پاپوا نيو گني

پاپوا نيو گني(انگريزي: Papua New Guinea) يا (PNG) جنھن جو سرڪاري نالو پاپوا نيو گني جي آزاد رياست آھي.ھي ملڪ اوشيانا کنڊ ۾ واقع آهي.

ھي ملڪ نيو گني ٻيٽ جي اوڀر واري اڌ ڀاڱي ۽ پيسفڪ وڏي سمنڊ جي ڏکڻ اولھ طرف ميلنيشيا خطي ۾ دوريءَ تي واقع ٻيٽن تي مشتمل ملڪ آھي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ پورٽ موريسبي سندس ڏکڻ اوڀر واري ڪناري تي واقع آهي. اولھ نيو گني انڊونيشيا جو صوبو آهي.

پاپوا نيو گني جي آزاد رياست

  • Independen Stet bilong Papua Niugini
  • Papua Niu Gini
Flag of پاپوا نيو گني
قومي نشان پاپوا نيو گني
جھنڊو قومي نشان
شُعار: '"Unity in diversity"
ترانو: O Arise, All You Sons
مڪانيت  پاپوا نيو گني  (green)
مڪانيت  پاپوا نيو گني  (green)
جو مقامپاپوا نيو گني
گادي جو هنڌ پورٽ موريسبي
9°30′S 147°07′E / 9.500°S 147.117°E / -9.500; 147.117
سڀ کان وڏو شهر پورٽ موريسبي
سرڪاري ٻوليون
  • انگريزي
  • ھتي مورو
  • پي اين جي نشان واري ٻولي
  • ٽوڪ پسين
مقامي آبادي پاپوا نيو گنيئن
حڪومت وحداني پارلياماني
آئيني بادشاهت
• شاھي حاڪم
ايلزبيٿ II
• گورنر جنرل
باب ڊئڊئي
• وزيراعظم
پيٽر او نيل
مقننه نيشنل پارليامينٽ
آزادي آسٽريليا کان حاصل ڪيائين
• پاپوا نيو گني ايڪٽ، 1949
1 جولاءِ 1949
• آزادي جو اعلان ۽ مڃتا
16 سيپٽيمبر 1975
پکيڙ
• جملي
462٬840 km2 (178٬700 sq mi) (54th)
• پاڻي (%)
2
آبادي
• 2016 آدمشماري جي ابتدائي نتيجي مطابق اندازو
8,084,999 (101st)
• 2000 مردم شماري
5,190,783
•  گھاٽائي
15 /km2 (38.8 /sq mi) (201st)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$32 ارب ڊالر (139th)
• في سيڪڙو
$3,789
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$26 ارب ڊالر (115th)
پاپوا نيو گني
وزيراعظم پيٽر او نيل

تاريخ

پاپوا نيو گني 
1884 ۾ جڏهن برطانيا ڏکڻ اوڀر نيو گني کي پنھنجي ايمپائر ۾ شامل ڪيو

نيوگني ٻيٽ دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ٻيٽ آھي جيڪو ٻن ملڪن ۾ ورھايل آھي . ان جو اوڀر وارو حصو پاپوا نيوگني بہ ٻن ملڪن ۾ ورھايل ھيو. ان جو اتريون پاسو جرمني ۽ ڏکڻ وارو پاسو برطانيا جي قبضي ۾ ھيو جيڪو. 1902 ۾ ڏکڻ وارو پاسو آسٽريليا جي قبضي هيٺ آيو جنھن پھرين جنگ عظيم ۾ اتر واري پاسي تي بہ قبضو ڪيو.

پاپوا نيو گني 
نيو گني 1884 کان 1919 دوران جڏھن جرمني ۽ برطانيا جي ڪنٽرول ۾ ھيو

1884 کان وٺي ٽن طاقتن جي قبضي ۾ رھڻ بعد 1975 م ھن ملڪ آسٽريليا جي سٺ سالا قبضي مان آزادي حاصل ڪري خودمختيار رياست جو درجو حاصل ڪيو. ھن ملڪ آزادي وٺندي ڪامن ويلٿ ريلم ۾ شامل رھيو ۽ ڪامن ويلٿ نيشنز جو پڻ ميمبر ٿيو.

