اتر ڪوريا: اتر-اوڀر ايشيا ۾ ملڪ

اتر ڪوريا(انگريزي: North Korea ) ايشيا کنڊ جي اوڀر واري پاسي ڪوريائي اپٻيٽ جي اترئين ڀاڱي ۾ واقع ھڪ ملڪ جنھن جو سرڪاري نالو 'عوامي جمهوريه ڪوريا يا ڊيموڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا آھي.

هي اتر اوڀر ايشيا جو ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ چين، اتر اوڀر ۾ روس، اوڀر ۾ جاپاني سمنڊ، ڏکڻ ۾ ڏکڻ ڪوريا ۽ اولهه ۾ پِيلو سمنڊ واقع آھي. ملڪ جي ڪل پکيڙ 122098 چورس ڪلوميٽر (47130 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 20 لک آهي. ھي ملڪ پوري ڪوريائي اپٻيٽ ۽ ويجھن ٻيٽن جي جائز حاڪميت جو دعويدار آھي. ان جي گادي جو هنڌ پيانگ يانگ آھي. ملڪي آئين جي پھرين شق مطابق ھي ملڪ ھڪ خودمختيار سماجوادي رياست آھي. ھتي جي ھڪ پارٽي واري نظام ھيٺ ڪوريا جي ورڪرز پارٽي ۽ ڪم خاندان جي سربراھي واري مطلق العنان آمريت تي مشتمل آهي ھن ملڪ جو آئين جوشي نظريي تي مشتمل آهي. ملڪ جا سمورا پيداواري ذريعا رياست جي ملڪيت آھن. ھتان جي فوج چين، آمريڪا ۽ انڊيا کان پوء دنيا جي چوٿين وڏي فوج آھي جنھن ۾ فعال فوجي تعداد 12،10،000 آھي. ھن ملڪ وٽ ايٽمي ھٿيار پڻ آھن. گڏيل قومن ۾ رڪنيت سان گڏوگڏ ھي ملڪ آسيان، غيرجانبدار تحريڪ ۽ گروپ 77 ۾ پڻ شامل آهي. قديم سلطنت ڪوريو (Koryo) جي مناسبت سان ان کي ڪوريا سڏيو ويو. ملڪ جو سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ پائي ڪتوسان (بلندي 2744 ميٽر) آهي هتان جي سرڪاري ٻولي ڪورين آهي. موسم گرمين ۾ گرم ۽ گھميل پر خوشگوار هوندي آهي، جڏهن ته سياري ۾ سخت سيءُ پوندو آهي. اتر ڪوريا جي مکيه زرعي پيداوار چانور، مڪئي، جَوَ، پٽاٽا، جوئر، ڪڻڪ، صوف، مٺا پٽاٽا، سورج مکي، ڀاڄيون ۽ ميوا آهن، هتان جي مکيه صنعتن ۾ مشينري، آبي توانائي، ڪيميائي شيون، فولاد، ڪپڙو، سيمنٽ، پيٽروليم جي صفائي ۽ ايلومينيم آهن ۽ مکيه معدنيات ۾ ڪوئلو، لوهه، گرينائيٽ، پيٽروليم، شيهو، نڪل، ٽنگسٽن، جست، سون، چاندي، ٽامو، زنڪ ۽ موليبڊ نيم شامل آهي.
اتر ڪوريا هڪ مضبوط سوشلسٽ حڪومت آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ، سڀني انتظامي اختيارن جو مالڪ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 8 سيپٽمبر 1948ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 1991ع کان اٿس.2019ع ۾ اتر ڪوريا هائيڊروجن بم جو ڪامياب تجربو ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي اتان جي سرڪاري ٽي وي تي ظاھر ڪيو تہ صدر ڪم جونگ ان جي 3 جنوري تي منظوري ڏني هئي.

ڊيموڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا
조선민주주의인민공화국
Chosŏn Minjujuŭi Inmin Konghwaguk

