ٽونگا

ٽونگا(انگريزي: Tonga) ; Puleʻanga Fakatuʻi ʻo Tongaسرڪاري نالو ٽونگا جي بادشاھت ھڪ اپٻيