 | ملير ضلعو | 6 | ملير ڪينٽ | ||
6 | ڪورنگي ضلعو | 4 | ڪورنگي ڪريڪڪينٽ فيصل ڪينٽ | ||
7 | ڪياماڙي ضلعو | 3 |
ڪراچي ايسٽ | ڪراچي ويسٽ | ڪراچي سينٽرل | ڪراچي سائوٿ | ملير ضلعو | ڪورنگي ضلعو |
---|---|---|---|---|---|
1.گلزار ھجري | 1. بلديه | 1.لياقت آباد | 1.صدر | 1.بن قاسم | 1.ماڊل ڪالوني |
2. گلشن اقبال | 2.اورنگي | 2.ناظم آباد | 2.سول لائينز | 2.شاھ مريد | 2. ڪورنگي |
3.جمشيد ڪواٽرز | 3.منگھو پير | 3. نارٿ ناظم آباد | 3.گارڊن | 3.ايئرپورٽ | 3.شاھ فيصل |
4. فيروز آباد | 4. مومن آباد | 4.گلبرگ | 4.آرام باغ | 4.مراد ميمڻ | 4. لانڍي |
5.سائيٽ | 5.نيو ڪراچي | 5.لياري | 5.گڏاپ | ||
6.ھاربر | 6.ابراهيم حيدري | ||||
7. ماڙي پور |
ڪراچي ۾ 2000 ناظمن واري بلدياتي قانون تحت سڀ ضلعا ۽ تعلقا ختم ڪري شھري حڪومت قائم ڪري شھر کي 18 ٽائون م ورھايو ويو. 2011 ۾ ان نظام جو خاتمو اڻي پراڻا ضلعا ء تعلقا بحال ڪيا ويا.
نمبر | ٽائون | نمبر | ٽائون |
---|---|---|---|
1 | لياري ٽائون | 2 | صدر ٽائون |
3 | جمشيد ٽائون | 4 | گڏاپ ٽائون |
5 | سائيٽ ٽائون | 6 | ڪياماڙي ٽائون |
7 | شاھ فيصل ٽائون | 8 | ڪورنگي ٽائون |
9 | لانڍي ٽائون | 10 | بن قاسم ٽائون |
11 | ملير ٽائون | 12 | گلشن ٽائون |
13 | لياقت آباد ٽائون | 14 | نارٿ ناظم آباد ٽائون |
15 | گلبرگ ٽائون | 16 | نيو ڪراچي ٽائون |
17 | اورنگي ٽائون | 18 | بلديہ ٽائون |
ڪراچي م 93 ديھون واقع آهن.
# | ديھ | # | ديھ | # | ديھ | # | ديھ |
---|---|---|---|---|---|---|---|
1 | آبدار | 2 | الھ ٻنون | 3 | الھ ڦھائي | 4 | اميلاڻون |
5 | ٻٻراڻون | 6 | ٻاڪراڻ | 7 | بازار | 8 | ڀاڏ |
9 | بجار جي بٺي | 10 | ٻٽي آمري | 11 | ٻولھاڙي | 12 | بند مراد خان |
13 | ڇتارا | 14 | چوھڙ | 15 | درساڻو ڇنو | 16 | ڌاٻيجي 1 |
17 | ڌاٻيجي 2 | 18 | ڍانڍو | 19 | ڊھ | 20 | دوزان |
21 | ڊگھ روڊ | 22 | ڊگھ | 23 | گڏاپ | 24 | ڳاڱيارو |
25 | گابو پٽ | 26 | گھگھر | 27 | ڳجھڙو | 28 | گونڊ پاس |
29 | ھلڪاڻي | 30 | حب | 31 | حد رواء | 32 | ابراهيم حيدري |
33 | ڄام جو جکرو | 34 | جھنگ ڪنڊ | 35 | جھونجھار | 36 | جوريجي |
37 | ڪاري لڪي | 38 | ڪرمتاڻي لٽ | 39 | ڪاٺوڙ | 40 | کديجي |
41 | کاکڙ | 42 | کانٽو | 43 | کرکرو | 44 | ڪونڪر |
45 | ڪوٽيرڙو | 46 | ڪنڊ | 47 | لعل بکر 1 | 48 | لعل بکر 2 |
49 | لانڍي | 50 | لوسر | 51 | لوھارڪو لنگھ | 52 | لنگھيجي |