Flag of اتر ڪوريا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نشان
شُعار: '강성대국 (ڊي فيڪٽو)
"مضبوط ۽ خوشحال قوم"
ترانو: 애국가
"اِيگَوڪَا"(Aegukka)
("حب الوطني وارو گيت")
اتر ڪوريا تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل. اختيار کان ٻاهر علائقو جن لاءِ اتر ڪوريا دعويدار آهي ھلڪي سائي رنگ سان ڏيکاريل.
اتر ڪوريا تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل. اختيار کان ٻاهر علائقو جن لاءِ اتر ڪوريا دعويدار آهي ھلڪي سائي رنگ سان ڏيکاريل.
حیثیت خودمختيار رياست
گادي جو هنڌ پيانگ يانگ
39°2′N 125°45′E / 39.033°N 125.750°E / 39.033; 125.750
سڀ کان وڏو شهر پيانگ يانگ
دفتري ٻوليون ڪوريائي يا ڪورين
دفتري اسڪرپٽ چوزان گال (Chosŏn'gŭl)
مذهب رياستي الحاد
مقامي آبادي اتر ڪوريائي يا نارٿ ڪَورِيَن
حڪومت وحداني، جُوشَي ھڪ جماعتي ريپبلڪ جيڪا مطلق العنان آمريت جي ماتحت آهي
• ڪوريائي ورڪرز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري
ڪِم جَانگ اُن
• اسٽيٽ افيئرز ڪميشن جو صدر
ڪم جانگ ان
•  چيئرمين، اسٽينڊنگ ڪاميٽي، سپريم پيپلز اسيمبلي
ڪو رائيئونگ ھا (Choe Ryong-hae)
• اسٽيٽ افيئرز ڪميشن جو اول نائب صدر
ڪو رائيئونگ ھا
• اسٽيٽ افيئرز ڪميشن جو نائب صدر
پاڪ پانگ جيو
• ڪابينه جو پريميئر
ڪم ٽاڪ ھان
• سپريم پيپلز اسيمبلي جو چيئرمين
پاڪ تيئي سونگ
مقننه سپريم پيپلز اسيمبلي
قيام
• ڪوريا جپان جي ماتحتي ۾
29 آگسٽ 1910
• جپان کي شڪست ۽ ڪوريا جي آزادي
15 آگسٽ 1945
• سوويت انتظاميه
3 آڪٽوبر 1945
• پھرين عارضي حڪومت
8 فيبروري 1946
• ٻين عارضي حڪومت
22 فيبروري 1947
• عوامي جمهوريه ڪوريا جو قيام
9 سيپٽمبر 1948
• چين جي دستبرداري
آڪٽوبر 1958
• جُوشَي جي نظريي وارو موجوده آئين
27 ڊسمبر 1972
• گڏيل قومن ۾ شموليت
17 سيپٽمبر 1991
• پينمنجام وارو اعلان
27 اپريل 2018
پکيڙ
• جملي
120٬540 km2 (46٬540 sq mi) (97th)
• پاڻي (%)
0.11
آبادي
• 2016 اندازو
25,368,620 (55th)
• 2008 مردم شماري
24,052,231
•  گھاٽائي
212 /km2 (549.1 /sq mi) (45th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2014 لڳ ڀڳ
• ڪل
$40 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$1,800
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$30 ارب ڊالر


نالو

لفظ ڪوريا ڪوريو لفظ مان نڪتل آهي جيڪو سڀ کان پهرين ڪوگوريو واري قديم بادشاھت استعمال ڪيو ھو جيڪا پنھنجي دور جي اوڀر ايشيا جي وڏين بادشاھتن منجھان ھئي جنھن جو گوانگائتو اعظم وارو راڄ ڪوريائي اپٻيٽ جي لڳ ڀڳ سموري حصي، منچوريا ۽ روس جي آخري اوڀر ۽ انر منگوليا واري علائقن تائين ڦهليل ھيو ڏھين صدي عيسويءَ ۾ ڪوگوريو جي جاء ڪوريو واري بادشاھت ورتي اھڙي طرح ان علائقي تي ڪوريو نالو پيو ۽ فارسي واپارين ان کي ڪوريا سڏڻ شروع ڪيو


اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
اتر ڪوريا جو جھنڊو

تاريخ

ڪوريا جي رياست جي پيڙهه 2400 ق. م ۾ هڪ حڪمران تنگول جي هٿان پئي، هن سلطنت جو نالو چوزن (Chosen) ”پرهه ڦٽيءَ جي آسودگي“ رکيو، ڪوريائي ماڻهو ان کي تائي هان (Tai Han) چوندا هئا. هتي هزارين سال اڳ وچ ايشيا جي قبيلن جا ماڻهو اچي آباد ٿيا. ڪوريا جو پهريون بادشاهه ٽانڪون هو، جنهن ڪوريا تي ڪيترائي سال حڪومت ڪئي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪوريائين کي پنهنجي 4300 سال اڳ جي تاريخ تي وڏو فخر آهي. ڪوريا جا اصل رهواسي منگولن ۽ قازقن جي نسل مان ٻڌايا وڃن ٿا. ڇهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري سلطنت سيلا ڏاکڻيئن ڪناري جي رياست ڪايا (Kaya) کي فتح ڪيو. چوٿين صديءَ ۾ ٻڌمت ڦهليو، جيڪو ڇهين صديءَ ۾ طاقتور ۽ مضبوط حيثيت اختيار ڪري ويو. اوڻويهين صديءَ ۾ ڪوريا تي قابض ٿيڻ لاءِ چين ۽ جاپان وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ شروع ٿي. 95-1894ع جي چين جاپان ويڙهه کانپوءِ 17 اپريل 1895ع تي ڪوريا جي ڌار وجود ۽ آزاديءَ کي تسليم ڪيو ويو. چين کانپوءِ، 1905ع ۾ جاپان روس کي به شڪست ڏني، جنهن سان هن جا حوصلا وڌيا. 1948ع ۾ ڪوريا کي ٻن حصن اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ ورهايو ويو. اتر ڪوريا جي گاديءَ جو هنڌ پيانگ يانگ قرار ڏنو ويو. 1948ع جي آخر ۾ روسي فوجون ملڪ مان نڪري ويون.

