تنزانيا: آفريڪا ۾ ملڪ

تنزانيا, تنزانيہ، تنزانيه(انگريزي: Tanzania) /ˌtænzəˈniːə/ سرڪاري نالو يونائيٽيڊ ريپبلڪ آف تنزانيا ھڪ اوڀر آفريڪا جو ملڪ آهي جيڪو آفريڪاجي وڏين ڍنڍن واري علائقي ۾ شامل آھي.ان جي سرحد اتر ۾ يوگنڊا، اتر اوڀر م ڪينيا، اوڀر ۾ ھندي وڏو سمنڊ، ڏکڻ ۾ موزمبيق ۽ ملاوي، ڏکڻ اولھ ۾ زيمبيا ۽ اولھ ۾ روانڊا ، برونڊي ۽ ڊيموڪرٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو واقع آھن.

ھن جي اتر اوڀر ۾ آفريڪا جو سڀ کان وڏو جبل مائونٽ ڪليمنجارو واقع آهي.

يونائيٽيڊ ريپبلڪ آف تنزانيه

Jamhuri ya Muungano wa Tanzania  (Swahili)
Flag of تنزانيا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"Uhuru na Umoja" (Swahili)
"آزادي ۽ اتحاد"
ترانو: "Mungu ibariki Afrika"
(انگريزي ٻولي: "God Bless Africa")
Location of تنزانيا
جو مقامتنزانيا
گادي جو هنڌ ڊوڊوما(ڊي جيوري)
سڀ کان وڏو شهر دارالسلام
دفتري ٻوليون ڪابہ نہ
قومي زبان سواحلي ٻولي
ٻيون ٻوليون انگريزي
مذهب (2010 تخمينو )
(نوٽ: زينزيبار ۾ تقريبن مسلمان رھن ٿا.)
مقامي آبادي تنزانين يا تنزانيائي
حڪومت وحداني غلبي واري جماعت صدارتي، سوشلسٽريپبلڪ
• صدر
جان ميگوفولي
• نائب صدر
سميعہ سولوحو
• وزيراعظم
قاسم مجالوا
•  اسپيڪر
جاب اين دوگائي
•  چيف جسٽس
ابراھيم حمث جمعا
مقننه نيشنل اسيمبلي
خودمختياري يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين
• ٽانگانيڪا
9 ڊسمبر 1961
• عوامي جمھوريہ زينزيبار ۽ پيمبا
10 ڊسمبر 1963
• انضمام
26 اپريل 1964
• موجوده آئين
25 آپريل 1977
پکيڙ
• جملي
947٬303 km2 (365٬756 sq mi) (31st)
• پاڻي (%)
6.4
آبادي
• 2012 مردم شماري
44,928,923
•  گھاٽائي
47.5 /km2 (123.0 /sq mi)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$176.465 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$3,456
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$56.664 ارب ڊالر

تاريخ

تاريخ کان آڳاٽي زماني ۾ ايٿوپيا کان ڏکڻ ڪوش واريون (انگريزي: South Cushitic) ٻوليون ڳالھائيندڙ تنزانيا لڏي آيا ھئا. اوڀر ڪوش وارا ماڻهو 2000 کان 4000 سال اڳ ترڪانا ڍنڊ جي اتر ۾ آيا. اھڙي طرح سوڊان مان بہ تنزانيا طرف ماڻھن جي ھجرت ٿي ۽ تنزانيا ۾ آبادي جي شروعات ٿي وئي.