جاگرافي

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 6 00 S, 147 00 E آھي ۽ اوشيانا کنڊ ۾ واقع آهي. پکيڙ 462,840 چورس ڪلوميٽر اٿس جنھن مان 452,860 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 9,980 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ ۾ دنيا جو 56ھون وڏو ملڪ آهي.

پاپوا نيو گني 
پاپوا نيو گني جو نقشو

زميني سرحد 824 ڪلوميٽر اٿس جيڪا انڊونيشيا سان مليس ٿي. بحري سرحد 5152 ڪلوميٽر اٿس ۽ سمنڊ اندر علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل اٿس ۽ مخصوص مڇي مارڻ جو علائقو 200 ناٽيڪل ميل اٿس.ملڪ جي ساحلي پٽي تقريبن جابلو آھي.ملڪ جي سراسري بلندي 667 ميٽر آھي ۽ سڀ کان اوچو مقام مائونٽ ولھيم آھي جنھن جي اوچائي 4509 ميٽر آھي. ملڪ جي معدني ۽ قدرتي وسيلن ۾ سون، ٽامو، چاندي،

inea}}

پاپوا نيو گني 
ٽاورور جبل
پاپوا نيو گني 
پاپوا نيو گني جا مٿاهان پٽ

آبھوا

ھتان جي موسم ٽراپيڪل آھي . اتر اولھ واري حصي ۾ سانوڻ جا مينھن(انگريزي: Monsoon) ڊسمبر کان مارچ تائين ۽ ڏکڻ اوڀر واري حصي ۾ مئي کان آڪٽوبر تائين پوندا آهن. قدرتي گئس ، عمارتي ڪاٺ تيل ۽ مڇي شامل آهن.

زراعت

پاپوا نيو گني 
سرسبز ٽراپيڪل برساتي ٻيلو

زرعي زمين ڪل پکيڙ جو 2.6 سيڪڙو آھي جنھن مان 0.7 سيڪڙو تي پوکي لائق آھي ۽ وري ان جي 1.5 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿيندي آھي. زرعي زمين جو 0.4 سيڪڙو تي مستقل چراگاھون ۽ 63.1 سيڪڙو تي ٻيلا آهن.2018 تائين اڃان اتي آبپاشي واري زمين ڪانہ آھي.

پاپوا نيو گنيئن ماڻھو

پاپوا نيو گني 
ھڪ سردار جي زال ڪلھي تي وڻن وارو ڪينگرو رکي بيٺل

جولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 6,909,701 ھئي ۽ دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان 105 نمبر تي ھيو. ھتي جي ماڻھن ۾ ميلانيشين ، پاپوئن، ، نيگريٽو، مائڪرونيشين ۽ پولينيشيائي شامل آهن. ھتي جي ماڻھن جي ٻولين مان ٽاڪ پسين ، انگريزي ۽ ھيري موٽو ٻولي سرڪاري ٻوليون آهن.

پاپوا نيو گني 
ٽرانس نيو گنيئن ٻولين جي خاندان جو تصور

ان کان سواءِ ھتي 839 مقامي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جيڪي دنيا جي ٻولين جو 12 سيڪڙو آھن. ان ڪري ھن ملڪ کي ماڻھن جي ثقافتي گوناگونيت آھي. ڪافي ٻولين جا ڳالهائيندڙ ماڻهو ھڪ ھزار کان گھٽ آھن. ھتان جي ماڻھن جو 27 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ مذهب سان تعلق رکندڙ آهي ۽ 69.4 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ آھن.

a}}

پاپوا نيو گني 
ھولي نسل جو نقلي وارن وارو سدرن ھائلينڊز جو رھاڪو

نالو

ملڪ جو نالو پاپوا نيو گني جي آزاد رياست آهي. عام طور تي پاپوا نيو گني چوندا اٿس ۽ مختصرن PNG سڏيندا اٿس. لفظ پاپوا ملائي ٻولي جي لفظ پاپواھ(انگريزي: papuah) مان نڪتل آهي جنھن جو مطلب ميلنيشيائي ماڻھن جا گھنڊيدار وار آھن. اسپين جو کوجنا ڪندڙ سيلاني اورٽز ڊي ريٽيز 1545 ۾ ھن ٻيٽ کي نيو گني جو نالو ڏنو ڇوتہ ھتان جا ماڻھو ڏسڻ ۾ آفريڪا جي ساحلي علائقي گني جي ماڻھن سان مشابهت رکندڙ ھيا.اھڙي طرح ھن ملڪ جي نالي جي معني آھي گھنڊيدار وارن واري ماڻھن جو نئون گني.