اتر ڪوريا جو قيام

اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
ڪم ال سنگ, جيڪو اتر ڪوريا جو باني ھيو

چين ۽ جاپان جي پھرين جنگ ۽ روس جاپان جي جنگ بعد 1910 کان 1945 تائين ڪوريا تي جاپان جو قبضو رھيو. ڪوريائي مزاحمتي گروپن ڊونگنپگون جي نالي سان آزادي جي جنگ وڙھندڙ فوج ٺاھي چين۽ ڪوريا واري سرحد کان جاپاني فوج سان گوريلا جنگ جوٽي جن مان جڪ گوريلا اڳواڻ ڪم ال سنگ ھيو جيڪو بعد ۾ اتر ڪوريا جو پھريون سربراھ ٿيو. 1945ع ۾ ٻين جنگ عظيم جي پڇاڙيءَ ۾ جاپان جي پيش پوڻ بعد ڪوريائي اپٻيٽ ٻن حصن ۾ ورھائجي ويو. ان جي اترئين تي سوويت يونين ۽ ڏاکڻي حصي تي يونائيٽيڊ اسٽيٽس قابض ٿيا. ڪوريا جي ٻنھي حصن جي الحاق لاء مذاڪرات ناڪام ٿي ويا. سوويت جنرل ٽرينٽيئاء شتائيڪوف آڪٽوبر 1945ع ۾ سوويت شھري انتظاميه قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي ۽ ڪم ال سنگ جي فيبروري 1946ع ۾ قائم ٿيل اتر ڪوريا جي عارضي پيپلز ڪاميٽي جي چيئرمين ٿيڻ جي حمايت ڪئي. سيپٽمبر 1946ع ۾ ڏکڻ ڪوريا جي ماڻھن اتحادين جي فوجي حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪئي. اپريل 1948ع ۾ جيجو ٻيٽ وارن جي بغاوت کي سختي سان ڪچليو ويو. مئي 1948 ۾ ڏکڻ ڪوريا جي رياست جو قيام عمل ۾ آيو ۽ ٻن مهينن بعد ڪميونسٽ مخالف سنگمين ري ان نئين ملڪ جو سربراھ ٿيو 9 سيپٽمبر 1948ع ۾ ڊيموڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا جو قيام عمل ۾ آيو جنھن جو پھريون پريميئر ڪم ال سنگ مقرر ٿيو. شتائيڪوف سوويت يونين جو اتي پھريون سفير مقرر ٿيو. 1948ع ۾ سوويت فوج اتر ڪوريا مان نڪري وئي ۽ 1949 ۾ آمريڪي فوج پڻ ڏکڻ ڪوريا مان نڪري وئي پر جلد ئي اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ جنگ ڇڙي پئي.

ڪوريائي جنگ

اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
ڪوريا جي جنگ دوران قبضي جي صورتحال
  اتر ڪوريا، چين ۽ سوويت يونين جون فوجون
  ڏکڻ ڪوريا، يونائيٽيڊ اسٽيٽس، دولت مشترڪه ۽ گڏيل قومن جون فوجون

25 جون 1950ع تي اتر ڪوريا جي فوج ڏکڻ ڪوريا تي حملو ڪري گھري آئي ۽ تيزي سان ڏکڻ ڪوريا جي لڳ ڀڳ سموري علائقي تي قابض ٿي پر جلد ئي گڏيل قومن جي فوج مداخلت ڪئي ۽ تيزي سان اتر ڪوريا طرف پيشقدمي ڪئي ۽ جڏھن چيني سرحد ويجھو پھتي تي چيني فوج اتر ڪوريا جي فوج جي مدد لاءِ مداخلت ڪئي جنھن سان توازن تبديل ٿي ويو. 27 جولاءِ 1953ع تي ڪوريائي جنگبندي واري معاھدي ذريعي جنگ جو خاتمو ٿيو. ان معاهدي سان پراڻي سرحد بحال ڪئي وئي پر امن معاھدو عمل ۾ نہ اچي سگھيو ان جنگ 30 لک ماڻھن کي پنھنجو کاڄ بڻايو جيڪو ٻين جنگ عظيم کان پوءِ ويٽنام جنگ وانگر سڀ کان وڏو انساني الميو ھيو ۽ اھا سرد جنگ جو سڀ کان وڏو موتمار تڪرار ھيو

جنگ کان پوءِ جي صورتحال

اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
پيانگ يانگ ۾ ڪوليما تحريڪ جو يادگار مجسمو

