روس: يورپ ۽ ايشيا ۾ ڦهليل ملڪ

روس (انگريزي: Russia ) روسي ٻولي ۾ Россия (روسيا)، سرڪاري نالو رشين فيڊريشن (روس جو وفاق) جنھن کي روسي ٻولي ۾ روسياسڪايا فيڊريٽسيا سڏيندا آهن.

يوريشيائي جي ھڪ وفاقي ريپبلڪ آھي. اھو پکيڙ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ان جي پکيڙ 17,075,200 چورس ڪ م يا 6,592,772 چورس ميل آهي جيڪو انساني ابادي واري دنيا جو اٺون حصو آھي. ھن ملڪ جي ان وسيع پکيڙ ۾ 11 ٽائيم زون اچي وڃن ٿا. دنيا ۾ روس جي سرحد سڀ کان وڌيڪَ ملڪن سان لڳي ٿي جن جو تعداد 14 آھي. ان جي اتر اولهه کان ڏکڻ اوڀر جي طرف روس جون زميني سرحدون ناروي، فنلينڊ، استونيا، لٽويا، لٿووينيا ۽ پولينڊ، بيلاروس، يوڪرين، جارجيا، آذربائيجان، قازقستان، چين، منگوليا، ۽ اتر ڪوريا سان ملن ٿيون۔ جڏهن ته هن جون آبي سرحدون جاپان کان اخوتسڪ سمنڊ، گڏيل آمريڪي رياستن جي ریاست الاسڪا کان بيرنگ سمنڊ ۽ ڪئناڊا جي ڄميل سمنڊ طرف اتر جا ٻيٽ ملن ٿا. روس جي آبادي 14،62،00،000 آهي. آبادي ۾ اھو يورپ جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. دنيا جي وڏي آبادي وارن ملڪن ۾ ان جو نمبر نائون آھي ان جي گادي جو هنڌ ماسڪو شھر آھي جيڪو يورپ جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر آھي. سينٽ پيٽرز برگ روس سميت يورپ جو ٻيون نمبر وڏو شھر آھي. 1991ع ۾ سوويت يونين جي خاتمي بعد روسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ روسي فيڊريشن ۾ تبديل ٿي ۽ 1993ع ۾ نئين آئين ذريعي وفاقي نيم صدارتي نظام قائم ڪيو ويو. سن 2000ع کان وٺي ھن ملڪ جو صدر ولاديمير پيوٽن آهي.
انساني ترقيءَ جي اشاريي مطابق ھن ملڪ جو دنيا ۾ 52ھون نمبر آھي. ملڪ ۾ يونيورسٽي تائين تعليم مفت فراھم ڪئي وڃي ٿي. ملڪ جي معيشت دنيا جي طاقتور معيشتن ۾ شامل آھي ۽ ناليوار جي ڊي پي ۾ ھن ملڪ جو دنيا ۾ يارھون نمبر آھي. مساوي قوت خريد مطابق جي ڊي پي ۾ ھن ملڪ جي معيشت دنيا اندر ڇھين نمبر تي آهي. ھي ملڪ دنيا جي ھڪ وڏي ايٽمي طاقت آھي ۽ گڏيل قومن جو باني ۽ سلامتي ڪائونسل جو ويٽو جو اختيار رکندڙ مستقل رڪن آھي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪَ ايٽمي ھٿيار پڻ ھن ملڪ وٽ آھن. دنيا جي ٻين وڏي فوج پڻ ھن ملڪ جي آھي ۽ دنيا ۾ فوج تي وڌيڪ خرچ ڪندڙ چوٿون وڏو ملڪ آهي. دنيا جي معدني ۽ توانائي جي ذريعن جو وڏو حصو ھن ملڪ وٽ آهي. روس دنيا ۾ سڀ کان وڏن تيل ۽ قدرتي گيس پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. ملڪ جي 20, شنگھائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن، ڪائونسل آف يورپ، ايشيا پيسفڪ ايڪانامڪ ڪوآپريشن، آرگنائيزيشن آف سڪيورٽي اينڊ ڪوآپريشن ان يورپ، انٽرنيشنل انويسٽمينٽ بينڪ ۽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن، ڪامن ويلٿ آف انڊپينڊنٽ اسٽيٽس، ڪليڪٽو سيڪيورٽي ٽريٽي آرگنائيزيشن، يوريشين ايڪانامڪ يونين جو رڪن ملڪ آهي.

روس
رشين فيڊريشن

Росси́йская Федерация
(روسياسڪايہ فيدريتسيہ)
Flag of روس
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: 
"Gosudarstvenny gimn Rossiyskoy Federatsii"  (رومڻائيزيشن)
"روس جو رياستي قومي ترانو"
روس جو مقام.تيز سائو رنگ . ڪرائميا تڪراري علائقو آهي جيڪو روسي انتظام هيٺ آهي جنھن کي ھلڪي سائي رنگ سان ظاهر ڪيو ويوa
روس جو مقام.تيز سائو رنگ . ڪرائميا تڪراري علائقو آهي جيڪو روسي انتظام هيٺ آهي جنھن کي ھلڪي سائي رنگ سان ظاهر ڪيو ويوa
گادي جو هنڌ ماسڪو
55°45′N 37°37′E / 55.750°N 37.617°E / 55.750; 37.617
سڀ کان وڏو شهر گاديء جو ھنڌ
دفتري ٻوليون روسي يا رشين
نسلي گروھ
  • 81.0% روسي
  • 3.7% تاتاري
  • 1.4% يوڪرائيني
  • 1.1% باشڪر
  • 1.0% چوئاش
  • 0.8% چيچن
  • 11.0% ۽ ٻيا
حڪومت
• صدر
ولاديمير پيوٽن
• وزيراعظم
دمتري ميديويدف
• فيڊريشن ڪائونسل جو چيئرمين
ويلنٽينا ميٽوي يينڪو
• رياستي ڊوما جو چيئرمين
ويچزلاف وولودن
مقننه فيڊرل اسيمبلي
فيڊريشن ڪائونسل
اسٽيٽ ڊوما
روس جي تشڪيل جي تاريخ
• رورڪ جي آمد
862
• خيويائي روس
882
• ماسڪو جي گرينڊ ڊچي
1283
• زارشاھي
16 جنوري 1547
• روسي ايمپائر
22 آڪٽوبر 1721
• روسي ريپبلڪ
14 سيپٽيمبر 1917
• رشين ڊيموڪريٽڪ فيڊريٽو ريپبلڪ
23 سيپٽمبر 1918
• رشين سويت فيڊريٽو سوشلسٽ ريبلڪ
25 آڪٽوبر 2017
• سويت يونين جو قيام
20 ڊسمبر 1922
• خودمختياريء جو ڏينھن
12 جون 1990
• بيلاويزا وارا معاھدا
8 ڊسمبر 1991b
• رشين ايس.ايف.ايس.آر. جو نالو بدلائي رشين فيڊريشن رکيو ويو
25 ڊسمبر 1991b
• موجودہ آئين
12 ڊسمبر 1993
پکيڙ
• جملي
17٬075٬200 km2 (6٬592٬800 sq mi) (1st)
• پاڻي (%)
13 (دلدلي حصن سميت)
آبادي
• 2018 اندازو
144,526,636 روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام (ڪرائميا کان بغير) (9th)
•  گھاٽائي
8.4 /km2 (21.8 /sq mi) (225th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$4.152 ٽرلين ڊالر (6th)
• في سيڪڙو
$28,918 (49th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.522 ٽرلين ڊالر (12th)