تنزانيا: تاريخ, جاگرافي, آبهوا 
اروشا واري پڌرنامي جو يادگار

جاگرافي

تنزانيا: تاريخ, جاگرافي, آبهوا 
تنزانيه جو نقشو
تنزانيا: تاريخ, جاگرافي, آبهوا 
دنيا جي نقشي ۾ تنزانيا جو مقام

تنزانيا جي جاگرافيائي بيهڪ6 00 S, 35 00 E آھي. ڪل پکيڙ 947,300 چورس ڪلوميٽر اٿس جنھن مان 885,800 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 61,500 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. ھن لڪير جي پکيڙ ۾ مافيا، پيمبا، ۽ زينزيبار جا ٻيٽ پڻ شامل آهن . پکيڙ ۾ ھي ملڪ دنيا ۾ 32 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جون خشڪي واريون سرحدون 4,161 ڪلوميٽر آھن جيڪي 8 ملڪن سان ملن ٿيون. ان مان 589 ڪلوميٽر برونڊي سان ، 479 ڊيموڪرٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو سان، 775 ڪلوميٽر ڪينيا سان، 512 ڪلوميٽر ملاوي سان، 840 ڪلوميٽر موزمبيق سان، 222 ڪلوميٽر روانڊا سان، 391 ڪلوميٽر يوگنڊا سان ۽ 353 ڪلوميٽر زيمبيا سان ملن ٿيون. ملڪ جي بحري سرحد 1424 ڪلوميٽر آهي ۽ سرحد اندر بحري علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل ، ۽ مخصوص معاشي زون 200 ناٽيڪل ميل اٿس.ملڪ جي سراسري بلندي 1018 ميٽر ۽ سڀ کان بلند ترين مقام ڪليمنجارو آھي جنھن جي بلندي 5895 ميٽر آھي جيڪو پوري آفريڪا کنڊ جو بلند ترين مقام آھي.

تنزانيا: تاريخ, جاگرافي, آبهوا 
اسپائس ٻيٽ (زنجبار)
ھڪ ھاٿي مائونٽ ڪليمنجارو وٽان گذرندي
نگورنوگورو ڪريٽر دنيا جو وڏو خاموش ٻرندڙ جبل آھي

آبهوا

ساحلي علائقن ۾ ٽراپيڪل ۽ مٿاھين ميداني علائقن ۾ ٽيمپريٽ ھوندي آھي.

معدنيات ۽ قدرتي وسيلا

ھتي جي وسيلن ۾ ھائڊرو پاور، ٽين، فاسفيٽ، ڪچو لوھ، ڪوئلو، ھيرا، جواھر، سون، قدرتي گئس ۽ نڪل شامل آهن.

زراعت

تنزانيا: تاريخ, جاگرافي, آبهوا 
ٽڪويو ۾ چانھ جي پوک

ھن ملڪ جي زرعي زمين 43.7 سيڪڙو آھي جنھن مان پوکي لائق ان جو 14.3 سيڪڙو آهي، مستقل پوک 2.3 سيڪڙو، مستقل چراگاھون 27.1 سيڪڙو ۽ ٻيلا 37.3 سيڪڙو تي واقع آھن.

تنزانيائي ماڻهو

تنزانيا: تاريخ, جاگرافي, آبهوا 
دارالسلام ۾ ڪارياڪو مارڪيٽ ۾ تنزانيائي ماڻهو

ھن ملڪ جي آبادي 53,950,935 آھي ۽ آبادي ۾ ھي دنيا جو 26 وڏو ملڪ آهي. ھتان جي ماڻھن کي تنزانيئن چوندا آهن ۽ سنڌي ۾ کين تنزانيائي چئبو آهي. ملڪ جي آبادي جو 99 سيڪڙو آفريڪي آھن جن مان 95 سيڪڙو بانٽو نسل جي 130 کان وڌيڪَ قبيلن سان تعلق رکندڙ آھن. ھڪ سيڪڙو آبادي ۾ ايشيائي، عرب ۽ يورپي شامل آهن. ھتان جي ٻولي ڪسواحلي يا سواحلي آھي جيڪا ھتان جي سرڪاري ٻولي آھي ۽ بانٽو نسل وارن جي مادري ٻولي آهي. انگريزي بہ ھتان جي سرڪاري ٻولي آھي. زينزيبار ۾ سڀ کان وڌيڪَ عربي ڳالھائي ويندي آھي. ھتان جا 61.4 سيڪڙو ماڻهو عيسائي، 35.2 سيڪڙو مسلمان، 1.8 سيڪڙو لوڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آھن.