سياسي نظام

پاپوا نيو گني جو سياسي نظام آئيني بادشاهت ھيٺ پارلياماني جمهوريت آھي ۽ حڪومت جي گادي پورٽ موريسبي ۾ آھي.

ملڪ جي انتظامي تقسيم 20 صوبن ، ھڪ خودمختيار خطي ۽ ھڪ ضلعي ۾ ٿيل آهي.

  1. سينٽرل پراونس
  2. چمبو (سمبو)
  3. ايسٽرن ھائلينڊز
  4. ايسٽ نيو برٽين
  5. ايسٽ سيپڪ
  6. اينگا
  7. گلف پراونس
  8. ميڊانگ
  9. مانوس
  10. مائلن بي پراونس
  11. موروبي
  1. نيو آئرلينڊ
  2. نادرن پراونس(اورو)
  3. بئوگئن ولجو خودمختيار خطو
  4. سدرن ھائلينڊز
  5. ويسٽرن پراونس
  6. ويسٽرن ھائلينڊز
  7. ويسٽ نيو برٽين
  8. ويسٽ سيپڪ
  9. نيشنل ڪيپيٽل ڊسٽرڪٽ (پورٽ موريسبي)
  10. ھيلا
  11. جواڪا
پاپوا نيو گني 
پاپوا نيو گني جا صوبا

صوبا: سينٽرل، چمبو، ايسٽرن ھائلينڊز، ايسٽ نيو برٽين، ايسٽ سيپڪ، اينگا، گلف، ھيلا، جواڪا، ميڊانگ، مانوس، مائلن بي، موروبي، نيو آئرلينڊ، نادرن، سدرن ھائلينڊز، ويسٽ نيو برٽين، ويسٽ سيپڪ، پورٽ موريسبي ۽ بئوگئن ول
خودمختيار خطو:بئوگئن ول
ضلعو: قومي گاديءَ جو هنڌ
ملڪ جو موجوده آئين 15 آگسٽ 1975 ۾ لاڳو ٿيو. ملڪ جي رياستي سربراھ ملڪہ ايلزبيٿ II آھي جنھن جو نمائندو گورنر جنرل ھوندو آھي.

ملڪ جي نيشنل پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جون 111 سيٽون آھن جن تي پنجن سالن لاءِ سڌي چونڊ ٿيندي آهي.

حوالا

Tags:

پاپوا نيو گني تاريخپاپوا نيو گني جاگرافيپاپوا نيو گني آبھواپاپوا نيو گني زراعتپاپوا نيو گني ئن ماڻھوپاپوا نيو گني نالوپاپوا نيو گني سياسي نظامپاپوا نيو گني حوالاپاپوا نيو گنيانڊونيشياانگريزياوشيانا

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ضمير (گرامر)ويدانيتسقراطپاڪستان ۾ جمھوريتقومپارليامينٽري نظامڄام ڪرنلوڪ ناچآرمينيائي ٻوليامر سنگھ چمڪيلاشاھ عبداللطيف ڀٽائيوحيبيهڪ جون نشانيونفٽبالميووبرڪینا فاسوگھريلو جھرڪيعمر ماروي (فلم)عوامي جمهوريا ڪانگواتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيمڍوريمخففڄام صلاح الدينايڪڙموبائل فونڏکڻ ڪورياميڪسيڪو شهرمشت زني1157ع1737عٻيڙيبرجماءٌانٽرنيشنل آرگنائزيشن فار اسٽينڊرڊائيزيشنهند۔يورپي ٻوليونحرفتيونسآلو ارجندانشورفيس بڪٽيليفونآڱوٺوايسوسيئيشن فٽبالجاپاني ٻوليترڪيويب صفحو18 فيبروريحجٻارن جا حقهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجAڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائراچارمرزا قليچ بيگ1677عدويتسماٽسنڌي ادبسينيگالگوگل🡆 More