روس جي تاريخ

سوشلسٽ انقلاب کان اڳ

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
يارھين صدي عيسويءَ ۾خيويائي روس

ڏھين کان يارھين صدي عيسويءَ ۾ خيويائي روس يورپ جي سڀ کان خوشحال ۽ وڏين رياستن ۾ شمار ٿيندو هو ان رياست جو ولاديمير اعظم (980–1015) ۽ ان جو ڏاھو جي لقب سان مشھور پٽ ياروسلاف وارا دؤر ان رياست جو سونھري دور شمار ڪيا ويندا آهن. ان ئي دؤر ۾ ۾ روس جي ماڻھن بازنطيني ايمپائر مان آيل آرٿوڊوڪس عيسائيت کي قبول ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ ساڳي دؤر ۾ پھريون مشرقي قانوني مجموعي جو مسودو روسڪايا پراودا جوڙيو ويو. يارھين ۽ ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ خانه بدوش ترڪ قبيلن: قبچاقن ۽ پچنگن وغيره جي لاڳيتي حملن ڪري مشرقي سلواڪ وارين آبادين وڏي پيماني تي اترئين گھاٽن ٻيلن وارن محفوظ علائقي زيلسي ڏي ھجرت ڪئي.

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
خيويائي ماڻھن جو بپتسمو جي عنوان سان ڪلاوڊي ليبيديف پاران ٺاھيل تصوير

جاگيرداري جي مضبوط ٿيڻ سبب خيويائي رياست جي مرڪزيت ختم ٿيندي وئي جنھن سان رياست اندر گھرو ويڙھ ٿيندي رھي. 1837-40ع دوران منگولن جي حملي خيو کي تباھ ڪري ڇڏيو ۽ روس جي اڌ آبادي ان حملي ۾ ھلاڪ ٿي وئي. حملي آورن، جن کي بعد ۾ تاتار سڏيو ويو، اتي اورد زرين (Golden Horde) نالي رياست قائم ڪئي. ان جو ترڪ ٻولي ۾ نالو آلتين اوردو ھيو. روس جو ڏاکڻو ۽ وچون حصو اٽڪل ٻہ صديون ان رياست ھيٺ رھيو. پولينڊ جي بادشاھت (1025-1385) نيٺ گاليشيا والھينيا کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو، جڏهن ته خيو جي پسگردائيءَ ۾ واقع ٻن علائقن: نووگورود ريپبلڪ ۽ منگولن جي زير اثر ولاديمير سوزدال ملي ڪري موجود روسي قوم جو بنياد وڌو. نووگورود ريپبلڪ منگولن جي تسلط مان جان ڇڏائي ۽ پسڪوف واري علائقي سميت انھن ڪنھن حد تائين منگولن جي خيويائي روس تي حملي واري وقت کان وٺي پنھنجي خودمختياري بحال رکي ھئي. نووگورود وارن 1240ع ۾ اليگزينڊر نيوسڪي جي قيادت ۾ نيوا واري جنگ ۾ سويڊن جي حملي آورن کي شڪست ڏئي. 1242ع ۾ انھن برف واري جنگ ۾ جرمن صليبين کي شڪست ڏئي. خيويائي روس جي خاتمي بعد روس جي ٻين قائم ٿيندڙ طاقتور رياست ماسڪو واري گرينڊ ڊچي ھئي جيڪو شروع ۾ ولاديمير سوزدال جو حصو ھئي ماسڪو پرنس دمتري دونسڪوئي جي اڳواڻي ۾ روسي آرٿوڊوڪس چرچ جي حمايت يافتہ روسي پرنسپلٽين جي متحده فوج سان ملي ڪري 1830ع ۾ ڪليڪوفو واري جنگ ۾ منگول تاتارين کي شڪست ڏئي ماسڪو آھستي آھستي چوڌاري موجود پرنسيپلٽين کي پاڻ ۾ ضم ڪري ڇڏيو جن ۾ توير واري پرنسپلٽي ۽ نووگورود ريپبلڪ پن شامل ھيون. عظيم ايوان ٽئين اورد زرين جي تسلط کي ختم ڪري وچ روس ۽ اتر روس کي ماسڪو جي راڄ ھيٺ ملائي روس جو پھريون حاڪم ٿيو جنھن سموري روس جي ڊيوڪ وارو لقب اختيار ڪيو. 1453ع ۾ قسطنطنيہ جي شڪست پاڻ کي اوڀر رومن ايمپائر جي وارث ھجڻ جو دعويدار ٿيو ايوان ٽئين بازنطيني شھنشاھ ڪنسٽنٽائين يارھين جي ڀائٽي صوفيه پلائيولاجينا سان شادي ڪئي ۽ بازنطيني ايمپائر جي ٻن منڍين واري باز جي نشان کي پنھنجي رياست جو نسبتي نشان بڻايو.

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
بيخوف لقب وارو ايوان چوٿون جي پينٽنگ

ماسڪو جي گرينڊ ڊيوڪ ايوان چوٿين بيخوف روسي زارشاھي نالي بادشاھت جو بنياد وجھي 1547ع ۾ پھريون روسي بادشاھ يا زار جي حيثيت سان تخت تي ويٺو ۽ ھن 1550ع ۾ قانونن جو نئون مجموعو سديبنڪ نافذ ڪيو جنھن ذريعي ھن جاگيردارنہ نمائندگي جو پھريون ادارو زيمسڪي سابور قائم ڪري مذھبي پيشوائن جي مقامي اثر رسوخ کي گھٽائي ختم ڪري ڇڏيو. ان پھرين زار ٽي تاتار خانيٽن: ڏکڻ اولھ سائبيريا واري سائبيريائي خانيٽ، قازان خانيٽ ۽ آستراخان خانيٽ وولگا سميت کي شامل ڪري روس جي پکيڙ ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪيو سورھين صدي عيسويءَ ۾ روس يورال جبلن جي اوڀر تائين وسعت ماڻي. ان طاقتور زارشاھي کي پولينڊ، لٿوانيا، سويڊن، ڊينمارڪ ۽ ناروي جي اتحاد سان بالٽڪ سمنڊ ۽ سامونڊي واپار لاء پھچ حاصل ڪرڻ جي ھڪ ڊگھي ۽ غير فيصلاڪن ليوونيائي جنگ ڪمزور ڪري ڇڏيو ساڳي وقت ڪرائميائي خانيٽ جي تاتارين پڻ ڏکڻ پاسي کان روس تي حملا جاري رکيا وولگا واريون خانيٽون بحال ڪرائڻ خاطر ڪرائميائي خانيٽ ۽ ان جي اتحادي عثماني خلافت 1571ع ۾ وچ روس تي حملو ڪري ماسڪو جي ديوارن تائين پھچي چڪا ھيا پر ايندڙ ٻئين سال حملي آور وڏي فوج کي مولودي واري جنگ ۾ شڪست ملي .


روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
روسي زار (1682-1721) ۽ پھريون روسي شھنشاھ (1721-1725) پيٽر اعظم

1682 ۾ پيٽر اعظم روس جو زار يا بادشاھ ٿيو ۽ 1721ع ۾ ھن پنھنجي شھنشاھ ھجڻ جو اعلان ڪيو. ھن روس کي يورپ جي ھڪ وڏي طاقتور رياست بڻايو. ھن 1700 کان 1721 تائين ھلندڙ اتر واري وڏي جنگ ذريعي سويڊن کي شڪست ڏئي. 1703ع ۾ ھن بالٽڪ سمنڊ تي سينٽ پيٽرزبرگ شھر جو بنياد وجھي روس جي گادي جو هنڌ اتي منتقل ڪيو. ھن روسي ڪلچر کي اولھ يورپ واري ڪلچر ۾ تبديل ڪرڻ لاء سڌارا آندا جن روسي ڪلچر کي ڪافي تبديل ڪيو. سندس ڌي ايلزبيٿ (1741–1762) جي دؤر ۾ روس ستن سالن واري جنگ (1756–1763) جي ور چڙھيو. ان جنگ ذريعي روس اوڀر پروشيا کي پنھنجي حدن ۾ ملائي برلن جي دروازن تائين پھتو پر ملڪه جي وفات بعد اھي علائقا پروشيا کي واپس موٽائي ڏنا ويا. عظيم ڪيٿرائين ٻين روس تي 1762ع کان 1796ع تائين حاڪم رھي جنھن جي دور کي روسي جاڳرتا وارو دور سڏيو ويندو آهي. ھن روس جي سرحد پولينڊ جي علائقن ۽ ڏکڻ ۾ ڪرائميائي خانيٽ کي شڪست ڏئي ڪاري سمنڊ تائين وڌائي. ڪيٿرائين کان پوءِ سندس پٽ پال پھريون تخت تي ويٺو. ان بعد 1801 ۾ اليگزينڊر پھريون بادشاھ ٿيو جيڪو 1825ع تائين رھيو. ان جي دؤر ۾ روسي الاسڪا پھتا ۽ ان کي آباد ڪرڻ شروع ڪيو

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
چوڏھين کان ويھين صدي تائين روس جي پکيڙ ۾ توسيع

نيپولين وارين جنگن دوران روس فرانس جي ايمپائر خلاف ٻين يورپي ايمپائرن جي اتحاد ۾ شامل ٿيو. 1812ع ۾ فرانس جي فوج ماسڪو تائين پھتي ھئي پر کيس سخت مزاحمت ۽ سردي جي موسم سبب ناڪامي ڏسڻي پئي. اتحادي فوج نيٺ پيرس ۾ داخل ٿي. روسي فوجي آفيسر جڏھن فرانس کان واپس آيا تہ پاڻ سان گڏ لبرل ازم وارا خيال کڻي آيا ۽ 1825ع ۾ انھن زار جي اختيارن گھٽائڻ لاء انقلاب جي ناڪام ڪوشش ڪئي. نڪولس پھرين جو جو قدامت پسند دؤر 1825ع کان 1855ع تائين ھليو جنھن بعد ڪرائميا واري جنگ ۾ شڪست روس جو يورپ ۾ غلبو ۽ اثر رسوخ گھٽائي ڇڏيو. 1847 کان 1851 دوران روس ۾ ڪالرا جي وبا ۾ ڏھ لک ماڻھو ھلاڪ ٿي ويا. نڪولس کان پوء اليگزينڊر ٻيون ()|اليگزينڊر ٻئين جو دور 1855 کان 1881 تائين ھليو جنھن دوران صنعتڪاري کي فروغ مليو ۽ روسي شاھي فوج کي جديد بڻايو ويو جنھن 1877 1878 جي روس ترڪ جنگ ذريعي عثماني خلافت کان بلقان جا گھڻا حصا آزاد ڪرايا. عثماني خلافت، قجر گھراڻي جي ايراني ۽ چين جي چنگ گھراڻي جي اثر رسوخ گھٽجڻ سان پيدا ٿيل خال کي برطانيه ۽ روسي ايمپائر ڀرڻ شروع ڪيو ۽ انھن ٻنھي ايمپائرن جي ڇڪتاڻ وڏي راند (The Great Game) جو نالي سان مشهور ٿي. اڻويھين صدي دوران روس ۾ سوشلسٽ تحريڪن جي شروعات ٿي. 1881ع ۾ انقلابين جي حملي ۾ اليگزينڊر ٻيون مارجي ويو ۽ سندس جاءِ تي ان جو پٽ اليگزينڊر ٽئين جي تاج پوشي ٿي جنھن جو راڄ 1894 تائين پرامن طريقي سان ھليو جنھن بعد ان ساڳي سال روس جو آخري زار نڪولس ٻيون تخت تي ويٺو. ان جي دور ۾ 1905 ۾ خوني انقلاب آيو جنھن کي خوني آچر 2005 سڏيو ويندو آهي. ان انقلاب ۾ بغاوت کي تي چيڀاٽيو ويو پر حڪومت ملڪ ۾ 1906 واري آئين جي صورت ۾ تمام وڏا سڌارا آڻڻ تي مجبور ٿي. ماڻھن کي اظھار جي آزادي ۽ جلوس ڪڍڻ، سياسي جماعتن جي قانوني حيثيت ۽ ڊوما جي نالي سان چونڊ واري مقننه جي قيام وارا حق ڏنا ويا.

روسي سوشلسٽ ريپبلڪ

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
روسي شھنشاھ نڪولس ٻيون پنھنجي خاندان سان گڏ. 1918 ۾ بالشويڪن ان سموري خاندان کي قتل ڪيو

1914ع ۾ آسٽريا ھنگري ايمپائر طرفان روس جي اتحادي سربيا جي بادشاھت سان جنگ جي اعلان بعد روس بہ ٻين جنگ عظيم ۾ شامل ٿي ويو 1916 ۾ پبرسلوف واري حملي دوران روسي شاھي فوج آسٽروھنگري ايمپائر جي فوج کي لڳ ڀڳ ناس ڪري چڏيو جنگي خرچ ۾ اضافي، جنگ ۾ ٿيل جاني نقصان، بدعنواني ۽ بغاوت جي افواھن روس ۾ اڳواٽ موجود عوامي بي اعتمادي ۾ ويتر گھڻو اضافو ڪيو جنھن 2017ع واري آڪٽوبر انقلاب لاء راھ ھموار ڪئي. فيبروري 2017 جي انقلاب نڪولس ٻئين کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. ھن ۽ سندس خاندان کي قيد ڪيو ويو ۽ بعد ۾ روسي گھرو ويڙھ دوران يڪاتيرنبرگ ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو. شاھي نظام کي ختم ڪري پھرين سيپٽمبر 1917ع تي روسي سياسي جماعتن جي اتحاد جي عارضي حڪومت ٺاهي وئي ۽ روسي ريپبلڪ جي قيام جو اعلان ڪيو ويو 6 جنوري 2018 تي روسي آئين ساز اسيمبلي روسي جنھوري وفاقي ريپبلڪ جو اعلان ڪيو ٻئي ڏينهن تي آل رشين سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي ان آئين ساز اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
سفيد ڌر جو ھڪ پروپيگنڊا وارو پوسٽر 1932ع

