اُرڙي

ارڙِي، ننڍي ماتا، (Measles): هڪ قسم جي چمڙيءَ جي پکڙجندڙ بيماري، جيڪا ”ماتا“ وانگر ٿيندي آهي ۽ ٻارن جي بيماريءَ طور مشهور آهي پر ٻنهي ۾ فرق آهي.

اها بيماري هڪ خاص وائرس سان پکڙبي آهي. -ان- جا داڻا ٻاجهريءَ جي داڻن جيڏا ۽ ڳاڙها، خشڪ ۽ بنا روڳ جي ٿيندا آهن. هيءَ بيماري گهڻو ڪري چيٽ جي مهيني ۾ ٿيندي آهي. هن بيماريءَ ۾ تپ تيز ٿيندو آهي ۽ چيلهه ۾ سور، نڪ ۾ خارش، -اکيون- ڳاڙهيون ٿينديون آهن. اکين ۽ نڪ مان -پاڻي- وهندو آهي. اُرڙيءَ ۾ تپ گهڻو ٿيندو آهي ۽ اُرڙيءَ جا داڻا جلد نڪرندا آهن. اُرڙي، ماتا کان گهڻي نقصانڪار ٿيندي آهي. خاص ڪري داڻن جو رنگ ڪارو، نيرو يا واڱڻائي هجي ته بيقراري ۽ بيهوشي ٿيندي. هڪ ڀيرو اها بيماري ٿيڻ کان پوءِ جسم ۾ -ان- خلاف ايتري قوت مدافعت ٿيندي آهي جو وري تا عمر ڪا نه ٿيندي آهي. عام طرح چوندا آهن ته ”ماتا“ يا ”اُرڙيءَ“ ۾ ڪابه دوا ناهي ڪرڻي، پر اهو خيال غلط آهي. باقاعدي علاج جي ضرورت ٿيندي آهي. طبيبن ۽ ڊاڪٽرن وٽ ارڙيءَ توڙي ماتا جي بيماريءَ جو علاج موجود آهي. -ان- ڏس ۾ ڊاڪٽري علاج کانسواءِ حڪيم شمس الدين جي ڪتاب ”آسان علاج“ ۾ ڪافي مواد آهي.

اُرڙي
RougeoleDP
Video summary (script)

ٻيا نالا

اُرڙي، لُنڊي، پنجڙي پنجِڙِي (اُرڙي)، ننڍي مائي ننڍي مائي (اُرڙي)، ٿَڌِڙا

پڻ ڏسو

حوالا

Tags:

اُرڙي ٻيا نالااُرڙي پڻ ڏسواُرڙي حوالااُرڙياکتپنيرونڪوائرسپاڻيچيٽُڪارو

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

خلافت تحريڪايشيا ۾ اسلامعالمي معياري ڪتاب نمبراصحاب ڪھفانساني حقآباديحرف جملواسلامشمارياتعبدالستار ايڌيسنڌو درياھلاسي لهجو27 سيپٽمبرميقاتروزانه ڪاوشٽينمحمد صديق مسافرنسيم کرلتيونس شهر634عجدگالي لهجووچولي بينڪ428ع12 نومبرچوسڻا آوازظوڪي قولهنگول نيشنل پارڪآمور اوبلاسٽقرآنشاعريڙآبادي جي لحاظ کان پاڪستان جي شهرن جي فهرست26 فيبروريبرموداهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجسنڌي وڪيپيڊياٺٽو ضلعوانتظامياذوالفقار علي ڀٽواوپروقديم آثارملينجدلياتخلافت فاطميہبجليڪاليجگوگلٻوليھيلانگجيئينگ صوبو15 صفراسٽيرياشيلا راماڻي541عآئس لينڊوڪيميڊيا فائونڊيشنسنڌي شاعري1521عصديجينيفر اينسٽنپھرين مھاڀاري جنگحق ۽ واسطاهڏڪي🡆 More