ڪوروناوائرس روڳ 2019

ڪورونا وائرس جو مرض 2019 (COVID-19) هڪ پکڙجندڙ بيماري آهي جيڪا انتهائي موتمار تنفسي سينڊروم ڪورونا وائرس 2 (SARS-CoV-2) منجهان ٿيندي آهي. هي مرض سموري دنيا ۾ سال 2019 کان وٺي پکڙجڻ لڳو آهي ۽ جلد ئي عالمگير مها وبا جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. ان روڳ (مرض، بيماري) جا عام اُهڃاڻ يا علامتن ۾ بخار، کنگهه ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏُکيائي يا ساهه کڻڻ ۾ ٻُوسٽ ٿيڻ شامل آهن. چيلهه (پٺن) جو درد، ٿُڪ اچڻ ۽ ڳچيءَ جو سُڄي وڃڻ نراليون نشانيون آهن. اڪثر ڪيسن ۾ ٿورڙيون نشانيون ڏٺيون ويون، ڪُجھ صورتن ۾ مريض نمونيا ۽ مختلف عضون جي ناڪارگي جو شڪار پڻ ٿي ويندو آهي. سُڃاڻپ ٿيل معاملن ۾ موتَ جو تناسب 1 سيڪڙو ۽ 5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي پر عمر ۽ صيحت جي ٻين حالتن جي لحاظ کان تبديل پڻ ٿي سگهي ٿو. انفيڪشن هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ ۾ ساهه وسيلي پکڙجي ۽ منتقل ٿئي ٿو، جيڪو عام کنگھ ۽ ڇڪون يا نڇون اچڻ شامل آهن. عام ٻه ۽ چوڏهن ڏينهن جي وچ ۾ اُهڃاڻ (علامتون) ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، اوسطًا پنج ڏينهن۔ سُڃاڻپ ڪرڻ جو معياري طريقو نيزوفيرينجيئل سويب (nasopharyngeal swab) سان رِيورس ٽرانسڪرِپشن پولیيمِيريز چين ري ايڪشن (rRT-PCR) جي ذريعي سان ڪرڻ آهي. انفيڪشن جون سموريون گڏيل نشانيون، رِسڪ فيڪٽرز ۽ سيني جي سي ٽي اسڪين جي ذريعي نمونيا جون خصوصتون ظاهر ٿيڻ سان پڻ سُڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي.مرض کان بچاءُ جي لاءِ تجويز ڪيل مشورن ۾ هٿ ڌوئڻ، ٻين ماڻهن کان پري مفاصلو برقرار رکڻ ۽ ڪنهن جو مُنهن کي نہ هٿ نه لائڻ شامل آهي. ماسڪ جو استعمال عوام جي لاءِ نہ پر وائرس جي شڪي (مشتبا) ماڻهن ۽ اُنهن جي سارَسنڀال (نگهداشت) ڪندڙن جي لاءِ تجويز ڪيل آهي. COVID-19 جي لاءِ ڪوبہ ويڪسين يا مخصوص اينٽي وائرل علاج ناهي. ان مرض سان نبرڻ لاءِ ظاهر ٿيندڙ اُهڃاڻ يا علامتن (نشانين) جو علاج ۽ تجرباتي اندازو شامل آهن.