پيٽروگراڊ سوويت پڻ ھڪ متبادل سوشلسٽ اداري جي حيثيت ۾ موجود ھئي جيڪا مزدورن ۽ ھارين جي چونڊيل سوويت جي نالي سان مشهور ڪائونسلن ذريعي طاقت کي برقرار رکيو. آڪٽوبر 1917ع ۾ بالشويڪن ولاديمير لينن جي سربراهي ۾ انقلاب آڻي عارضي حڪومت کي ختم ڪري سوويت جي ذريعي ملڪ ھلائڻ شروع ڪيو ۽ اھڙي طرح دنيا جي پھرين سوشلسٽ رياست وجود ۾ آئي جنھن سان گڏوگڏ ڪميونسٽ مخالف سفيد تحريڪ جي ويڙهاڪن ۽ سويت ڪائونسلن جي سرخ فوج وچ ۾ گھرو ويڙھ جي شروعات ٿي وئي. بالشويڪ روس کي بريسٽ لتووسڪ معاھدي ذريعي سموري يوڪرين سان گڏوگڏ پولينڊ، فنلئنڊ ۽ بالٽڪ علائقن تان ھٿ کڻڻو پيو. پھرين جنگ عظيم جي اتحادي طاقتن روسي گھرو ويڙھ ۾ ڪميونسٽ مخالف فوجين جي مدد ۾ ناڪام مداخلت ڪئي گھرو ويڙھ روس جي معيشت ۽ انفراسٽرڪچر کي ڳرو نقصان رسايو. لڳ ڀڳ 70 کان 120 لکن تائين ماڻھن جو جاني نقصان ٿيو جن اڪثريت عام شھرين جي ھئي 1921 ۽ 1922 واري ڏڪار جا اڌ ڪروڙ ماڻھو شڪار ٿيا

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
ولاديمير لينن ۽ ٻيا بالشويڪ اڳواڻ 1919ع ۾ ريڊ اسڪوائر تي لازمي فوجي سکيا وارن جٿن جو معائنو ڪندي

30 ڊسمبر 1922 تي لينن پنھنجي ساٿين سان گڏجي ھڪ معاھدي ذريعي سوويت يونين قائم ڪيو جنھن م روس، يوڪرين، بيلاروس ۽ ٽرانس ڪوھ ڪاف واريون سويت سوشلسٽ ريپبلڪون شامل ھيون جيڪا پوء وڌي 15 ريپبلڪن تائين وسيع ٿي وئي جن ۾ سڀ کان وڌيڪَ آبادي واري ريپبلڪ رشين سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ ھئي جنھن ڪري ان جو ٻين تي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي غلبو رھيو. 1924ع ۾ لينن جي وفات بعد سويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري جوزف اسٽالن ملڪ جو سربراھ ٿيو. ھن پنھنجي سڀ کان وڏي مخالف ليون ٽراٽسڪي کي 1929ع ۾ جلاوطن ڪيو. ھن ملڪ ۾ ڪمانڊ ايڪانامي جو آغاز ڪيو. ملڪ جي ٻھراڙيءَ جي زراعت ۽ صنعت کي اجتماعي صورت ڏني. ھن سوويت يونين جي وڏي زرعي معيشت کي ٿوري وقت ۾ ھڪ وڏي صنعتي پاور هائوس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اسٽالن ملڪي پاليسين جي مخالفن سان ڏاڍي سختي سان پيش آيو.

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
The اسٽالن گراڊ واري جنگ, جنگن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ۽ خوني لڙائي ھئي جيڪا 1943ع ۾ سويت يونين جي جرمن فوج تي فتح سان ختم ٿي
روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
ٻين جنگ عظيم ۾ يورپ ۾ ساليانو جاني نقصان. سوويت يونين محوري طاقتن کي شڪست ڏيڻ ۾ ھڪ وڏو ڪردار ادا ڪيو

22 جون 1941ع ۾ نازي جرمني مولوٽوف ربنٽراپ پيڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي آپريشن باربروسا ذريعي سوويت يونين تي انساني تاريخ جو سڀ کان زبردست حملو ڪيو جنھن سان ٻين جنگ عظيم جو اوڀر پاسي وارو سڀ کان وڏو جنگي محاذ شروع ٿيو 1941 ۽ 1942 دوران رڳو 8 مھينن ۾ جرمن قيد ۾ 30 لک سويت يونين جي جنگي قيدين کي جرمن فوج قيد دوران ھلاڪ ڪيو. جرمن ۽ فنلئنڊ جي فوجن ليننگراڊ شھر جو 1941 کان 1944 تائين زميني محاصرو ڪيو پر شھر ويڙھ جاري رکي. ان محاصري ڪري فاڪاڪشي م لکين ماڻھو مري ويا پر روسي پيش نہ پيا. اسٽالن جي حڪومت ۾ فوجي ڪمان جارجي ژوڪوف ۽ ڪونسٽانٽن روڪوسووسڪي سنڀالي ۽ مئي 1945ع ۾ سوويت فوج برلن جي جنگ دوران برلن تي قبضو ڪيو. آگسٽ 1945ع ۾ سوويت فوج چين جي علائقي مينچوڪئو (منچوريا) ۽ اتر ڪوريا مان جپاني فوج کي ٻاھر ڪڍيو. اوڀر يورپ ۽ وچ يورپ وارن ملڪن مشرقي جرمني سميت سوشلسٽ نظام واريون رياستون ٺھي ويون جن سان سوشلسٽ بلاڪ وجود ۾ آيو. سوويت يونين دنيا جي ٻين ايٽمي طاقت بڻجي ويو جنھن بعد ايٽمي ھٿيار ٺاھڻ جي ڊوڙ شروع ٿي وئي سوويت يونين وارسا پيڪٽ ذريعي اتحاد قائم ڪيو آمريڪا ٻين يورپي ملڪن سان گڏجي نيٽو وارو اتحاد ٺاھيو جنھن سان دنيا ۾ سرد جنگ جو آغاز ٿيو 1953ع ۾ اسٽالن جي موت بعد نڪيتا خروشچيف سوويت يونين جو نئون سربراھ ٿيو جنھن اسٽالن جي ڪيل ڏوھن ۽ ظلمن جي مذمت ڪئي ۽ ڊي اسٽالنائيزيشن جي پاليسي شروع ڪئي. ھن لينن جي دور کان قائم ٿيل ليبر ڪيمپن مان لکين سياسي قيدين کي آزاد ڪيو ھن عالمي پرامن بقاء باھمي جي پاليسي پڻ اختيار ڪئي. ھن طرفان ظالماڻي پاليسين ۾ نرمي کي خروشچيف جي برف پگھرجڻ واري پاليسي سڏيو ويو ان دور ۾ سرد جنگ ۾ پڻ اضافو ٿيو آمريڪا پي جي ايم جوپيٽر ميزائيل ترڪي ۾ نصب ڪيا ۽ سوويت يونين ڪيوبا ۾ ميزائل نصب ڪيا