جنگبندي جي معاھدي باوجود سرحدي فوجي چڪريون، اھم شخصيتن تي قاتلاڻي حملن ۽ اغوائن جا واقعا جاري رھيا جن ٻنھي ملڪن ۾ ٽڪراء واري صورتحال کي برقرار رکيو جنگ کان پوءِ ٻن ڏهاڪن تائين ٻنھي ملڪن ۾ مذاڪرات شروع ٿي نہ سگھيا. 1971 ۾ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ مٿين سطح وارا رابطا مخفي طرح شروع ٿيا ۽ 4 جولاءِ 1972ع ۾ ٻنھي ملڪن ڪوريا جي پرامن الحاق لاء گڏيل بيان جاري ڪيو. 1973ع ۾ ڏکڻ ڪوريا ٻنھي ملڪن جي عالمي ادارن ۾ الڳ رڪنيت وٺڻ جي موقف ڪري مذاڪرات ناڪام ٿي ويا 1956ع ۾ ڪم ال سنگ سويت يونين ۽ چين طرفان سندن حامي ڌڙن جي حق ۾ معزول ڪرڻ جي ڪوششن جي مزاحمت ڪئي آڪٽوبر 1958 ۾ چيني فوج جو آخري جٿو اتر ڪوريا مان ٻاھر نڪتو اتر ڪوريا چين ۽ سوويت يونين جي ويجھو رھيو ۽ جڏھن ٻنھي طاقتن ۾ اختلاف ٿي پيا تہ ان پاڻ کي ٻنھي کان پاسيرو رکي پنھجو الڳ نظريو رکيو جنھن جو نالو جوشي رکيو


اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
گادي جي هنڌ زير زمين ريلوي اسٽيشن پيانگ يانگ ميٽرو جنھن ۾ بم کان محفوظ رھڻ وارو نظام رکيل آهي

جنگ بعد 1954 ۽ 1955 ۾ ھڪ وڏو ڏڪار آيو جنھن ۾ 8 لک ماڻھو ھلاڪ ٿي ويا. ,1994 کان 1998 تائين آيل ڏڪار ۾ 28 لک ماڻھو ھلاڪ ٿي ويا ملڪ جي قيام بعد صنعتي ترقيءَ ۾ اضافو آندو ويو ۽ ملڪ جي ڪرنسي جو قدر ڏکڻ ڪوريا کان وڌيڪَ ھيو. 1960 واري ڏهاڪي ۾ ان جي معاشي واڌ ڏکڻ ڪوريا کان وڌيڪَ ھئي. 1976ع ۾ اتر ڪوريا جي جي ڊي پي ۽ في ڪس آمدني جي شرح ڏکڻ ڪوريا جي برابر ھئي پر 1980 واري ڏهاڪي ۾ ھن ملڪ جي معيشت جي رفتار تمام سست ٿي وئي ۽ 1987ع ۾ معاشي ترقي جي شرح منفي ٿي وئي. 1991ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد روسي امداد بند ٿي وڃڻ ڪري ھن ملڪ جي معيشت بلڪل ويھجي وئي. ڏڪار کان اڳ ھن ملڪ ۾ متوقع عمر جي حد 72 سالن تائين ھئي. ڏڪار کان اڳ ھن ملڪ جي صحت جو نظام 45000 ڊاڪٽرن، 800 اسپتالن ۽ 1000 ڪلنڪن تائين ھيو

سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ

1992 ۾ ڪم ال سنگ جي صحت تمام بگڙي وئي ۽ سندس پٽ ڪم جانگ ال آھستي آھستي رياستي معاملن کي سنڀالڻ شروع ڪيو. 1994ع ۾ دل جي دوري پوڻ ڪري وفات ڪري ويو. ڪم جانگ ال ملڪ ۾ ٽن سالن تائين قومي سوڳ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون. ھن ملڪ ۾ فوج کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سونگن يعني "فوج اول" واري پاليسي متعارف ڪرائي. 1990 واري ڏهاڪي جي وچ دوران ٻوڏ سان فصلن جي تباھي ڪري ھڪ وڏو معاشي بحران شروع ٿيو ۽ نتيجي ھڪ وڏي ڏڪار کي جنم ڏنو جنهن ۾ 240000 کان 420000 ماڻھو ھلاڪ ٿي ويا. 1996ع ۾ حڪومت گڏيل قومن کان خوراڪ جي مدد ورتي.