ڪورونا روڳ 2019
(COVID-19)
Synonyms * 2019-nCoV شديد ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي واري بيماري (ايڪيوٽ رسپائريٽري ڊيزيز)
  • ناول ڪورونا وائرس نمونيا
  • ووهان ڪورونا وائرس، ووهان نمونيا، ووهان فلو
  • "ڪورونا وائرس" يا سارس ڪووي 2 جي نالو سان
  • سوشل ميڊيا تي صرف "ڪورونا" جي نالو سان مشهور
ڪوروناوائرس روڳ 2019
خُوردبيني تصوير ۾ SARS-CoV-2 سارس ڪووي 2 ڏسي سگهجي ٿو. وائرس جي ذرڙن جي ٻاهرئين ڪنارن تي چُهنبَ (نوڪ) ڪنهن تاج (crown) سان ملي ٿي، انهيءَ خصوصيت جي سبب کان ئي ان روڳ جو نالو ڪورونا رکيو ويو.
اچار
مھارت موتمار ساهه کڻڻ جي (تنفس) انفيڪشن
آثار بخار، کنگھ، ساهه ۾ ٻُوسَٽ
خرابي وائرل نمونيا، ARDS، گردا فيل
ڪارڻ سارس ڪوي SARS-CoV-2
تشخيصي طريقو rRT-PCR ٽيسٽنگ، اميونوسي، سي ٽي اسڪين
پرھيز هٿ ڌوئڻ، کنگه جا ڳُڻ، بيمارن کان پري رهڻ
علاج علامتي ۽ علاج
موت 13,407 (3-4% تصديق ٿيل ڪيس)

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) 2019–2020 جي ڪورونا پکيڙجڻ کي عالمگير وبا ۽ بين الاقوامي نوعيت جي عوامي صحت جي ايمرجنسي (PHEIC) قرار ڏنو آهي. روڳ (مرض) جي مقامي منتقلي جو ثبوت عالمي ادارو صحت (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) جي تمام 6 علائقن جي ملڪن ۾ مليو آهي.

اُهڃاڻ ۽ نشانيون

ڪوروناوائرس روڳ 2019 
ڪووِڊ-19 جون علامتون
ڪوروناوائرس روڳ 2019 
ڪوروناوائرس جي بيماري 2019 (COVID-19) جا اُهڃاڻَ، هي روڳ 2019–20 جي ڪورونا وائرس پکڙجڻ ۾ ڏٺو ويو، ۽ گنڀير پيڙيندڙ ساهہ کڻڻ جي گڏيل اُهڃاڻن (رسپائريٽري سنڊروم) ڪورونا وائرس 2 (سارس ڪو وي-2) جي سببن کان ٿيندو آهي.

وائرس کان متاثر ماڻهن ۾ مستقل علامتون ظاهر ناهين ٿينديون يا وبائي زڪام نما علامتون (بشمول بخار، کنگھ ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي) ظاهر ٿينديون آهن. دست ۽ ساهه کڻڻ جي مٿئين تنفسي علامتن جهڙوڪ ڇڪون يا نڇون اچڻ، نڪ وهڻ يا ڳلو يا ڳچي ۾ سوزش نرالا يا اڻ لڀ حالتن ۾ ٿي سگهن ٿا. متاثر ماڻهن ۾ هي مرض وڌي نمونيا، ڪيترن ئي عضون جي ناڪارگي ۽ موت جو سبب بڻجي ٿو.

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي مطابق نگهداشت مرض جو دور (incubation period) ٻن کان چوڏهن ڏينهن تي مشتمل آهي، اَٽڪل عفونت ۽ علامتن مرض جي ظاهر ٿيڻ وچ ۾ ارتقائي مدت پنج کان ڇهه ڏينهن آهي. انيڪ ڪيسن جي لاءِ شروعات کان وٺي طبي شفا يابي تائين جو اوسط وقت لڳ ڀڳ 2 هفتا آهي ۽ موتمار يا خطرناڪ بيماري واري مريضن جي لاءِ 3 کان 6 هفتا آهي. ابتدائي انگ اکرن منجهان خبر پئي ٿي تہ شروعات کان وٺِي موتمار بيماري، بشمول گهٽ آڪسيجني حالت (هائيپوڪسيا) جي نشوونما تائين جي مدت 1 هفتو آهي. جن مريضن جي موت ٿي، ان ۾ علامتن جي شروعات کان وٺي ڪري نتيجي تائين جو وقت 2 کان 8 هفتو تائين هوندو آهي. چين ۾ هڪ اڀياس ۾ خبر پئي تہ سي ٽي اسڪينن 56 سيڪڙو Ground-glass opacities ڏيکاريو، پر 18% سيڪڙو ۾ ڪوئي ريڊيولوجيڪل نتيجا ناهين ٿيا۔ 5% سيڪڙو انتهائي نگهداشت جي شعبن (آءِ سي يو) م۾ داخل ڪيو ويو، 2.3% سيڪڙو کي وينٽيليشن جي ميڪانڪل سپورٽ جي ضرورت هئي ۽ 1.4% سيڪڙو موت ٿي وئي. ٻن طرفو (bilateral) ۽ ٻاهري (peripheral) گرائونڊ گلاس اوپيسيٽي سڀ کان مخصوص سي ٽي نتيجا آهن.