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
دنيا جو پھريون مصنوعي سيٽلائيٽ اسپٽنڪ 1

1957ع ۾ سوويت يونين پھريون مصنوعي سيٽلائيٽ اسپٽنڪ 1 خلا ۾ موڪليو جنھن سان خلائي دؤر جو آغاز ٿيو روسي خلاباز يوري گئگرين پھريون انسان ھيو جنھن 12اپريل 1961ع تي ووستوڪ 1 خلائي جھاز ۾ سوار ٿي خلا ۾ داخل ٿي ڌرتي جي چوڌاري چڪر لڳايو. خروشچيف کان پوءِ 1964ع ۾ ليوند برژنيف سوويت يونين جو سربراھ ٿيو جيڪو 1982ع تائين ان منصب تي رھيو جيڪو سوويت يونين جي معاشي جمود جو دور سڏيو ويندو آهي. ملڪ جي معاشي ترقي ڏاڍي سست ٿي وئي. 1979ع ۾ افغان انقلاب بعد سوويت يونين جي فوج جي اتي داخل ٿيڻ سان سوويت افغان جنگ جي شروعات ٿي. 12 نومبر 1982تي يوري آندروپوف ملڪ جو سربراھ ٿيو جيڪو 9 فيبروري 1984 ۾ وفات ڪري ويو ۽ ڪانسٽينٽن چرنينڪو سربراھ ٿيو جيڪو 10 مارچ 1985 تي فوت ٿيڻ تائين عھدي تي رھيو ۽ پوء ميخائيل گورباچوف ملڪ جو آخري سربراھ ٿيو.

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
ميخائيل گورباچوف ۽ رونالڊ ريگن 1986ع ۾ ريڪجاويڪ سمٽ ۾

گورباچوف معاشي جمود کي ختم ڪرڻ ۽ حڪومت کي جمھوري بنائڻ خاطر سوويت نظام ۾ لبرل سڌارا پرسٽروئڪا (نئين تشڪيل) ۽ گلاسنوسٽ (اظھار جي آزادي) وارين پاليسين جي صورت ۾ نافذ ڪيا پر انھن پاليسين ملڪ ۾ قومپرستي ۽ علحدگي پسنديءَ کي ھٿي ڏني . دنيا جي ٻين وڏي معاشي طاقت پوئين دور ۾ ھڪ وڏي معاشي گھوٽالي جو شڪار ٿيندي وئي 1991 ۾ بالٽڪ رياستون سوويت يونين کان ڌار ٿيڻ جي شروعات ڪئي 1991ع ۾ ھڪ ريفرينڊم ذريعي سوويت شھرين جي اڪثريت سوويت يونين کي خودمختيار رياستن جي يونين ۾ تبديل ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو 1991ع ۾ بورس يلٽسن روسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو پھريون ڀيرو سڌي چونڊ وسيلي صدر چونڊجي آيو آگسٽ 1991 ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي حق ۾ سوويت يونين کي قائم رکڻ خاطر گورباچوف جي خلاف فوجي بغاوت ٿي 25 ڊسمبر 1991ع تي سوويت يونين جي خاتمي جو اعلان ٿيو جنھن سان موجوده روس سميت چوڏھن ٻيون نيون رياستون وجود ۾ آيون.

روسي فيڊريشن

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
سن 2000 ۾ ولاديمير پيوٽن جي روسي صدر جي عھدي لاءِ حلف برداري جي تقريب ۾ بورس يلٽسن پڻ بيٺل

سوويت يونين جي معاشي ۽ سياسي زوال روس جي معيشت کي ھڪ ڊگھي وقت لاء ڊپريشن ۾ رکيو ان ڪري روس ۾ نجڪاري، آزاد تجارت ۽ لبرلائيزيشن وارا سڌارا آڻدا ويا. ان کان سواءِ آمريڪا ۽ آء ايم ايف جون تجويزيل معيشت ۾ بنيادي تبديليون پڻ آنديون ويون پر ملڪ ۾ پيدا ٿيل نئين ارب پتين ناڻو ۽ اثاثا وڏي پيماني تي ملڪ کان ٻاھر منتقل ڪرڻ شروع ڪيا معاشي ڊپريشن سماجي خدمتن جو زوال آڻي ڇڏيو. غربت ۾ تيزي سان اضافو ٿيو ۽ ڄمڻ جي شرح کان موت جي شرح وڌي وئي 1990واري ڏھاڪي ۾ بدعنواني، ڏوھ ۽ لاقانونيت انتھا تي پهچي چڪا ھئا. 1993ع ۾ بورس يلٽسن۽ پارليامينٽ وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري آئيني گھوٽالو پيدا ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ فوج کي مداخلت ڪرڻي پئي. مغربي طاقتن يلٽسن جي حمايت ڪئي. ان بحران دوران 100 کان وڌيڪَ ماڻھو مارجي ويا نيٺ معاملو آئيني ريفرنڊم ذريعي حل ٿيو ۽ نئون آئين جوڙي نافذ ڪيو ويو جنھن ۾ صدر کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا 31 ڊسمبر 1999ع تي صدر بورس يلٽسن ملڪ ۾ معاشي بھتري آڻڻ ۾ ناڪامي سبب غير مقبول ٿي چڪو ھو جنھن ڪري ان استعيفا ڏني ۽ پنھنجي جانشين طور روسي وزيراعظم ولاديمير پيوٽن کي چونڊيو پيوٽن 2000 ۾ روسي صدرات جي چونڊ کٽي ملڪ جو صدر منتخب ٿيو ھن چيچنيائي بغاوت کي ڪچليو. تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان ھتي پرڏيهي سيڙپڪاري وڌي ۽ پيوٽن جي ڏاھپ وارين معاشي ۽ مالياتي پاليسين سبب روسي معيشت اٿڻ شروع ڪيو جنھن سان ماڻھن جي معيار زندگي ۾ اضافو ٿيو ۽ روس جو عالمي سياست ۾ غلبو پڻ وڌيو 2004 واري صدارتي چونڊ ۾ ھي ڀيھر صدر چونڊجي ويو

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
ولاديمير پيوٽن (کاٻي طرف کان ٽيون), سرگي آڪسونوف (کاٻي پاسي پھريون), ولاديمير ڪانسٽنٽينوف (کاٻي پاسي ٻيون) ۽ ايڪسئي چلياء (ساڄي پاسي) 2014ع ۾ ڪرائميائي ريپبلڪ جي روس سان الحاق جي معاھدي تي صحيحون ڪندي