ايڪويهين صدي

اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
پيانگ يانگ جون ڪجهه رھائشي عمارتون

2001 ۾ آمريڪي صدر جارج بش جي چونڊجڻ بعد آمريڪا اتر ڪوريا کي ھڪ بدمعاش رياست قرار ڏنو. اتر ڪوريا عراق جھڙي انت کان بچڻ لاء ايٽمي صلاحيت جي حاصلات لاءِ ڪوششون وڌائي ڇڏيون 9 آڪٽوبر 2006 تي ھن ملڪ پنھنجو پھريون ايٽم بم جو تجربو ڪيو 17 ڊسمبر 2011 تي ڪم جانگ ال دل جي دوري پوڻ ڪري وفات ڪئي ۽ سندس ننڍي پٽ ڪِم جَانگ اُن کي سندس جانشين بڻايو ويو. اتر ڪوريا ممڪن طور تي آمريڪا تائين ميزائيل حملي ڪرڻ ۽ ھائڊروجن بم ٺاھڻ جي صلاحيت پڻ حاصل ڪري ورتي آهي. 2017ع ۾ ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ بعد آمريڪا ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو آيو اتر ڪوريا گئام لڳ نشانو آزمائڻ لاء ميزائيل تجربي جي پڻ ڌمڪي ڏني پر 2018ع ۾ ڇڪتاڻ ۾ ڪمي آئي 2018 ۽ 2020 ۾ اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ سلسليوار امن ڪانفرنسون منعقد ٿيون جن ۾ ڪم جانگ ان، ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جئي ان ۽ ڊونالڊ ٽرمپ شرڪت ڪئي

جاگرافي

اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
اتر ڪوريا جو ٽوپو گرافي وارو نقشو

اتر ڪوريا ڪوريائي اپٻيٽ جي اترئين ڀاڱي ۾ واقع آهي جنھن جي پکيڙ 120٬540 ڪلوميٽرزچورس (46٬541 sq mi) آھي. اتر ڪوريا ۽ چين جي سرحد تي امنوڪ ندي (چين ۾ ان کي يالو ندي سڏيندا آهن) واقع آهي جيڪو ٻنھي ملڪن کي ڌار ڪري ٿو. اتر ڪوريا ۽ روس جي سرحد تي وري تومين ندي واقع آهي جيڪا ٻنھي ملڪن کي ڌار ڪري ٿي. ان جي ڏکڻ ڪوريا سان ملندڙ سرحد تي ڪوريائي غير فوجي علائقو واقع آهي. ملڪ جي اولھ ۾ پيلو سمنڊ ۽ ڪوريائي نار واقع آهي. اوڀر ۾ جاپاني سمنڊ جي ٻئي پار جاپان واقع آهي.


اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
ڪمگانگ جبل
اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
ھيمھانگ لڳ اتر ڪوريائي سامونڊي ڪنارو

ھن ملڪ جو 80 سيڪڙو علائقو جابلو ۽ مٿانهين پٽن تي مشتمل آهي جن کي سوڙھيون اونھيون واديون ڌار ڪن ٿيون. ڪوريائي اپٻيٽ ۾ سمورا 2000 ميٽرن کان بلند جبل اتر ڪوريا ۾ واقع آھن. ملڪ جو سڀ کان اوچو مقام پِيڪٽُو جبل (Paektu Mountain) جنھن جو شمار ٻرندڙ جبلن ۾ ٿئي ٿو ۽ ان جي سمنڊ جي سطح کان اوچائي 2٬744 ميٽر (9٬003 ft) آھي ۽ ان کي اتر ڪوريا جا ماڻھو ھڪ مقدس مقام سمجھندا آھن ملڪ جي اولھ پاسي ساحلي ميدان واقع آھن جيڪي اوڀر طرف ختم ٿين ٿا. آبادي جو وڏو حصو ميداني ۽ ھيٺاھين علائقن ۾ وسي ٿو. 2003 ۾ ملڪ جي 70 سيڪڙو حصي ۾ ٻيلا واقع ھيا. ملڪ جي سڀ کان وڏي ندي امنوڪ ندي آھي جنھن جي ڊيگھ 790 ڪلوميٽر (491 mi) آھي. ھن ملڪ جا ٽي ماحولياتي خطا آھن: وچ ڪوريائي پن ڇڻ ٻيلا، چنگبائي جبلن وارا گڏيل ٻيلا ۽ منچوريائي گڏيل ٻيلا

آبھوا

اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
اتر ڪوريائي ڪوپن واري درجابندي وارو نقشو

ھن ملڪ جي آبھوا ۾ ٻئي زميني ۽ سامونڊي شامل آھن ڪوپن واري درجابندي واري اسڪيم مطابق ملڪ جي وڏي حصي ۾ گھميل زميني آبھوا آھي. سياري جي موسم ۾ وايومنڊل صاف رھندو آھي ۽ اتر ۽ اتر اولھ جي سائبيريائي ھوائن جي ڪري برفاني طوفان پڻ ايندا رھندا آھن پيسفڪ سمنڊ جي مون سون وارين ھوائن ڪري اونھارو گرم، گھڻي ڀاڱي گھميل ۽ برساتن سان ڀرپور ھوندو آھي. 60 سيڪڙو برساتون جون کان سيپٽمبر تائين پونديون آهن سرء ۽ بھار عارضي موسمون آهن جيڪي سياري ۽ اونھاري جي وچ ۾ اينديون آهن. پيانگ يانگ جو جنوري م سراسري گرمي پد −3 ۽ −13 °C (27 ۽ 9 °F) ۽ آگسٽ ۾ 29 ۽ 20 °C (84 ۽ 68 °F) رھندو آھي