53 | ميھر جبل | 54 | مائي ڳاڙهي | 55 | ملھ | 56 | مانڊڙو |
57 | من | 58 | مواڇ | 59 | مھراڻ | 60 | مھيو |
61 | مٺا گھر | 62 | ميٽاڻ | 63 | ماڇڪو | 64 | موئيدان |
65 | موکي | 66 | منڍياري | 67 | نانگڻ | 68 | ناراٿر |
69 | اوڪيواري | 70 | اوڙنگي | 71 | ڦھائي | 72 | پپري |
73 | پير منگھو | 74 | ريڙھي صفوران | 75 | سنھڙو | 76 | شاھ مريد |
76 | شاھي ڇپ | 77 | شرابي | 78 | شورڪنڍي | 79 | شورينگ |
80 | سونگل | 81 | سونڍي | 82 | سورجاڻي | 83 | تائيسر |
84 | تراڙي | 85 | ٿڌو | 86 | ٿومبس | 87 | ٽوڙ |
88 | واڻ ڪنڊ | 89 | ٿھومينگ | 90 | ٿاڻو | 91 | [[]] |
92 | [[]] | 93 | [[]] |
ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪَ گھڻن نسلن، گھڻن مذھبن ۽ گھڻين ٻولين ڳالهائيندڙن جو شھر آھي 2017ع جي آدمشماري مطابق ھن شھر جي آبادي 14,910,352 ھئي ۽ شھر جي آبادي جي سالياني واڌ جي شرح %2.49 ھئي. 1998ع جي آدمشماري مطابق ھن شھر جي آبادي 93 لک ھئي شھرين کي ڪراچي وارا يا ڪراچيئيٽس سڏيو ويندو آهي. اوڻويھين صدي م ھن شھر جي آبادي 1،05،000 ھئي. 1947 م پاڪستان جي قيام وقت وڌي 4,00,000 ٿي چڪي ھئي. جنھن بعد مھاجرن جي آمد سان شھري آبادي ۾ زبردست اضافو ٿيو تيزي سان ٿيل معاشي ترقيءَ ملڪ جي ھر پاسي جي ماڻھن کي سميت ڏکڻ ايشيائي ماڻھن کي ھن شھر طرف مائل ڪيو . ڪجهه سياسي گروھن ڪراچي جي 2017 جي آدمشماري کي تڪراري قرار ڏنو آهي 1998 کان 2017 تائين ڪراچي جي آبادي ۾ 59.8 سيڪڙو اضافو آيو ۽ لاھور شھر ۾ اھو اضافو 75.3 سيڪڙو ھيو
ڪراچي جي آبادي جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي مسلمانن جي آھي. باقي عيسائي، ھندو ۽ پارسي مذھب وارا آھن. مسلم آبادي جي اڪثريت سني اسلام ء ٻئي نمبر تي شيعه اسلام سان تعلقي رکندڙ آھن. باقي ۾ اسماعيلي خوجا، اھل حديث ۽ بوھري شامل آهن. ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي مشهور مسجدون ۽ مدرسا آهن. مشهور مسجدون: ڪراچي جي مشهور مسجدن ۾ نيو ميمن مسجد، بولٽن مارڪيٽ، طوبيٰ مسجد، ڊي ايڇ اي، بيت المڪرم مسجد، گلشن اقبال، ڪشتي مسجد، مسجد خضره، ڪنز الايمان مسجد، بابري چوڪ ۽ پاڪستان مسجد، رنڇوڙ لين شامل آهن.
مشهور مدرسا: دارالعلوم ڪورنگي، دارالعلوم امجديه، دارالعلوم نعيميه، جامعه اسلاميه، نيو ٽائون، جامعه بنوريه، سائيٽ، جامعه فاروقيه، شاه فيصل ڪالوني، جامعه راشديه، احسن آباد جامعه نعيميه، ملير مشهور آهن.
