عوامي جمهوريا ڪانگو

ڪانگو جي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ(انگريزي: Democratic Republic of the Congo ) مختصرن (انگريزي: DR Congo ) وچ آفريڪي ملڪ آھي جنھن کي ڪانگو-ڪنشاشا پڻ چون ٿا جنھن جو 1971ع کان 1997ع تائين نالو زائر(انگريزي: Zaire ) ھيو.

آفريڪا جي صحارا جي علائقي جو پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو ۽ آفريڪا کنڊ جو الجيريا کان پوءِ ٻيون نمبر وڏو، دنيا جو يارھون نمبر وڏو ملڪ آهي. ملڪ جي سرڪاري ٻولي فرينچ آھي.

ڪانگو جي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ

République démocratique du Congo (فرينچ)
Flag of عوامي جمهوريا ڪانگو
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نسبتي نشان
شُعار: '"انصاف، امن ، محنت
ترانو: Debout Congolais  (French)
" اٿو ڪانگو وارؤ"
مڪانيت  عوامي جمهوريا ڪانگو  (تيز سائي رنگ وارو)
مڪانيت  عوامي جمهوريا ڪانگو  (تيز سائي رنگ وارو)
گادي جو هنڌ ڪنشاسا
4°19′S 15°19′E / 4.317°S 15.317°E / -4.317; 15.317
سڀ کان وڏو شهر ڪنشاسا
دفتري ٻوليون فرينچ
تسلیم ٿيل قومي ٻولي
مقامي آبادي ڪانگليز
حڪومت وحداني نيم صدارتي آئيني ريپبلڪ
• صدر
Félix Tshisekedi
• وزيراعظم
سلويسٽر الونگا
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
قومي اسيمبلي
ڪانگو جي تاريخ
• بيٺڪ ٿيو
17 نومبر 1879
• ڪانگو جي آزاد رياست
1 جولاءِ 1885
• بيلجين ڪانگو
15 نومبر 1908
• بيلجيم کان آزادي
30 جون 1960
•  گڏيل قومن جي مڃتا
20 سيپٽمبر 1960
• نالو تبديل ڪري ڪانگو جي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ رکيو ويو
1 آگسٽ 1964
• زائر جي ريپبلڪ
29 آڪٽوبر 1971
• موبوتو جو زوال
17 مئي 1997
• موجوده آئين
18 فيبروري 2006
پکيڙ
• جملي
2٬345٬409 km2 (905٬567 sq mi) (11th)
• پاڻي (%)
3.32
آبادي
• اندازو
91,931,000 (2019 est.) (16th)
•  گھاٽائي
39.19 /km2 (101.5 /sq mi)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
عوامي جمهوريا ڪانگو $77.486 billion
• في سيڪڙو
عوامي جمهوريا ڪانگو $843
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
عوامي جمهوريا ڪانگو $46.117 billion