2 مارچ 2008 تي دميتري مدوديف صدارتي چونڊ کٽي ملڪ جو صدر ٿيو ۽ پيوٽن وري ملڪ جو وزيراعظم ٿيو. پيوٽن آئيني رڪاوٽ سبب ٽيون ڀيرو لاڳيتو صدر ٿي نہ پئي سگھيو. 2012 جي صدراتي چونڊن ۾ پيوٽن وري صدر چونڊجي آيو ۽ مدوديف ملڪ جو وزيراعظم مقرر ٿيو . 2014ع ۾ يوڪرين ۾ انقلاب اچڻ سبب اتان جو صدر وڪٽر يانوڪوويچ ملڪ ڇڏي ٻڄي ويو جنھن بعد پيوٽن پارليامينٽ کان يوڪرين ۾ فوج موڪلڻ جي منظوري ورتي جنھن ذريعي ھن ڪرائميا جو ڪنٽرول حاصل ڪيو. 2014 ۾ ڪرائميا ۾ ريفرنڊم ڪرايو ويو جنھن ۾ ووٽرن جي اڪثريت علحدگي جي حق ۾ ووٽ ڏنو روس ڪرائميا کي پنھنجي وفاق ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنھن قدم کي عالمي برادري تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو سيپٽمبر 2015ع ۾ روس شام جي گھرو ويڙھ دوران شامي حڪومت جي مدد ۾ فوج موڪلي ۽ جنگجو گروھ آء ايس آء ايل جي اسلامڪ اسٽيٽ، النصرہ فرنٽ (ليونت جي القاعده)، آرمي اف ڪانڪئيسٽ ۽ ٻين گروهن تي ھوائي حملا ڪيا. 2018 جي ئ صدارتي چونڊ ۾ پيوٽن چوٿون ڀيرو روس جو صدر چونڊجي آيو جيڪو سندس آخري آئيني مدو ھيو. جنوري 2020 ۾ روس جي آئين ۾ اھم آئيني ترميمون ڪيون ويون جنھن ذريعي پيوٽن کي ايندڙ وڌيڪ ٻن مدن تائين صدارتي چونڊ ۾ حصي وٺڻ جي اجازت ملي وئي. اپريل 2021 ۾ پيوٽن آئين ترميمن جي توثيق ڪئي

جاگرافي

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
روس جو ٽوپوگرافي وارو نقشو

روس ڪثيرالبراعظمي ملڪ آھي جيڪو ايشيا ۽ يورپ جي وسيع علائقن تي مشتمل آهي روس جون سرحدون فنلئنڊ، ناروي، اسٽونيا، ليٽويا، لٿوانيا، پولينڊ، بيلاروس، يوڪرين، جارجيا، آذربائيجان، قزاقستان، چين، منگوليا ۽ اتر ڪوريا ملن ٿيون. روس جي ساحلي ڪنارن جي ڊيگھ 37٬653 km (23٬396 mi) جيڪا دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي}}. روس جو جاگرافيائي محل وقوع متوازي ليٽيٽوڊ اتر ۾ °41 ۽ °82 ۽ متوازي لانگيٽيوڊ اوڀر ۾ °19 ۽ اولھ ۾ °169 آھي. روس جي پکيڙ دنيا جي ٽن کنڊن: اوشنيا، ايٽارڪٽيڪا ۽ يورپ کان بہ وڏي آھي ان جو زميني مٿاڇرو پلوٽو جي سطحي مٿاڇري جي برابر آهي روس جي ي اولھ واري آخري ترين بالٽڪ سمنڊ وارو ڪنارو آھي جيڪو ان جي حد ڪاليننگراڊ اوبلاسٽ ۾ واقع آھي ۽ اوڀر ۾ آخري ترين حد بيرنگ آبي لنگھ جو بگ دائيوميد ٻيٽ آھي. انھن ٻنھي آخري سرحدي ڇيڙن وچ ۾ فاصلو 9000 ڪ م آهي. ھن ملڪ ۾ 9 وڏن جبلن جون قطارون آھن جيڪي ان جي ڏاکڻي حصن ۾ واقع آھن جن مان سڀ مشھور ڪوھ قاف جبلن جي قطار آهي جنھن جي سڀ کان وڏي چوٽي مائونٽ ايلبروس آھي جنھن جي اوچائي 5٬642 m (18٬510 ft) آهي. اھا روس جي ۽ يورپ کنڊ جي پڻ سڀ کان اوچي چوٽي آهي.
روس جون سرحدون ٻن وڏن سمنڊن ھرھڪ پيسيفڪ سمنڊ ۽ آرڪٽڪ سمنڊ ۽ 13 ننڍن سمنڊن ھرھڪ اولھ ۾ بالٽڪ سمنڊ، ڏکڻ اولھ ۾ ڪارو سمنڊ ۽ ازوف وارو سمنڊ، اتر ۾ بارينٽس سمنڊ، ڪارا سمنڊ، ليپٽيف سمنڊ ، پچورا سمنڊ، اڇو سمنڊ ۽ اوڀر سائبيريائي سمنڊ، اتر اوڀر ۾ چڪچي سمنڊ ۽ بيرنگ سمنڊ، ڏکڻ اوڀر ۾ اوخاتسڪ سمنڊ ۽ جپاني سمنڊ سان ملن ٿيون روس جي وڏن ٻيٽن يا ٻيٽن جي جھرمٽن ۾ نووايا زيمليا، فرانز جوزف لينڊ، سيورنايا زيمليا، نيو سائبيرين آئلينڊز، ورينگل ٻيٽ ڪرل آئلينڊز ۽ سيخلن ٻيٽ شامل آهن دائيوميد آئلينڊز روسي سرزمين کان 3.8 km (2.4 mi) جي فاصلي تي واقع آهن
روس ۾ ھڪ لک کان بہ وڌيڪ وڏيون ۽ ننڍڙيون نديون وڻن ٿيون ۽ دنيا ۾ زميني سطح تي موجود پاڻي جي ذخيرن ۾ سڀ وڌيڪ روس ۾ آھن دنيا ۾ تازي پاڻي جي ڍنڍن ۾ چوٿون حصو پاڻي جو ذخيرو روس ۾ آھي. بيڪال ڍنڍ روس جي سڀ کان وڏي تازي پاڻي واري ڍنڍ آهي جيڪا دنيا جي سڀ کان اونھي، سڀ کان صاف، سڀ کان پراڻي ۽ سڀ کان وڌيڪَ ڪشادي تازي پاڻي واري ڍنڍ آهي جيڪا دنيا جي زميني سطح واري تازي پاڻي جي ذخيرن جو پنجون حصو آهي. ان کان سواء لادوگا ڍنڍ ۽ اونيگا ڍنڍ روس جي اتر اولھ ۾ يورپ ۾ واقع آھن جن جو شمار يورپ جي سڀ کان وڏين ڍنڍن ۾ ڻئي ٿو متبادل پاڻي وارن ذخيرن ۾ روس برازيل کان پوءِ دنيا ۾ ٻئين نمبر تي آهي. روس جي قومي ۽ تاريخي اھميت واري ندي وولگا آھي جيڪا يورپ جي سٻ کان ڊگھي ندي آھي سائبيريائي ندين ھرھڪ اوبي ندي، يينيسي ندي، لينا ندي ۽ آمور ندي جو شمار دنيا جي ڊگھين ندين ۾ ٿئي ٿو.