ڪراچي جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي ڪراچي يونيورسٽي آھي. ان کان سواءِ ھتي سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي، اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي، ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز، دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن، ايس ايم لا کالج\يونيورسٽي، آغا خان اسڪول آف نرسنگ
آدمجي سائنس ڪاليج، ايس ايم سائنس ڪاليج، دهلي سائنس ڪاليج، گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس، خاتون پاڪستان ڪاليج آف هوم اڪنامڪس، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پرفارمنگ آرٽس، سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، بقائي ميڊيڪل ڪاليج، آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي ، همدرد يونيورسٽي ۽ ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ڪراچيءَ جا ڪجهه معزز تعليمي مرڪز آهن.
سول اسپتال، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر، لياقت نيشنل اسپتال، آغا خان اسپتال، بقائي اسپتال، عباسي شهيد اسپتال، ٽبا دل اسپتال، ڪڊني سينٽر، انڊس اسپتال، ميمن ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ، ايس آءِ يو ٽي، اين آءِ سي وي ڊي، ڪي آءِ ايڇ ڊي، پي او بي اسپتال، مرشد اسپتال، اين آءِ سي ايڇ، ڪراچي جي نفسياتي اسپتال، اسپينسر اکين جي اسپتال، ليڊي ڊفرن اسپتال، ڪراچي ڊينٽل اسپتال ۽ چنيوٽ جنرل اسپتال مشهور طبي سهولتون آهن.
ڪراچي جي موسم وچولي ٿئي ٿي.
ڪراچي واپار جو مرڪز آهي.
ڪراچي ۾ مختلف مشهور بازارون آهن.
ڪراچي بندرگاهه سنڌ جي پُراڻي بندرگاهه آهي، جنهن جو انتظام ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي سنڀال هيٺ آهي. منهوڙا ٻيٽ تي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو هڪ ٽيڪنيڪل ڪاليج ڪي پي ٽي اپرينٽس ٽريننگ ڪاليج نالي سان آهي، جتي ميرين انجنيئرنگ جي شاگردن کي سکيا ڏني ويندي آهي.
ٽرام ھلائڻ لاءِ 1881 ۾ جيمس اسٽريچن نالي ڪراچي ميونسپالٽي جي ھڪ انجنيئر تجويز تيار ڪئي جيڪا 1883 ۾ بمبئي حڪومت منظور ڪئي ۽ ٽرام ايڪٽ پاس ڪيو جنھن کان پوءِ ٽينڊر گھرايا ويا. لنڊن جي ايڊورڊ ميٿيو فرم جو ٽينڊر منظور ٿيو. 20 اپريل 1885 ۾ سنڌ جي ڪمشنر ھينري ارسڪن ڪراچيءَ ۾ ٽرام نظام جو افتتاح ڪيو. شروعات ۾ ٽرام کي ڪوئلي جي انجڻ تي ھلايو ويو پر مشينن جي شور سبب شھرين جي احتجاج تي انجڻيون ختم ڪري ٽرام کي گھوڙن سان ڇڪڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.1909 ۾ گھوڙن جي جاء تي پيٽرول جون انجڻيون لڳايون ويون. 30 اپريل 1975 ۾ ٽرام سسٽم ڪراچيءَ مان ختم ڪيو ويو.
ڪراچيءَ ۾ هڪ هوائي اڏو آهي، جيڪو جناج انٽرنيشنل ايرپورٽ جي نالي سان آهي.
ڪراچي کان اُتر پاڪستان ڏي ريل جو وڏو رستو وڇايل آهي جيڪو ڪراچي سميت سنڌ کي پوري پاڪستان سان ڳنڍي ٿو.
ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي سيرسپاٽي جا ماڳ آهن، جهڙوڪ هاڪس بي، سي وويو، منهوڙو ٻيٽ وغيره.
ڪراچيءَ ۾ ميريٽ هوٽل، پي سي هوٽل، ريجنٽ پلازا هوٽل سميت ٻيا انيڪ هوٽل آهن.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ڪراچي, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.