سنڌي وڪيپيڊيا هڪ کوليل ڄاڻ چيڪلو آھي جنهن کي هر ڪوئي سنواري سگهي ٿو.
سنڌي وڪيپيڊيا جو بنياد 10 فيبروري 2006 ۾ پروفيسر احسان احمد عرساڻيءَ پاران وڌو ويو.
وڪيپيڊيا هڪ گُهڻ ٻوليائي، ويب تي جُڙيل، مفت ۽ آزاد مواد انسائيڪلوپيڊيا پروجيڪٽ آهي، جيڪو وڪيذريعات پيڙهڪا (وڪيميڊيا فائونڊيشن) طرفان سهائتا ماڻيل ۽ کُلي عام سنوار يا ترميم جي لائق مواد جي ماڊل تي ٻَڌل آهي. "وڪيپيڊيا" جو نالو وڪي لفظن (وڪي جنهن وسيلي گڏيل ويب سائٽ بڻائڻ لاءِ هڪ ٽيڪنالاجي آهي، وڪي هوائي ٻولي جي لفظ وڪي منجهان ورتل آهي، جنهن جو مطلب "تيز، ڦُڙتيلو، تُرت، انگريزي ۾ ڪوئيڪ" آهي) جو هڪ مجموعو ۽ مُفت آن لائن انسائيڪلوپيڊيا آهي. جنهن کي ڪير به سنواري سگهي ٿو. وڪيپيڊيا وڏي پيماني تي گمنام رضاڪارن جي سهڪار سان لکي ويندي آهي جيڪي بنا ڪنهن پگهار جي وڪيپيڊيا تي مضمون لکندا آهن. انٽرنيٽ تائين پهچ رکندڙ ڪوبہ ماڻهو وڪيپيڊيا تي مضمون لکي سگهي ٿو ۽ تبديليون، سنوارون، مواد ۾ سُڌارا آڻي سگهي ٿو، سواءِ ڪُجهہ محدود معاملن ۾ جتي رڪاوٽ يا ٽوڙ ڦوڙ (تخريبڪاري يا جنهن کي ايئن بيان ڪجي تہ مواد کي خراب ڪرڻ) شامل هجي انهن معاملن ۾ کيس تي ترميم ڪرڻ تي روڪ يا بندش وجهي سگهجي ٿي. وڪيپيڊيا کي استعمال ڪندڙ، جن کي انگريزي ۾ يوزر سنڌي ۾ واپرائيندڙ سڏيو ويندو آهي سي گمنامي ۾، پنهنجو تخلص يا عُرفيت تحت، يا، جيڪڏهن هو پنهنجي اصلي سُڃاڻپ نالو سان، سنوار ڪرڻ جي چُونڊ ڪري سگهن ٿا. اُهي بڻيادي اصول جن جي ذريعي وڪيپيڊيا هلندي آهي سي پنج ٿنڀَ يا پلرز آهن. وڪيپيڊيا برادري انسائيڪلوپيڊيا کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي حڪمت عمليون (پاليسيون) ۽ هدايتون (گائيڊ لائين) تيار ڪيون آهن، جڏهن ته ڀاڱيداريون ڪرڻ کان اڳُ اُنهن اصولن، پنج ٿنڀَ (فائيو پلرز) سان واقفيت ڪرڻ يا انهن کي پڙهي سمجهڻ باضابطا گُهرَ (تقاضا) ناهي. وڪيپيڊيا جو جنم 15 جنوري 2001 تي ٿيو هيو، پنهنجي رچنا (تخليق) کانپوءِ، وڪيپيڊيا تيزيءَ سان دنيا جي سڀ کان وڏي آن لائن مُفت ريفرنس ويب سائٽ طور ترقي ڪري چُڪي آهي، وڪيپيڊيا مارچ 2020 تائين هر مهيني 1.5 بلين مُنفرد زائرين کي پاڻ ڏانهن ڇِڪي (راغب) ڪري ٿي. هينئر تائين وڪيپيڊيا 300 کان وڌيڪ ٻولين ۾ آهي جنهن ۾ 51 ملين کان وڌيڪ مضمون موجود آهن، جن ۾ انگريزي وڪيپيڊيا ۾ 6،037،873 مضمون شامل آهن، جن ۾ گذريل مهيني ۾ 137،907 سرگرم (فعال) ڀاڱيدار رِضاڪار شامل آهن جيڪي وڪيپيڊيا تي مضمون لکندا آهن. هر ڏيهن، سموري دنيا کان وڪيپيڊيا گُمندڙ (زائرين) اجتماعي طور تي ڏهوڻ هزار ترميم ڪندا آهن ۽ هزارين نوان مضمون لکندا آهن تہ جيئن وڪيپيڊيا انسائيڪلوپيڊيا جي بندوبست هيٺ آن لائن علم ۽ ڄاڻ جي خزاني کي وڌائي سگهجي. هر ڄمار، سڀيتائن (ثقافتن) ۽ پس منظر رکندڙ ماڻهو وڪيپيڊيا تي مضمون، مواد، حوالا، تصويرون، ۽ ٻئي ميڊيا (فائل) کي شامل يا ترميم ڪري سگهن ٿا. وڪيپيڊيا تي جيڪا شيءِ اهم ڪردار نڀائي ٿي سا مهارت يا قابليت کان وڌيڪ ڀاڱيداريون ڪندڙ جي ڀاڱيداري کي اهميت مليل آهي. جيڪا شيءِ باقي رهندي ان تي ٻڌل آهي تہ ڇا مواد حق ڇپائي (ڪاپي رائٽ) جي پابندين يا ڀڃڪڙين ۽ زندهہ ماڻهن جي باري ۾ تڪراري مواد کان پاڪ صاف آهي ۽ ڇا اهو مواد وڪيپيڊيا جي پاليسين ۾ فٽ ٿي بيهي