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
روس جي ڪوپن واري موسمي درجابندي

سياسي نظام

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
ولاديمير پيوٽن
روسي فيڊريشن جو صدر
مخائيل مسھاستن
روسي فيڊريشن جو وزير اعظم

روسي آئين مطابق ھي ملڪ غيرمتناسبي وفاق ۽ نيم صدارتي ريپببلڪ آھي جنھن ۾ صدر رياست جو سربراھ آھي ۽ وزيراعظم حڪومت جو سربراھ آھي. ھتان جو سياسي نظام ڪثيرالجماعتي نمائندگي واري جمھوريت آھي جنھن ۾ وفاقي حڪومت ٽن شاخن تي مشتمل آهي جن ۾ مقننه، انتظاميه ۽ عدليه شامل آهن مقننه ٻہ ايواني ادارو آهي جنھن کي روس جي فيڊرل اسيمبلي سڏين ٿا. ان جي ھيٺين ايوان جو نالو اسٽيٽ ڊوما آھي جنھن جا 450 رڪن آھن ۽ مٿئين ايوان جو نالو فيڊريشن ڪائونسل جنھن جا 170 رڪن آھن. روس جي اھا مقننه وفاقي قانون منظور ڪندي آھي، ان کان سواءِ جنگ جو اعلان، معاھدن جي منظوري ۽ صدر جو مواخذو ڪرڻ جا اختيار پڻ رکي ٿي. انتظاميه يا ايگزيڪٽو واري شاخ ۾ صدر روسي فوج جو سپريم ڪمانڊر ان چيف آهي ۽ کيس ڪنھن بہ منظور ڪيل قانوني بل جي توثيق جي بجاء ويٽو ڪرڻ جا اختيار پڻ آهن. حڪومت ۾ شامل وزيرن ۽ افيسرن جي مقرري پڻ ڪندو آهي. عدليه واري شاخ ۾ آئيني عدالت، سپريم ڪورٽ ۽ ننڍيون وفاقي ڪورٽون شامل آهن. انھن سموري ڪورٽن جي منظوري مقننه جو مٿيون ايوان: فيڊريشن ڪائونسل صدر جي سفارش تي ڪندو آهي. آھي عدالتون قانون جي تشريح ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪنھن بہ قانون کي غير آئيني قرار ڏئي سگھن ٿيون. صدر جو مدو 6 سال آھي جيڪو عام ووٽ ذريعي چونڊيو ويندو آهي. ساڳيو ماڻھو لاڳيتو رڳو ٻہ دفعا عھدي تي رھي سگھي ٿو حڪومتي وزارت ۾ وزيراعظم کي پريميئر سڏين ٿا ۽ ڪابينه ۾ ڊپٽي پريميئر ۽ وزير ۽ ٻيا چونڊيل شامل ھوندا آھن جن جي مقرري صدر وزيراعظم جي سفارش سان ڪندو آهي. وزيراعظم جي مقرري اسٽيٽ ڊوما جي منظوري سان ٿيندي آهي


روس جي سياسي ورھاست

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
روس جا فيڊرل سبجيڪٽ


روس جي وفاق جي سياسي ورھاست منفرد آھي ان ۾ 85 علائقا شامل آھن جن ۾ ان جون اوبلاسٽون (صوبا)، وفاقي انتظام وارا شھر، ريپبلڪون، خودمختيار آبلاسٽون (صوبا)، ڪِرَائَي ۽ خودمختيار آڪرگ شامل آهن. انھن سڀني کي آئين ۾ ھڪ نالو فيڊرل سبجيڪٽ ڏنو ويو آهي.


روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
فيڊرل سبجيڪٽ حڪومت
  46 آبلاسٽ
فيڊرل سبجيڪٽ ۾ سڀ کان عام ڊويزن آبلاسٽ يا صوبو
  22 ريپببلڪ
ھر ريپبلڪ نالي ۾ خودمختيار ھوندي آھي;
  9 ڪرائيون
ڪرائيون بہ لڳ ڀڳ اوبلاسٽ جي مثل ھونديون آھن. ڪرائي جي لفظي معني سرحد يا علائقو آهي. اھو سرحد واري جاگرافيائي بيھڪ سبب انھن تي تاريخي نالو پيل آهي. ھاڻي موجود ڪرائيون سرحدن تي واقع ناھن
  4 خودمختيار آڪرگون
ڪڏھن ڪڏھن انھن کي خودمختيار ضلعا يا خودمختيار علائقا يا خودمختيار خطا پڻ سڏيو ويندو آهي. اتي ڪانہ ڪا مخصوص نسلي اقليت جي غلبو ھوندو آھي
  3 وفاقي شھر
روس جا اھي وڏا شھر جيڪي ھڪ الڳ علائقي انتظام ھلائن ٿا (جن ۾ ماسڪو، سينٽ پيٽرزبرگ ۽ سيواستوپول شامل آهن)
  1  خودمختيار اوبلاسٽ
يھودين واري خودمختيار اوبلاسٽ روس جي واحد خودمختيار اوبلاسٽ آهي

روس جون اوبلاسٽ

فيڊرل سبجيڪٽ ۾ سڀ کان عام ڊويزن اوبلاسٽ يا صوبي واري آھي جن ۾ سربراھ گورنر ۽ اوبلاسٽ جي پنھنجي مقننه پڻ ھوندي آھي. گھڻي ڀاڱي انھن جا نالا انھن جي صدر مقامن جي نالن تان رکيل آھن

  1. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  امور
  2. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  آرکينگيلسڪ
  3. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  آسٽراخان
  4. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  بيلگراڊ
  5. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  برائنسڪ
  6. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  چيليابنسڪ
  7. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ارڪتسڪ
  8. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  آئوانوا
  9. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ڪاليننگراڊ
  10. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ڪالوگا
  11. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ڪيميرووا
  12. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ڪيراو
  13. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ڪاستروما
  14. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ڪرگان
  15. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ڪرسڪ
  16. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ليننگراڊ
  17. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ليپيٽسڪ
  18. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ماگيڊين
  19. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ماسڪو
  20. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  مرمانسڪ
  21. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  نزني ناوگوراڊ
  22. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ناوگوراڊ
  23. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام ناوسيبئرسڪ
  24. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  آمسڪ
  25. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  اورينبرگ
  26. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  اوريول
  27. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  پينزا
  28. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  پسڪوف
  29. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  روسٽاف
  30. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ريازين
  31. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  سئخلين
  32. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  سمارا
  33. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  سراتوف
  34. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  سِمَولِينِسڪ
  35. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  سوِرِڊلِوَسڪ
  36. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ٽامباف
  37. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ٽامسڪ
  38. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ٽِيوَر
  39. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ٽُولا
  40. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ٽِيومَين
  41. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  اُليَانَووِسڪ
  42. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  ولاديمير
  43. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  وَولگاگراد
  44. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  وَولگدَا
  45. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  وَورَنيش
  46. روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام  يَاروسِلاوَل

روس جون ريپبلڪون

روس جي وفاق ۾ ۾ 22 خودمختيار ريپبلڪون شامل آهن. اھي رڳو نالي ۾ خودمختيار ھونديون آھن. اھي ڪنھن نہ ڪنھن اقليتي نسلي گروھ جو وطن ھونديون آھن ۽ انھن جو پنھنجو الڳ آئين پڻ ھوندو آھي پر انھن جي بين الاقوامي نمائندگي روسي وفاقي حڪومت ذريعي ٿيندي آهي.