ٻارڙن ۾ وڏن ماڻهن جي بنسبت معتدل علامتون ڏيکاءُ ڏين ٿيون.

علام جي شرحِ
علامت سيڪڙو
بخار 87.9%
سُڪي کنگھ 67.7%
ٿڪاوٽ 38.1%
ٿُڪڻ ٿڪون اڇلائڻ 33.4%
ساهه کڻڻ ۾ ڏُکيائي يا تڪليف 18.6%
پٺن جو درد يا جوڙن جو درد 14.8%
ڳلي يا ڳچي جي سوزش 13.9%
مٿي جو سُورُ (سر درد) 13.6%
سردي لڳڻ 11.4%
الٽي يا اُلٽيون اچڻ 5.0%
نڪ جي بندش 4.8%
دست يا پيچش ٿيڻ 3.7%
خوني کنگھ 0.9%
سوزش ملتحمہ 0.8%

سبب

هن مرض جو سبب انتهائي مهلڪ تنفسي سينڊروم ڪورونا وائرس 2 (SARS-CoV-2) آهي، جنهنکي پهريون 2019 ناول ڪورونا وائرس (2019-nCoV) چوندا هيا. ماڻهن ۾ هي ساهه جي ذريعي پکڙجي ٿي، خاص ڪري کنگھ ۽ ڇڪون يا نڇون اچڻ

ڦڦڙن جي عضون تي وڌيڪ اثر COVID-19 ڪري ٿو ڇو تہ وائرس ميزبان گهرڙن تائين بذريعي ACE2 انزائيم رسائي حاصل ڪري ٿو، هي انزايم ڦڦڙن جي type II alveolar cells ۾ گهڻي مقدار ۾ هوندو آهي. وائرس هڪ خصوصي تهہ گلائيڪو پروٽين استعمال ڪري ٿو، جيڪو "اِسپڪائيڪ" چورائي ٿو، تہ جيئن ACE2 سان منسلک ٿي سگهي ۽ ميزبان گهرڙن ۾ اندر گهري وڃي۔ هر بافت ۾ ACE2 جي ڪثافت، اُن بافت ۾ مرض جي شدت سان تعلق رکندي آهي ۽ ڪُجھ سُجهاءُ ڏئي ٿو تہ ACE2 جي سرگرمي گهٽائڻ حفاظتي ٿي سگهي ٿي، جڏهن تہ هڪ ٻيو نظريو هي آهي تہ Angiotensin II receptor blocker واري دوائن کي استعمال ڪندي ACE2 کي وڌائڻ پڻ حفاظتي ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي حالتن کي آزمائڻ جي ضرورت آهي. جيئن ئي ڇتدار (alveolar) مرض وڌندو آهي تنفس جو نظام ناڪارہ ٿي موت واقع ٿي سگهي ٿو. وائرس جي لاءِ ACE2 دِل تي حملو ڪرڻ جي راهہ پڻ هموار ڪري سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ شديد دل جو زخم acute cardiac injury ٿي سگهي ٿي۔ جن ماڻه ن۾ اڳ دِل (cardiovascular) ڪيفيتن هونديون آهن تن کي وڌيڪ خطرو آهي

