سڊني

سڊني(انگريزي: Sydney)(i/ˈsɪdni/ آسٽريليا جي رياست نيو سائوٿ ويلز جي گاديءَ جو هنڌ آهي.

اھو آسٽريليا ۽ اوشيانيا جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر آھي. آسٽريليا جي اوڀر واري سامونڊي ڪناري تي واقع آهي سڊني شھر 15 حصن ۾ ورھايل آھي جن ۾ 40 لوڪل گورنمينٽ ڪائونسلون واقع آھن. شھر جي ماڻھن کي سڊني سائيڊرس چوندا آهن جون 2019ع مطابق ھن شھر جي ميٽروپوليٽن آبادي 5,312,163 ھئي، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ نيو سائوٿ ويلز رياست جي %65 آبادي ھن شھر ۾ رھندڙ آھي. ھي شھر دنيا جي مهانگي ترين شھرن مان ھڪ آھي ان ھوندي بہ دنيا جي ڏھن وڏن رھائش جي وڌيڪَ قابل شھرن مان ھڪ آھي گلوبلائيزيشن اينڊ ورلڊ سٽيز ريسرچ نيٽورڪ جي مطابق ھن شھر جو شمار الفا گلوبل سٽي ۾ ٿئي ٿو جيڪو ان شھر جو پنھنجي علائقي ۽ دنيا ۾ اثر ظاھر ڪري ٿو

سڊني
نيو ساؤٿ ويلز
سڊني
سڊني اوپرا ھائوس ۽ سڊني ھاربر پل سڊني شھر جا مشھور ھنڌ نما شام مھل
آبادي: 5312163 (1st)
• ڪثافت: 423/km² (1,095.6/sq mi) (2018)
متناسقات: 33°51′54″S 151°12′34″E / 33.86500°S 151.20944°E / -33.86500; 151.20944 151°12′34″E / 33.86500°S 151.20944°E / -33.86500; 151.20944
رقبو: 12367.7 km² (4,775.2 sq mi)(GCCSA)
منطقہ وقت:

 • گرما (روشنيروز بچتي وقت)

AEST (UTC+10)

AEDT (UTC+11)

مقام:
  • 877 ڪلوميٽر (545 ميل) NE ۾ ميلبورن
  • 923 ڪلوميٽر (574 ميل) S ۾ برسبين
  • 287 ڪلوميٽر (178 ميل) NE ۾ ڪئنبيرا
  • 3936 ڪلوميٽر (2,446 ميل) E ۾ پرٿ
  • 1404 ڪلوميٽر (872 ميل) E ۾ ايڊيليڊ
آسٽريلوي مقامي حڪومت: کوڙ (31)
ڪاؤنٽي: ڪمبرلينڊ
رياست / علائقو انتخاب: کوڙ (49)
وفاقي ڊويزن: کوڙ (24)
اوسط وڌ کان وڌ درجہ حرارت اوسط گھٽ ۾گھٽ درجہ حرارت ساليانو مينھن
21.8 °C
71 °F
13.8 °C
57 °F
1,215.7 ملي ميٽر
47.9 انچ

تاريخ

سڊني جي جبلن ۾ اڪريل پٿرن مان پتو پئي ٿو تہ ھن شھر جي پسگردائيءَ واري علائقي م انساني آبادي جي شروعات 30,000 سال اڳ ٿي ھئي. ليفٽيننٽ جيمز ڪڪ پنھنجي پھرين بحري سفر ۾ 1770ع ۾ ھن شھر کان 13 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي باٽني اپسمنڊ واري ڪناري تي لنگرانداز ٿيو ھو ۽ ان جاء کي ھن برطانوي مفاد لاء موزون سمجھيو. 1788ع ۾ قيدين سان ڀريل 11 بحري ٻيڙن جو پھريون قافلو آرٿر فلپ جي سربراھي ۾ پھتو ۽ ان لاء سڊني واري جاء تي جلاوطن قيدين جي پينل ڪالوني جو بنياد وڌو ويو. جيڪا آسٽريليا جي تاريخ ۾ پھرين يورپي ڪالوني ھئي. بيرن سڊني انگلينڊ جي نوابي لقب ھيو جنھن جو درجو وڌائي وسڪائونٽ سڊني رکيو ويو ھو. فلپ ان پينل ڪالوني جو نالو سڊني مشھور سياستدان پھرين وسڪائونٽ سڊني ٿامس ٽائونزھنڊ جي نالي واري لقب تان رکيو 1842ع ۾ ان سڊني نالي پينل ڪالوني کي شھر جو درجو ڏيڻ بعد قيدين جي يورپ مان سزا طور سڊني ڏانھن منتقلي ختم ڪئي وئي. نيو سائوٿ ويلز ۾ سون جي دريافت بعد کاڻن لاء 1851ع ۾ مزدورن جي پيھ ۾ اضافو ٿيو جنھن سان سڊني وڌي وڏو شھر ٿي دنيا ۾ معاشي ۽ ثقافتي مرڪز ٿي ويو.

آبادي

ٻي جنگ عظيم بعد ھن شھر م وڏي پيماني تي ھجرت ٿي ۽ ھي شھر دنيا جي وڏن ثقافتي ڪثرت وارن شھرن مان ھڪ ٿي ويو 2011ع جي مردم شماري مطابق ھن شھر ۾ 250 ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻھو رھندڙ ھيا 2016 جي آدمشماري مطابق %35.8 سيڪڙو شھرين جي مادري بولي انگريزي جي بجاء ٻي ھئي 45.4% شھري ملڪ کان ٻاھر ڄاول ھيا جن مان اڪثريت لنڊن ۽ نيويارڪ شھرن ۾ ڄاول ھئي.