ٿو، بشمول ڪنهن ڇپيل مواد جو قابل اعتماد ذريعو وٽان پَڪ يا ثابتي جنهن کي حوالو (رينفرنس) يا توثيق ڏيڻ سميت، ان طرح ايڊيٽرز جي راءِ ۽ عقيدن ۽ اَڻ جائزو ورتل کوجنا (تحقيق) کي ڇڏي ڪري لکيل آهي. ڀاڱيداريون وڪيپيڊيا کي نقصان نہ ٿيون پهچائي سگهن ڇو تہ سافٽ ويئر اهڙين چُڪن يا غلطين کي سَوِلائيءَ سان بدلڻ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ ڪيترائي تجربيڪار ايڊيٽرز انهيءَ ڳالهہ کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڪري رهيا هوندا آهن تہ ترميمون مجموعي بهتري واريون هجن، تنهنڪري ترميم ڪندڙ کان جيڪا ڪا لکت جي غلطي ٿي ويندي آهي تہ انهن کي تجربيڪار ايڊيٽر ۽ وڪيپيڊيا تي سافٽويئر روباٽ اهي درست ڪري ڇڏيندا آهن. تنهنڪري توهان ڪنهن به گهٻرائڻ جي ڳالهه کان بي فڪر ٿي وڪيپيڊيا تي مواد يا مضمونن ۾ ترميم يا سنوار ڪري سگهون ٿا (ٿيون)، ترميم ڪرڻ جي لاءِ مٿي مينيو واري جاءِ تي ترميم ايڊٽ يا سنوار جو ڳنڍڻو (لنڪ) وارو بٽڻ هوندو آهي تنهن تي ٺِڙڪ يا ڪلڪ ڪري توهان وڪيپيڊيا تي سنوارون شروع ڪري سگهو ٿا (ٿيون).!
سنڌي وڪيپيڊيا هڪ کُليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا آھي، جيڪا وڪيپيڊيا جو سنڌي ٻولي ۾ نسخو(ايڊيشن) آهي، جنهن کي هر ڪوئي سنواري سگهي ٿو. جنھن جي شروعات 6 فيبروري، 2006ع تي ٿي. ھن وقت سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 16,412 مضمون موجود آھن ۽ انهن مضمون ۾ لاڳيتو واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا بلحاظ تعداد مضمون 139 هين درجي تي آھي۔ هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي رُڪنن جو تعداد 18,387 آهي جنهن مان 4 منتظمَ (ايڊمن) 4 آهن. ايڊمن جو ڪم سموري وڪيپيڊيا جي مضمونن سنوارن جي نظرثاني، سميت وڪيپيڊيا جا ٽيڪنيڪل ڪم ۽ ويب سائيٽ هلائڻ هوندو آهي.
سانچو:Details
Credits معتبري
سانچو:Disclaimers
Disclaimer ,غيرجوابدارينامو, دستبرداري، انڪار جو اعلان، بيخبريءَ جو اظهار
پڙهندڙ' FAQ ۽ مدد |
---|
|
|
طارق عزيز شيخ
سانچو:Contributing to Wikipedia
The Help:Contents
ھي وڪيپيڊيا سنڌيءَ ۾ لکيل آھي. ھي 2006
ع ۾ شروع ٿي، ان ۾ ھن وقت 16,412 مضمون آھن. ڪيتريون ئي ٻيون وڪيپيڊيائون پڻ موجود آھن؛ انھن مان ڪجھ تمام وڏيون ھيٺ ڏنل آھن.وڪيپيڊيا جي ميزبان هڪ بنا نفعي نقصان جي بنياد تي ڪم ڪندڙ تنظيم وڪي ذريعات پيڙھڪا آهي، جيڪا ٻيون به ڪيتريون ئي رٿائون هلائي رهي آهي:
وڪيغت لغت ۽ ٿيسارس | وڪي اخبار کُليل مواد اخبار | وڪي قول قولن جو مجموعو | |||
وڪي ڪتاب کُليل نصابي ڪتاب ۽ دستيناما | Wikispecies Directory of species | وڪي وسيلا کُليل مواد لائبريري | |||
وڪيورسٽي Free learning materials and activities | Commons Shared media repository | ميٽاوڪي سهه آرڊينيشن براءِ وڪي ذريعات رٿا |
سانچو:Wikipedia books
هي سانچو بنيادي سانچو آهي، صرف منتظمين کي اجازت آهي ته اهي هن سانچي جا لاڳاپيل صفحا جيڪي ڳاڙهي رنگ ۾ نظي پيا اچن تنکي اردو يا انگريزي وڪيپيڊيا تان ترجمو ڪري لِکن |
سانچو:Wikipedia community
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article وڪيپيڊيا:بابت, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.