ريپبلڪون
روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 

1. آديجيئا
2. التائي
3. باشڪورٽاسٽن
4. بوريئيشيا
5. چيچنيا
6. چواشيا
7. ڪرائميا
8. داغستان
9. انگشيشيا
10. ڪيبارڊنو بالڪيريا
11. ڪالميڪيا

12. ڪَيرَچَي چَرڪَيسِيا
13. ڪريليا
14. خاڪيشيا
15. ڪامي
16. ماري ايل
17. ماردووائيا
18. نارٿ اوسيشيا الانيا
19. سيکا
20. تاتارستان
21. تووا
22. ادمرشيا

قسم وفاق ۾ شامل رياستون
علائقو روسي فيڊريشن
انگ 22
آبادي سڀ کان ننڍي: التائي, 206,195
سڀ کان وڏي: باشڪورٽاسٽن, 4,072,102
ايراضي سڀ کان ننڍي: انگشيشيا, 3٬123 km2 (1٬206 sq mi)
سڀ کان وڏي: سيکا,3٬083٬523 km2 (1٬190٬555 sq mi)
حڪومت ريپببلڪ جي حڪومت
ذيلي تقسيم ضلعا, وفاقي انتظام وارا شھر

پرڏيهي ناتا

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
پيوٽن 1919ع ۾ پنھنجي ھم منصبن سان جي 20 جي اوساڪا واري اجلاس ۾

روس سفارتي تعلقاتن ۾ دنيا ۾ پنجين نمبر تي وڏو نيٽورڪ رکندڙ ملڪ آهي. ان جا 190 گڏيل قومن جي رڪن ملڪن، 2 گڏيل قومن جي جزوي تسليم ڪيل ملڪن، 3 گڏيل قومن جي مبصر ملڪن سان سفارتي تعلقات آهن. 140 ملڪن ۾ ان جا سفارتخانا کليل آھن. اھو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو مستقل رڪن آھي. جي 20، ، ڪائونسل آف يورپ، آرگنائيزيشن فار سيڪيورٽي اينڊ ڪوآپريشن ان يورپ، ايشيا پيسفڪ ايڪانامڪ ڪوآپريشن، ڪامن ويلٿ آف انڊپينڊنٽ اسٽيٽس، يوريشين ايڪانامڪ يونين، ڪليڪٽو سڪيورٽي ٽريٽي آرگنائيزيشن، شنگھائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن ۽ برڪس جو رڪن آهي . سربيا سان ثقافتي، نسلي ۽ مذھبي قربت ھجڻ ڪري روس جا تاريخي ناتا آھن. ايڪويهين صديءَ ۾ روس ۽ چين جا باھمي ۽ معاشي تعلقات تمام مضبوط ٿيا آهن. 2001 ۾ ٻنھي وچ ۾ دوستي وارو معاھدو ٿيو جنھن تحت چين تائين ايسٽرن سائبيريا پيسيفڪ اوشن تيل پائيپ لائين ۽ پاور آف سائبيريا تيل جي پائيپ لائين وڇايون ويون.

معيشت

روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
ماسڪو يورپ ۾ ھڪ وڏو مالياتي مرڪز آھي. اھو دنيا جي سڀ کان وڏين شھري معيشتن ۾ شامل آھي
روس: روس جي تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
1991 کان 2019 تائين بين الاقوامي ڊالرن ۾ مساوي قوت خريد مطابق روس جي جي ڊي پي جي واڌ

روس قدرتي وسيلن خصوصن تيل ۽ قدرتي گيس جي ذخيرن سان سرشار مڪسڊ ايڪانامي وارو ملڪ آهي . ناليوارو جي ڊي پي جي لحاظ کان روسي معيشت دنيا ۾ يارھين نمبر تي ۽ مساوي قوت خريد ۾ ان جي جي ڊي پي دنيا ۾ ڇھين نمبر تي آهي. 2017 ۾ خدمتن واري شعبي جو جي ڊي پي ۾ حصو %62 ھيو ۽ صنعتي شعبي جو حصو %32 ھيو، جڏهن تہ زراعت جي شعبي جو جي ڊي پي ۾ حصو %5 ھيو.\.روس ۾ بيروزگاري گھٽ آھي ان جي شرح ڪل %4.5 آھي ۽ اتي غربت جي شرح ڪل آبادي جي ڀيٽ ۾ گھٽ آھي جيڪا %12.6 آھي سرڪاري انگ اکرن مطابق ملڪ جي %70 آبادي جو شمار وچولي طبقي ۾ ٿئي ٿو پر ڪجهه معاشي ماھر ان انگ اکرن تي اختلاف رکن ٿا. روس جي زر مبادلہ جا ذخيرا $604 ارب ڊالر آھن جنھن ھن ملڪ جو زر مبادلہ جي سڀ کان وڏن ذخيرن ۾ دنيا جي ملڪن ۾ پنجون نمبر آھي. ملڪ ۾ مزدورن جو تعداد 7 ڪروڙ آھي. مزدورن جي تعداد ۾ ھي ملڪ دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ملڪ آهي اھو موٽر گاڏين جي پيداوار ۾ دنيا جو ڏھون نمبر وڏو ملڪ آهي.. برآمدن ۾ روس دنيا جي ملڪن ۾ چوڏھون نمبر وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ آهي In 2016, the oil-and-gas روسي وفاقي بجيٽ ۾ آمدني ۾ برآمدن جو حصو %36 آهي. ھن ملڪ ۾ ھموار ٽيڪس جي شرح %13 آھي ان ڪري متحده عرب امارات کان پوء روسي ٽيڪس نظام دنيا جو ٻيون نمبر پرڪشش ٽيڪس نظام آهي

حوالا

Tags:

روس جي تاريخروس جاگرافيروس سياسي نظامروس جي سياسي ورھاستروس پرڏيهي ناتاروس معيشتروس حوالاروس

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

هندوڌرمڊائرياسوانح نگاريمردايڪواڊورآل انڊيا مسلم ليگموريشستجنيس خطبيونس آئرسهٿبرجخاڪشيرمٿيون ايوانپروليآلو ارجنمشت زنياحمديپراگبسيرا ليونمير عبدالحسينمدرشاھياخبارتنزانيابادشاهي مسجدبرمودا1465عڊيمنڪيوبالسانياتڪاروباروائيمغربي صحاراجمهوريا ڪانگوزمبابويھنديايسوسيئيشن فٽبالجيوٽيگنگحرمرورومن اسڪرپٽشاهه عنايت شهيدڪشش ثقلعطاردٻوٽامشتاق احمد يوسفيعيسوي سالڪوالالمپوراسمبجليڳئونعورت (ڪتاب)عمر ماروي (فلم)مئسچوسٽس🡆 More