معيشت

سڊني 
سڊني جو مرڪزي حصو جيڪو بزنس ڊسٽرڪٽ آھي


سڊني آسٽريليا جو مالياتي ۽ معاشي مرڪز آھي ۽ آسٽريليا جي جي ڊي پي جو چوٿون حصو ڏيندڙ شھر آھي.لفبرا يونيورسٽي جي محققن ھن شھر کي دنيا جي ڏھ انھن وڏن شھرن ۾ شامل ڪيو آھي جيڪي عالمي معيشت ۾ ضم ٿيل آھن گلوبل ايڪانامڪ پاور انڊيڪس مطابق ھن شھر جو شمار يارھين نمبر تي ڪيو آهي گلوبل سٽيز انڊيڪس ان جو شمار عالمي مصروفيت واري لحاظ کان 14 نمبر تي ڪيو آهي 2016ع ۾ سڊني جي ناليوار گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ 400.9 ارب آسٽريلين ڊالر ھئي ۽ في ڪس 80000 آسٽريلين ڊالر ھئيمعاشي موقعي جي لحاظ کان ھن شھر جو شمار دنيا جي شھرن ۾ يارھين نمبر ۾ ٿئي ٿو ھن شھر جي بازاري معيشت مضبوط مالياتي نظام، مينيوفيڪچرنگ ۽ سياحت تي مشتمل آهي ھي ملڪ پرڏيھي بينڪن ۽ ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن جو مرڪز ۽ آسٽريليا جو مالياتي گادي جو هنڌ ۽ پئسفڪ سمنڊ جو ماليتي حب آهي

سياحت

سڊني 
سڊني جو اوپيرا ھائوس
سڊني 
سڊني جي ھائيڊ پارڪ جو منظر

سڊني بين الاقوامي راندين جي موقعن جي ميزبان ڪندڙ شھر رھيو آھي. 2000 جي اولمپڪ راندين دوران ھي دنيا جي 15 سڀ کان وڌيڪَ گھمجندڙ شھرن مان ھڪ ھيو لکين ماڻھو ھر سال ھتي جون مشھور جايون گھمڻ لاء ايندا آهن. ھن شھر جي 25 لک ايڪڙ زمين باغن لاء مخصوص آھي. ھن شھر جي مشهور گھمڻ جي جاين ۾ سڊني ھاربر، رايل نيشنل پارڪ، رايل باٽنڪ گارڊن ۽ ھائيڊ پارڪ شامل آهن جيڪي شھر جا سڀ کان پراڻا باغ آھن عمارتن م ھتي سڊني ھاربر پل ۽ سڊني اوپيرا ھائوس مشھور آھن. اوپيرا ھائوس عالمي ورثي ۾ شامل آھي. ھتان جو وڏو ايئرپورٽ ڪنگسفورڊ سمٿ ايئرپورٽ آھي جيڪو دنيا جي پراڻن ايئرپورٽن مان ھڪ آھي جيڪو 1906ع ۾ قائم ٿيو. ان کان سواءِ ھن شھر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن نيو سائوٿ ويلز جي سڀ کان وڏي ۽ مصروف ترين ريلوي اسٽيشن آهي.

سڊني 
رايل باٽنڪ گارڊن سڍني جو ھڪ پراڻو سائنسي ادراو آھي

تعليم

ھن شھر ۾ يونيورسٽي آف سڊني 1850ع ۾ قائم ٿي ھئي جيڪا آسٽريليا جي پھرين يونيورسٽي ھئي ۽ دنيا جي وڏين يونيورسٽين مان ھڪ ھئي آسٽريليا جي سڀ کان پراڻي لائبريري پڻ ھن شھر ۾ واقع آهي. ان جو نالو اسٽيٽ لائبريري آف نيو سائوٿ ويلز آهي جيڪا 1826ع ۾ شروع ٿي

حوالا

Tags:

سڊني تاريخسڊني آباديسڊني معيشتسڊني سياحتسڊني تعليمسڊني حوالاسڊنيListenآسٽريلياانگريزياوشيانيافائل:En-au-Sydney.oggنيو سائوٿ ويلزوڪيپيڊيا:IPA for English

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

وينيزويلاسوئيٽزرلينڊ2008عانگولا1251عبادشاهي مسجدویب برائوزرمسلم اسپينتبو (اداڪارا)آنگڪولاجي (طب)ڪوروناوائرس مها وبا بلحاظ ملڪ ۽ علائقو، 2019-20ڪراچيادبي تنقيدآرمينيائي ٻوليمڪوتائيوان صوبولوھاڪيڊمي1997ععوامي کاتوهيروڊوٽسشبيران چناقولکيرائين واٽ ڪهڪشانانڪوائري آفيسر (ناول)علم بيانليٽوياقومي شاعريجو بائيڊناسم اعظمنيدرلينڊزافراط زر1343عڇنمائي ڀاڳيڪتابمليرياوارھپاڪستاني رپيوڏکڻالوحيد اخبارٽنڊو آدمآئزڪ نيوٽن3 آڪٽوبرابوجاڪِرگزِستانُتلورفرشڌرتيويرناٿآغا نورمحمد پٺاڻاستادن جو عالمي ڏينهن12 سيپٽمبرٻارڻ1096عويب صفحومنصور الحلاج🡆 More