وائرس بابت هڪ خيال هي پڻ آهي تہ هي ڪنهن جانور کان شروع ٿيو۔ هي نومبر يا ڊسمبر 2019 ۾ چين جي شهر ووهان ۾ سڀ کان اڳ انسانن ۾ منتقل ٿيو ۽ انفيڪشن جنوري 2020 جي مُنڍ تائين انسانن کان ٻين انسانن ۾ منتقل ٿيڻ لڳو. 14 مارچ 2020 تي سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ خبر ڏني تہ صوبو هوبئي سان تعلق رکندڙ 55 سال ماڻهو 17 نومبر 2019 تي هن مرض جو پهريون شڪار ٿيو۔ صوبو هوبئي ۾ 14 مارچ 2020 تائني متاثرن جي 67,790 هُئي ۽ موت 3,075 ٿيا؛ 4.54% ڪيس فيٽيلٽي ريٽ (سي ايف آر)۔

سُڃاڻپ

ڪوروناوائرس روڳ 2019 
سي ڊي سي rRT-PCR ٽيسٽ ڪِٽ براءِ ڪووِڊ-19

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن مرض جي سُڃاڻپ جي لاءِ چند ٽيسٽنگ پروٽوڪول ڇاپي چُڪي آهي. ٽيسٽنگ جو معياري طريقو ريورس ٽرانسڪرپشن پولي ميريز چين ري ايڪشن (rRT-PCR) آهي. ٽيسٽ تنفسي نمونن جي ذريعي پڻ ممڪن آهي ان جي لاءِ نيزوفيرينجيئل سويب يا ٿڪ جو نمونو استعمال ڪيو ويندو آهي۔ نتيجو عمومًا چند ڪلاڪن کان ڏينهن ۾ ملندو آهي. رت جي ٽيسٽ پڻ ڪري سگهجي ٿي پر ان جي لاءِ ٻن هفتن جي دوران رت (خون) جي ٻن نمونن جي ضرورت پوندي آهي ۽ سُٺا نتيجا پڻ گهٽ ايندا آهن. چيني سائنسدان ڪورونا وائرس جي ڇڪ کي محدود ڪرڻ جي صلاحيت رکندا هيا ۽ انهن هڪ genetic sequence جينياتي ترتيب جاري ڪئي ته جيئن سموري دنيا جي ليبارٽريون آزاداڻي طور پولي ميريز چين ري ايڪشن (PCR) ٽيسٽ تيار ڪري وائرس سان انفيڪشن جي سُڃآڻپ ڪري سگهن۔

26 فيبروري 2020 تائين، هتي ڪوئي اينٽي باڊي ٽيسٽ يا پوائنٽ پوائنٽ آف ڪيئر ٽيسٽ نه هئي تنهنڪري ان جي تياري جي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

ووهان يونيورسٽي جي زونگنان اسپتال مرض جي سُڃاڻپ جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون، جنهن ۾ مطبي خصوصیتن ۽ وبائي مرض جي خطري جي بنياد تي انفيڪشن جي پروڙ لڳائڻ جو طريقو تجويز ڪيو ويو هيو. ان ۾ اهي ماڻهو شامل هيا جيڪي هيٺئين منجهان گهٽ ۾ گهٽٻن علامتن ملن ٿيون، انکانسواءِ ووهان ڄآڻايل يا متاثر شخص سان تعلق رهيو: بخار، نمونيا جي اميجنگ خصوصیت، رت جي اَڇي گهرڙن (ريڊ بلڊ سيل) جو تعداد ۾ گهٽتائي يا لمفي گهرڙن جو تعداد ۾ گهٽتائي. 26 فيبروري 2020 تي وويان جي تونگجي اسپتال ۾ هڪ ٽيم جي ذريعي ڇاپيل هڪ اڀياس منجهان پَروُڙ پئجي سگهي ته ڪووِڊ-19 جي لاءِ سينو يا ڇاتي جو سي ٽي اسڪين، پولي ميريز چين ري ايڪشن (71%) جي مقابلي ۾ گهڻو حساسيت (98%) رکندو آهي. غلط ناڪاري (منفي) نتيجا پي سي آر ڪِٽ جي ناڪامي جي سبب کان اچي سگهن ٿا، يا نموني منجهان ڪنهن هڪ مسئلي يا ٽيسٽ کي انجام ڏيندڙن جي سب کان اچي سگهن ٿا. غلط مثبت نتيجا نيارا نرالا ئي اچڻ جا امڪان هوندا آهن.