انتظامي ورھاست

نقشو نالو انتظامي صدر مقام
راسان
نامپو
ڏکڻ پيونگان
اتر ھوانگھي
ڏکڻ ھوانگھي
ڪانگوان
ڏکڻ ھيمگيانگ
اتر ھيمگيانگ
ريانگانگ
چاگانگ
اتر پيونگان
ڪئيسانگ
پيلو سمنڊ
(ڪوريا اولھ سمنڊ)
ڪوريائي نار
جاپاني سمنڊ
(ڪوريا اوڀر سمنڊ)


گادي وارو شھر
1 پيانگ يانگ (چنگ گوياڪ)
خاص شھر
2 راسان (راجن گوياڪ)
صوبا
3 ڏکڻ پيونگان پيونگسانگ
4 اتر پيونگان سنيوئھو
5 چاگانگ ڪينگائي
6 ڏکڻ ھوانگھي ھئيجو
7 اتر ھوانگھي ساريوان
8 ڪانگوان صوبو وانسن
9 ڏکڻ ھيمگيانگ ھئمھنگ
10 اتر ھيمگيانگ چنگجين
11 ريانگانگ ھيسان

سياسي نظام

اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
مينسيوڊئي اسيمبلي ھال, جتي سپريم پيپلز اسيمبلي ويھندي آھي

اتر ڪوريا انتھائي مرڪزيت واري ھڪ جماعتي رياست آھي. ان جي 2016 واري آئين مطابق اھا ھڪ انقلابي ۽ سوشلسٽ رياست آھي جيڪا جوشي نظريي ۽ سونگن نظريي جي رھنمائي تحت ڪم ڪري ٿي ملڪ جي واحد رياستي جماعت ڪوريا جي ورڪرز پارٽي آھي جنھن جي سربراهي ڪم خاندان جو ڀاتي ڪندو آهي سن جماعت جا 30 لک رڪن آھن جيڪي اتر ڪوريا جي سموري سياست تي حاوي ھوندا آھن. ان جماعت جون ٻہ ذيلي جماعتون: ڪوريائي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ چونڊوئسٽ چونگو پارٽي آھن. ملڪ جو موجوده سپريم ليڊر ڪم جانگ ان آھي جيڪو حڪومت جي سمورن ڍانچن جو سربراھ آھي. ھي ڪوريا جي ورڪرز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري، رياستي معاملن جي ڪميشن جو صدر ۽ فوج جو سپريم ڪمانڊر پڻ آهي. ان جو ڏاڏو ڪم ال سنگ ملڪ جو باني ۽ 1994ع ۾ مرڻ گھڙيءَ تائين تاحيات صدر رھيو سندس پيءُ ڪم جانگ ال پاڻ کي تاحيات جنرل سيڪريٽري ۽ نيشنل ڊفينس جو تاحيات چيئرمين قرار ڏنو. ملڪ جي آئين مطابق حڪومت جون ٽي سرڪاري شاخون آهن جن ۾ اتر ڪوريا جي رياستي معاملن واري ڪميشن پڻ شامل آهي جيڪو رياستي سالميت لاء قوم جي سڀ کان عظيم رھنمائي وارو ادارو آھي. اھو ادارو رياستي جي دفاع وارا فيصلا ڪندو آهي ۽ ملڪ جون اھم پاليسيون جوڙيندو آهي ۽ ڪميشن جي چيئرمين ڪم جانگ ان جي حڪمن تي عملدرآمد ڪندو آهي. ٻين شاخ ملڪ جو قانونساز ادارو آهي جيڪو اتان جي ھڪ ايواني سپريم پيپلز اسيمبلي آھي جنھن جا ڪل 687 رڪن آھن جن جي چونڊ پنجن سالن لاءِ عام ووٽن ذريعي ٿيندي آهي. حڪومت جي ٽين شاخ اتر ڪوريا جي ڪابينه آھي جنھن جو سربراهه پريميئر ھوندو آھي. 14 آگسٽ 2020ع تي ملڪ جو پريميئر ڪم ڊاڪ ھون مقرر ٿيو. ھن اداري کي ملڪ جا ايگزيڪيوٽو وارا اختيار ڏنل آھن. پريميئر حڪومت جي نمائندگي ڪندو آهي. ڪابينه جي رڪنن ۾ ٻہ نائب پريميئر ۽ 30 وزير، 2 ڪابينه جي ڪميشن جا چيئرمين، ڪابينه جو چيف سيڪريٽري، مرڪزي بينڪ جو چيئرمين، سينٽرل بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جو ڊائريڪٽر، سائنسن واري اڪيڊمي جق صدر شامل آهن. اتر ڪوريا پنھنجي مخالف ڏکڻ ڪوريا وانگر سموري ڪوريائي اپٻيٽ ۽ ويجھن ٻيٽن جو دعويدار آھي ڪجهه مبصرن جي خيال مطابق ھن ملڪ جو سياسي نظام مطلق بادشاھت يا وراثت واري آمريت وارو آھي ان جي تشبيهه اسٽالن واري آمريت سان پڻ ڪئي ويندي آهي.