نالو

ملڪ ريپبلڪ آف تنزانيه يا جمھوريہ تنزانيا آھي. ملڪ جو نالو ٻن لفظن جي پھرين اکرن کي ملائي ٺاھيو ويو. اھي لفظ آھن : ٽانگانيڪا ۽ زانزبار جيڪي ٻہ رياستون ھيون جن جي 1964 ۾ انضمام سان اھو نالو ان تي رکيو ويو.

تنزانيا: تاريخ, جاگرافي, آبهوا 
بينڪ آف تنزانيا جا جاڙا ٽاور

سياسي نظام

صدر جان ميگوفولي
وزيراعظم قاسم مجالوا

ھتان جو سياسي نظام صدارتي ۽ جمھوري آھي. حڪومت جي گادي ڊوڊوما شھر ۾ آھي جتي پارليامينٽ واقع آهي پر ملڪ جو انتظامي گاديءَ جو هنڌ دارالسلام آھي.ملڪ جي انتظامي ورھاست ريجن جي نالي ٿيل آهي . ملڪ ۾ ڪل 31 ريجن آھن جن جا نالا آھن؛ اروشا، دارالسلام، ڊوڊوما، گيئٽا، ارنگا، ڪاغيرا، ڪاسڪازيني پيمبا، ڪاسڪازيني انگوجا (اتر زنجبار)، ڪاٽاوي، ڪيگوما، ڪليمنجارو، ڪوسيني پيمبا ، ڪوسيني انگوجا (ڏکڻ يا وچ زنجبار)، لنڊي، مانيارا، مارا، مبييا، مجني مغربي (مغربي زنجبار)، موروگورو، مٽوارا، موانزا، نجومبي، پواني (ساحل)، رڪوا، رووما، شنيانگا، سمي يو، سنگيدا، سانگوي، ٽيبورا ۽ ٽانگا.

تنزانيا: تاريخ, جاگرافي, آبهوا 
تنزانيه جا ريجن

ھتان جو قانوني نظام انگريزي ڪامن لا وارو آھي. بين الاقوامي قانون ۾ ھي ملڪ بين الاقوامي عدالت جي اختيار کي تسليم ڪندڙ آھي.ھتي ووٽ جو حق 18 سالن جي عمر ۾ حاصل ٿيندو آهي.

حوالا

Tags:

تنزانيا تاريختنزانيا جاگرافيتنزانيا آبهواتنزانيا معدنيات ۽ قدرتي وسيلاتنزانيا زراعتتنزانيا ئي ماڻهوتنزانيا نالوتنزانيا سياسي نظامتنزانيا حوالاتنزانياانگريزيوڪيپيڊيا:IPA for English

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

وڪي قول1305عگليليئو گليليئيآبدوزمحمد حسين پنهورگرين هائوسمحمدنائو ملانسانآسٽريلياشمن علي ميراليروزانه ڪاوشپاڪستان2005عفلنگ اسٽيشنبرسات (اخبار)نڪاراگواپوٺو ابراهيميمنمحمد بن قاسمهالابيتٽينوائرسسنڌي ٻوليجاندارمقامي آبادي1093عگڏيل بادشاھت5 آڪٽوبرسنڌو ديشڌرتيشاعري825عپنجاب، پاڪستانشمس عباسيمولانا اشرف علي ٿانويشاهه جو رسالو1959عانساني حقڀنڀور کي باھ لڳي وئيذوالفقار علي ڀٽوآزاديخودمختيار رياستنڪوچولي لهجو4 جنوريجدگالي لهجواحمد ملاحآءِ پي ايڊريستوحيدعثمان بن عفانويب سائيٽپائيدار ترقيدادو، پاڪستانبليسڪ صوبو🡆 More