بچاءُ

ڊگهي عرصي تائين انفيڪشنز جي پکڙجڻ جي اثر جو خاڪو،جنهن کي موڙ کي سپاٽ ڪرڻ (flattening the curve) سڏين ٿا؛ خاڪي ۾ سِر کي گهٽائڻ سان ماڻهن جي صيحت جي سارسنڀال جون سهولتن کي بهتر انداز هلائڻ ۽ وڌيڪ تياري جو وقت ملندو آهي.
موٽ کي سپاٽ ڪرڻ جا متبادل

2021 تائين يا جلد سارس-ڪووي-2 جي خلاف ڪوئي ويڪسين تيار ڪرڻ جي اُميد ناهي ، ڪووِڊ 19 جي عالمگير وبا کي قابو ڪرڻ جو اهم حصو وبائي لهر کي گهٽ جڪرڻ آهي، جنهن کي وبائي موڙ (epidemic curve) چئبو آهي، جنهن جي ذريعي انفيڪشنن جي شرح کي گهٽ ڪندڙ قدم کڻڻ ۾ مدد ملي سگهندي آهي. انفيڪشن جي شرح گهٽائڻ جي صيحت جي سهوليتن کي زير ڪندڙ جوکم کي گهٽ ڪرڻ، موجوده ڪيسن جي بهتر علاج ڪرڻ ۽ ويڪسين ۽ علاج جي تياري جي لاءِ وڌيڪ وقت ملڻ ۾ مدد حاصل ٿيندي آهي.

مقام ۾ انفيڪشن جي منتقل ٿيڻ جي موقعن کي گهٽ ڪرڻ جي احتياي تدبيرن ۾ گهر ۾ رهڻ، سفر ۽ عوامي سرگرمين کي ڇڏي ڏيڻ، صابڻ سان هٿ ڌوئڻ عام گرم پاڻي سان گهٽ ۾ گهٽ ويهه سيڪنڊن تائين، بغير ڌوتل هٿن سان اکيون، نڪ ۽ مُنهَن کي هٿ لائڻ کان پاسو ڪرڻ شامل آهن. بيمارين کان بچاءُ ۽ ڪنٽرول جي مرڪزن (سي ڊي سي) تجويز ڏني آهي تہ کنگھ يا ڇڪون (نڇون) اڇڻ جي دوران مُنهَن ۽ نڪ کي ٺِشو پيپر سان ڍڪيو يا ٽشو نہ هجڻ جي صورت ۾ هٿ رکي کنگھندا ڪريو يا ڇڪ نڇ اڇي ته به ايئن ڪجي. وڌيڪ اهو تہ کنگھ يا ڇڪ (نڇ) اڇڻ کانپوءِ هٿ کي سُٺِ نوميني ڌوئي ڇڏيو۔ ماڻهن کان پري فاصلو ٺاهي رکو ۽ اهڙيون تدبيرن سان متاثر ماڻهو سڀني ماڻهن ۾ پکڙجڻ کي گهٽائي سگهجي ٿو، اسڪول ۽ ڪم ڪرڻ جي جڳهن کي بند ڪرڻ، سفر تي پابندي لڳائڻ ۽ عوامي ميڙ يا هجوم کي ترڪ ڪرڻ کپي.

عالمي ادارو صيحت (ڊبليو ايڇ او) مطابق ماسڪ جو استعمال کنگھ يا ڇڪ نڇ اڇڻ يا شڪي (مشتبہ) ماڻهوءِ جي لاءِ ئي تجويز ڪيل آهي عام ماڻهن جن کي وائرس ناهي لڳو تن لاءِ ناهي.

