جوئر انگريزي (Sorghum vulgare) ھڪ قَسم جو ان وارو فصل آھي جيڪو قديم زماني کان سنڌ ۾ پوکبو اچي ٿو.
هاڻ جوئر جو فصل اڪثر ڪري باراني علائقن ۾ پوکجي ٿو. ان جو ٻوٽو وڏو به ته ننڍو به ٿيندو آهي. جوئر جي به ڪڻڪ وانگر ماني پچائي کاڌي ويندي آهي. جوئر جو داڻو رنگ ۾ اڇو، ڳاڙهو ۽ ٻين رنگن جو ٿئي ٿو. جوئر جي قسمن ۾ ڪانگڙ، تُري وغيره شامل آهن. .
طب مطابق جوئر جو اثر معتدل ھوندو آھي. ان جي سنگ جو رنگ اڇو ۽ ڳاڙهو ھوندو آھي ۽ ان جا داڻا گول ھوندا آھن جوئر جي اٽي جي ماني گهاٽي بلغم کي وڃائي ٿي، رت ۽ صفرا جي جوش کي گهٽائي ٿي، سلھ جي رت کي بند ڪري ٿي، غليظ وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي، تپ، صفراوي دستن لاءِ فائديمند آهي. هن جي لپري سخت ڳوڙهن کي ڦاڙي ٿي. هن جو ڀت رڌجي ان ۾ وڏف وجهجي، انهي ڀت کائڻ سان زالن جي ٿڇ ۾ واڌارو ٿيندو.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article جوئر, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.