ڪوڙھ (Leprosy) ھڪ بيماري جو نالو آهي جنهن کيھئنسن جي بيماري به چوندا آهن .اھو ھڪ پراڻو بيڪٽريا جو انفيڪشن ھوندو آھي ۽ ان بيڪٽريا کي مائڪو بيڪٽريم لپراء يا مائڪوبيڪٽريم لپرومٽوسس چوندا آهن.شروع ۾ انفيڪشن بغير ڪنھن آثار جي موجود رھندو آھي ۽ ان حالت ۾ پنج کان ويھ سالن تائين جسم ۾ موجود رھندو آھي.
بيماري جا جڏھن آثار ظاهر ٿيندا آهن انھن ۾ اعصابي گرينيولومس، ساھ جي نالي، چمڙي ۽ اکيون شامل آهن.ڪوڙھ ھڪ قابل علاج بيماري آهي.ان جو علاج ٻارھن مھينن تائين ھلندو آھي جنھن ۾ رفام پسن rifampicin ، ڊيپسون dapsone ۽ ڪلوفزيمن clofazimine جون دوائون ڏنيون وينديون آهن.ان کان علاوه اينٽي بايوٽڪ دوائون ڪافي تعداد ۾ ڏنيون وينديون آهن. ڪوڙھ جو اھو علاج ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن وارو ادارو مفت ۾ فراهم ڪندو آهي. 1980 واري ڏھاڪي ۾ دنيا اندر ڪوڙھ جي مريضن جو تعداد 52 لک ھيو جيڪو 2012 ۾ گھٽجي 189000تي پھتو. انسان ھزارين سالن کان وٺي ھن بيماري جو شڪار ٿيندو پيو اچي.ان بيماري جو نالو لپروسي يوناني لفظ لپرا lepra مان نڪتل آهي .ھئنسن جي بيماري جو نالو ان تي ناروي جي ھڪ ڊاڪٽر گيرھارڊ آرمئر ھئنسن جي نالي سان پيوانڊيا، چين ۽ آفريقا ۾ اڄ تائين ڪوڙھ جي مريضن کي علحده ڪالوني ۾ رکڻ جو رواج جاري آهي. تنھن ھوندي بہ گھڻيون ڪالونيون بند ٿي چڪيون آهن ڇوتہ ڪوڙھ گھڻي وچڙندڙ بيماري ناھي رھي . اھا کنگھڻ سان ۽ نڪ جي وھندڙ پاڻيءَ سان ڦھلجندي آھي.بيماري انھن ۾ ئي ڦھلجندي آھي جيڪي متاثر ٿيل جي بلڪل ويجھو رھندا آھن. 1954 کان دنيا۾ ڪوڙھ جو ڏينهن ملھائجڻ شروع ٿيو ان لاءِ ته ماڻھن کي ان بيماري متعلق ڪوڙھيل ماڻھن کي ڄاڻ ملي سگھي.
ڪوڙھ جنهن کي جذام به سڏجي ٿو ۽ انگريزيءَ ۾ (Leprosy) سا به ٻين بيمارين جهڙوڪ سلهه، مدي جي بخار، ڪالرا وغيره وانگر هڪ بيماري آهي.
ڪوڙھ جي بيماري هڪ خاص قسم جي جيوڙي مائوڪو بيڪٽريم ليپري (Mycobactrium Leprae) سبب ٿئي ٿي. هي جيوڙو ناروي جي ڊاڪٽر هينسن 1871ع ۾ ڳولي لڌو. ان لحاظ کان هن جيوڙي کي هينسن بيسليس (H. Bacillis) سڏيو ۽ هن مرض کي هينسي مرض به سڏيو ويندو آهي. هن مرض جا جيوڙا شڪل شباهت ۾ سلهہ جي جيوڙي سان ڪجهہ مشابهت رکن ٿا.
ڪوڙھ جو حملو چمڙي ۽ تنتن تي ٿيندو آهي. حملي جي شروعات ۾ عام طور تي چمڙي جي رنگ کان هلڪو اڇو ۽ ڳاڙهسرو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي خارش ۽ سور نه ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو شروعات ۾ مريض اهڙي داغ ڏانهن ڪو به خيال نه ڏيندو آهي، جيڪو پوءِ آهستي آهستي وڌي ويندو آهي. ان داغ واري هنڌ جي هيٺين چمڙي بي حس ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح داغ ۾ جيڪڏهن سئي هنئي وڃي ته مريض کي ان جو احساس نه ٿيندو آهي. اهڙا داغ جسم جي ڪنهن به حصي تي ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته اهي داغ گهڻو ڪري منهن، ٻانهن ۽ ٽنگن جي مٿين حصن پٺي ۽ چتڙن تي ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٺونٺ جي ڀرسان وارين تنتن (ULner Nerves) يا گوڏي جي ڀر وارين تنتن (Politial Nerves) ۾ سخت سور ٿي پوندو آهي، اهي تنتون پنهنجي اصلي حالت کان وڌيڪ ٿلهيون ٿي وينديون آهن ۽ کين ڇهڻ سان سور جي شدت ۾ واڌارو ايندو آهي. ٽئين صورت اها به ٿي سگهي ٿي ته جسم تي بظاهر ڪو به داغ نظر نه ايندو آهي، پر مريض جي چمڙي سرخي مائل ٿلهي ٿي ويندي آهي.
ڪوڙھ جي بيماريءَ جا ٻہ قسم آهن:
وچڙندڙ ڪوڙھ جو مريض جيڪڏهن ٽن مهينن کان ڇهن مهينن تائين لڳاتار دوا استعمال ڪندو رهي ته ان جو مرض اڻ وچڙندڙ ٿي ويندو، جيڪو بيماريءَ جي قسم ۽ نوعيت جي لحاظ کان مختلف ٿي سگهي ٿو.
جڏهن ڪو ماڻهو وچڙندڙ قسم جي ڪوڙھ واري مريض سان گڏ رهندو هو تہ ان جي مرض جا جيوڙا ٻئي ماڻهن جي جسم ۾ ننڍن ڦٽن، زخمن ۽ رهڙن وسيلي سندس جسم ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. وچڙندڙ قسم جي مريض جي کنگهڻ، نڇن ۽ ڇڪن ذريعي هن مرض جا جيوڙا صحتمند انسان جي جسم ۾ داخل ٿي بيماري پيدا ڪري سگهن ٿا. ڪوڙھ جي جيوڙن جو حملو گهڻو ڪري کل ۽ کل جي هيٺيان موجود تنتن تي هوندو آهي.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ڪوڙھ, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.