تاريخ

ھن ملڪ جو علائقو 90,000 ھزار سال اڳ آباد ٿيڻ شروع ٿيو ھو. بانٽو نسل جا ماڻھن جو غلبو ھتي 3000 سال اڳ شروع ٿيو. ملڪ جي اولھ م ڪونگو جي بادشاھت 14 کان 19 صدي عيسويءَ تائين درياء ڪانگو واري علائقي ۾ قائم رھي. ملڪ جي وچ ۽ اوڀر واري علائقي ۾ لوبا واري بادشاھت ۽ لونڊا واري بادشاھت سورھين، سترھين کان اوڻوھين صدي تائين قائم رھيون. 1870ع واري ڏھاڪي ۾ آفريڪا جي يورپي طاقتن وچ ۾ ورھاست کان اڳ ڪانگو واري دريائي طاس جي کوجنا بيلجيم جي بادشاھ ليوپولڊ ٻئين جي تعاون سان ھڪ صحافي ھينري مورٽون اسٽينلي ڪئي. ليوپولڊ ٻئين پھرين 1885ع ۾ برلن ڪانفرنس ۾ ڪانگو جي سرزمين جا مالڪاڻا حق حاصل ڪيا ۽ اھو ملڪ سندس ذاتي ملڪيت تسليم ڪيو ويو جنھن جو نالو ڪانگو جي آزاد رياست رکيو ويو. ان نئين رياست ۾ سندس فوجي يونٽ پبلڪ فورس مقامي ماڻھن کي رٻڙ جي پيداوار جي لاءِ مجبور ڪيو. 1885ع کان وٺي 1908ع تائين ڪانگو جا لکين ماڻھو ان آزاد رياست جي ظلم جي ڪري بک ۽ بيمارين ۾ مري چڪا ھئا. 1908ع م ان نام نھاد آزاد رياست کي بيلجيم ۾ ضم ڪري ان جو نالو بيلجين ڪانگو رکيو ويو. ڪانگو 30 جون 1960ع ۾ بيلجيم کان آزاد ٿيو ۽ ان جو نالو ريپبلڪ آف ڪانگو رکيو ويو. ڪانگليز قومپرست پيٽرڪ لممبا 1960ع جي اليڪشن ۾ چونڊجي نئين آزاد ملڪ ڪانگو جي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جو پھريون وزيراعظم ٿيو جڏهن تہ جوزف ڪاسا-ووبو ٻئي ملڪ ڪانگو جي ريپبلڪ جو پھريون صدر ٿيو. اھڙي طرح علائقي جي انتظام وارو ھڪ تنازعو شروع ٿي ويو جنھن کي ڪانگو جي تنازعي جو نالو ڏنو ويو. ان تنازعي ۾ ھن ملڪ جي ٻن صوبن ڪٽانگا ۽ ڏکڻ ڪاساء علحده ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. گڏيل قومن ۽ مغربي ملڪن لممبا جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته لممبا سوويت يونين کان مدد گھري. آمريڪا ۽ بيلجيم لممبا کي عھدي تان ھٽائڻ گھريو پئي. 17 جنوري 1961ع ۾ کيس ھٽايو ويو. 25 نومبر 1965ع ۾ فوج جي سربراھ جوزف ڊاسئرا موبوتو فوجي انقلاب ذريعي حاڪم ٿيو جنھن پنھنجو نالو موبوتو سيسي سيڪو رکيو. 1971ع ۾ ھن ملڪ جو نالو بدلائي زائر رکيو. ھن پاپولر موومينٽ آف ريووليوشن نالي پارٽي جي ھڪ پارٽي جي غلبي واري آمريت واري حڪومت قائم ڪئي. ڪميونسٽ دشمن موقف جي ڪري کيس آمريڪا جي وڏي مدد حاصل ھئي. 1990 واري ڏھاڪي ج شروعات ۾ موبوتو جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي.

حوالا

Tags:

الجيرياانگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

1949عگوگلهانگ ڪانگھرٻووڪي لغتڪلهوڙا شاهي گهراڻوڪتابڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرلذت پسنديکيرائين واٽ ڪهڪشاناٿينسبين الاقوامي وايوڪياتي لپيظفر الله خان جماليججپي پي-7 (راولپنڊي-1)جھولڻوسارس ڪووي 2ڪارو پاڻي (بائيولاجي)اربع1777ع2017عملاح2001عراجا ڏاهرعاصم منيرتحقيقجوھائيانگريزيپوتر رومي سلطنتاين اي-265 (پشين)وڪي مينيا1833ع2019–20 ڪوروناوائرس مها وبااين اي-252 (موسي خيل۔بارکان۔لورالائي۔دڪي)شمن علي ميراليڪنايويونيڪوڊموتي مسجد (قلعو لاهور)يوم پاڪستاننمازدھشتگردي13 جنوريماسڪوپاڪستان جو ٺھراءُمهابت خان مسجد13 فيبروريٽالپر شاهي خاندانھالاڻي واري جنگمسجدعَمان1731عفيصل مسجداين اي-40 (اتر وزيرستان)🡆 More