امريڪا جي بيمارين کان بچاءُ ۽ ڪنٽرول جي مرڪزن (سي ڊي سي) وائرس جي منتقلي کان بچاءُ جي لاءِ تجويز ڏنني آهي تہ متاثر ٿيل ماڻهو گهرن ۾ رهند ۽ صرف علاج جي مقصد سان ٻاهر نڪرن. صيحيت جي سارسنڀال ڪندڙن سان ملڻ کان اڳ فون ڪريو، جڏهن ڪنهن ڪنهن مشتبہ انفيڪشن جي جڳهہ يا فرد سامهون ملو ته مُنهن کي ماسڪ پارايو، کنگھ ۽ ڇڪ نڇ اڇڻ وقت تيشو پيپر سان ڍڪيو، روزانو صابوڻ ۽ پاڻي سان هٿ ڌويو ۽ نجي شين کي گهر وارن کي ڏيڻ کان پاسو ڪريو۔ سي ڊي سي هي پڻ چيو آهي ته ڪاڪوس (ليٽرين) وڃڻ کان پوءِ يا هٿ گندي لڳايو، کائڻ کان اڳ ۽ نڪ صاف ڪرڻ، کنگھ يا ڇڪ نڇ ڏيڻ کانپوءِ 20 سيڪنڊ تائنين هٿن کي صابڻ ۽ پاڻِي سان هٿ ڌوئو. وڌيڪ ڇيل آهي تہ جڏهن پاڻي يا صابڻ ان مهل نه هجي ته الڪوحل تي ٻڌل هٿ جا جراثيم ماريندڙ (هينڊ سيني ٽائيزر) جنهن ۾ 60% سيڪڙو الڪحل هجي، کي استعمال ڪيريو۔ پري ڏُور علائقن جتي جراثيم ماريندڙ مادي آساني سان دستياب ناهي ، ان جي لاءِ ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن گهر ۾ تيار ڪرڻ جا ٻه طريقا ُٻڌايا آهن. ٻنهين طريقن ۾ ايٿينول يا آئيسو پروپائيل الڪوححل کي جراثيم کي ختم ڪرڻ واري سرگرمي کي وڌائڻ آهن انهيءَ جي لاءِ هائيڊروجن پرآڪسائيڊ جي شدت کي گهٽ ڪن ٿا جڏهن تہ گليسرول اهڪ مُرطب (humectant) طور ڪم ڪري ٿو. عالمي ادارو صحت بغير ڌوتل هٿن سان اکين، نڪ يا منهن کي هٿ لاهڻ کي جهلڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. عوامي مرڪزن تي وڃڻ کان پاسو ڪريو۔

حوالا

Tags:

ڪوروناوائرس روڳ 2019 اُهڃاڻ ۽ نشانيونڪوروناوائرس روڳ 2019 سببڪوروناوائرس روڳ 2019 سُڃاڻپڪوروناوائرس روڳ 2019 بچاءُڪوروناوائرس روڳ 2019 حوالاڪوروناوائرس روڳ 2019

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

وبائي زڪامآذربائيجاني ٻوليبين الاقوامي پيمائش سلسليوار ڳڻپازبڪستانذڪر ۽ فڪرٻين مھاڀاري جنگظرفانگلينڊ جي بادشاهتاصحاب صفهجارج ايليٽفھميده حسينعيسيٰٽماهي مهراڻدنيا ۾ جي ڊي پي واري فھرست (مساوي قوت خرید)اي ميلڏکڻ آفريڪاڪافي (شعري صنف)خديجة الڪبري رضہInternational Standard Book Numberسمھننظمسنڌي شاعري882عدلوحيتاجڪستانسي اين ايننيو سائوٿ ويلزوڪي قولبازواٽس ايپ2019–20 ڪوروناوائرس مها وبافرانسغلام حسين ھدايت اللهپاڪستان جو جهنڊووڪيميڊيا فائونڊيشناروڙوقتڪاٻارسرنھن(وڻ)چيروليباگڙيانگلينڊمحمد بن قاسم بندرگاھڪائونٽمحمد سومار شيخپلاسٽڪسنڌي راندين جي فهرسترمضاناستعاروريو (2011 فلم)فطرتي سائنسعبراني ٻوليبيهڪ جون نشانيوناريڪتاسپاڪستانجسويندر برارابوبڪر صديقمحمد علي ڪليآتم ڪٿائون (ڪتاب)علائقو🡆 More