سياسي نظريو

حڪومتي ونھوار ۽ ورڪرز پارٽي جي ڪم جو بنياد ڪم ال سنگ جي حڪمت واري جوشي نظريي تي آهي جيڪو ان ڊسمبر 1955ع ۾ پنهنجي ھڪ تقرير ۾ ڏنو. ان نظريي جا متا معاشي خود انحصاري، فوجي خود انحصاري ۽ آزاد پرڏيهي پاليسي آھن. ھن نظريي کي شروع ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جي نفاذ جي نئين صورت طور متعارف ڪرايو ويو پر 1970 واري ڏهاڪي ۾ ان نظريي کي ڪميونسٽ سماج جي قيام لاء واحد انقلابي ۽ نظرياتي ڍانچو قرار ڏنو ويو. 1980 واري ڏهاڪي ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جي جاء مڪمل طور تي ھن نظريي کي ڏني وئي. 1992ع ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جي حوالن کي آئين مان مڪمل طور تي خارج ڪيو ويو. 2009 واري آئين مان ڪميونزم کي خارج ڪيو ويو ۽ ان جي جاء تي فوج اول وارو سونگن نظريو متعارف ڪرايو ويو. آئين ۾ سوشلزم کي تنھن ھوندي بہ برقرار رکيو ويو. جوشي جو خود انحصاري وارو نظريو وقت۽ حالات سان اسريو جيڪو پارٽي کان اسپارٽا واري سادگي، قرباني ۽ نظم جي تقاضا ڪري ٿو. برائن رينولڊس مائرس مطابق اتر ڪوريا جو اصل نظريو ڪوريائي نسلي قوم پرستي آھي جيڪا يورپي فسطائيت ۽ جاپاني شووا اسٽيٽزم وانگر آھي

ڪم گھراڻو

اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
اتر ڪوريا جا ماڻھو مانسو ھل واري وڏي يادگار تي ڪم ال سنگ (کاٻي پاسي) ۽ ڪم جانگ ال جي مجسمن جي تعظيم ڪندي ڏيکاريل

اتر ڪوريا ۾ ڪم گھراڻي کي پيڪٽو جبل وارو نسل سڏيندا آهن جيڪو ڪم ال سنگ ۽ ان جي اولاد جي ٻن نسلن تي مشتمل آهي. جوشي نظريي تحت ڪم ال سنگ شخصيت وارو مسلڪ متعارف ڪرايو. ان تحت پارٽي ۽ انقلاب جي تاحيات سربراھي ڪم ال سنگ جي خاندان مان ھوندي ڪم ال سنگ جي ذات جي محور واري شخصيتي مسلڪ خانداني وراثتي جانشيني کي جائز بڻائي ڇڏيو

اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
ڪم جانگ ان ۽ سندس ڀيڻ ڪم يو جانگ (ساڄي پاسي) مارچ 2018ع ۾

پرڏيهي ناتا

اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
پيانگ يانگ ۾ راندين واري اريرانگ جشن ذريعي چين ۽ اتر ڪوريا جي ويجھن لاڳاپن جو ڏيک

ملڪ جي قيام بعد شروعات ۾ ھن ملڪ جا پرڏيهي ناتا رڳو ڪميونسٽ ملڪن سان ھيا. 1960 ۽ 1970 واري ڏهاڪن ۾ ھن ملڪ آزاد پرڏيهي پاليسي اختيار ڪئي جنھن تحت ان ڪيترن ئي ترقي پزير ملڪن سان ناتا جوڙيا ۽ غير جانبدار تحريڪ جو رڪن ٿيو. سوويت يونين جي خاتمي بعد معاشي بحران جو شڪار ٿيڻ بعد ان کوڙ ملڪن ۾ پنھنجا سفارتخانا بند ڪري ڇڏيا پر ساڳئي وقت ترقي يافتہ آزاد تجارت وارن ملڪن سان ناتا جوڙڻ جي شروعات ڪئي 1991 ۾ گڏيل قومن جو رڪن ٿيو. غيرجانبدار تحريڪ سان گڏوگڏ آسيان جي علائقائي فورم ۽ گروپ 77 جو پڻ رڪن ٿيو ھن وقت ان جا سڀ کان وڌيڪَ ويجھا لاڳاپا چين سان آھن اتر ڪوريا جا 166 ملڪن سان سفارتي ناتا آھن ۽ 47 ملڪن ۾ ان جا سفارتخانا آھن تنھن ھوندي بہ ان جا ارجنٽينا، فرانس، اسٽونيا، عراق، اسرائيل، يونائيٽيڊ اسٽيٽس، جاپان، تائيوان ۽ بوٽسوانا سان سفارتي لاڳاپا ڪانه آھن ان جا ويٽنام، لائوس ۽ ڪمبوڊيا سان مضبوط لاڳاپا آھن.

اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
ڪم جانگ ان 25 اپريل 2019 تي روسي صدر پيوٽن سان ملندي
اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
جون 2018ع ۾ سنگاپور جي اتر ڪوريا يونائيٽيڊ اسٽيٽس سمٽ ۾ ڊونالڊ ٽرمپ سان گڏ
اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
ڪم جانگ ان ۽ ڏکڻ ڪوريا جو مون جئي ان اپريل 2018ع تي انٽر ڪورين سمٽ ۾ ھٿ ملائيندي

عدالتي نظام

اتر ڪوريا جو قانوني نظام پروشيائي ماڊل جي بنياد تي بيٺل آھي ۽ اھو جاپاني روايتن ۽ ڪميونسٽ قانوني نظام کان متاثر ٿيل سول قانون وارو نظام آھي ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آھي جيڪا اپيل واري سڀ کان اعليَ عدالت آھي. ان کان علاوه ھتان جي عدالتي نظام ۾ صوبائي سطح واريون ڪورٽون، اسپيشل شھري سطح واريون ڪورٽون، پيپلز ڪورٽون ۽ اسپيشل ڪورٽون شامل آهن. سڀ کان ھيٺين سطح واريون ڪورٽون پيپلز ڪورٽون آھن جيڪي شھرن، ڪائونٽين ۽ شھري ضلعن ۾ ڪم ڪن ٿيون. فوج، ريل روڊن ۽ بحري معاملن لاء خاص عدالتون ڪم ڪن ٿيون. ججن جي ڀرتي مقامي پيپلز اسيمبليون چونڊ ذريعي ڪنديون آهن پر عملن ورڪر پارٽي انھن جي ڀرتي ڪندي آهي. ھتان جي تعزيراتي قانون جو بنياد ان اصول تي آھي تہ قانون کان بغير ڪوبه ڏوھ ناھي. ملڪ ۾ سياسي قيدين کي پورھئي واري ڪيمپن ۾ موڪليو ويندو آھي ۽ ڏوھارين کي الڳ جيلن ۾ رکيو ويندو آهي

مذھب

اتر ڪوريا: نالو, تاريخ, جاگرافي 
پيانگ يانگ ۾ چلگول چرچ جتي ڪم ال سنگ جي ماء شماسه طور ڪم ڪيو

سرڪاري طور تي اتر ڪوريا ھڪ ملحد رياست آھي. ھڪ اندازي مطابق ھتان جي آبادي جو 64 سيڪڙو ماڻھو لامذھب، 16 سيڪڙو ڪوريائي شامنزم، 14 سيڪڙو ڪونڊوازم، 4 سيڪڙو ٻڌ ۽ 2 سيڪڙو عيسائي آھن ھتان جي آئين ۾ مذھبي آزادي ۽ مذھبي رسمون ادا ڪرڻ جي ضمانت ڏنل آهي تنھن جي باوجود حڪومت پاران مذھبن تي پابنديون لڳل آھن ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران مذھبي جبر تي ڳڻتي جو پڻ اظھار ڪيو ويو آهي ھتان جي ثقافتي زندگي اڄ بہ ٻڌ مذھب ۽ ڪوريائي ڪنفيوشسزم کان گھڻو متاثر آهي.

حوالا

Tags:

اتر ڪوريا نالواتر ڪوريا تاريخاتر ڪوريا جاگرافياتر ڪوريا انتظامي ورھاستاتر ڪوريا سياسي نظاماتر ڪوريا پرڏيهي ناتااتر ڪوريا عدالتي نظاماتر ڪوريا مذھباتر ڪوريا حوالااتر ڪوريا

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

لوڪ ادبھزاروڪائونٽيمحمد سومار شيخرومن اسڪرپٽعوامي کاتوآئينتيشخسگريٽ نوشيرضا لانگاھپنهورابوظهبيچاڊگڏيل بادشاھتاڳاڙيڪمال اتاترڪتاريخڪيلووڪيميڊيا فائونڊيشنمحاوروآئسلينڊڪ ٻوليرُٿ فائوعلي رضا سولنگيرمضانحرف جرويب صفحووسڪائونٽسينٽ پيٽرسبرگوڪي سورسآمريڪا جون گڏيل رياستونعددورلڊ بينڪچيڪ جمهورياانڊونيشياوبائي زڪامجاگرافيائي بيھڪ نظامفرانسبئڪٽيرياملائڪپرو چانڊيوراڄڌانين جي فهرستٽماهي مهراڻوڪي لغتڪتوچاروپروٽانوڪيميڊيا ڪامنزداعشچٽساليباسڪٽ بالعلم ڪيمياانگريزي ٻوليانٽرنيٽڪوروناوائرس روڳ 2019وڪي قولوڪي ڊيٽاموسيقيفلسفو🡆 More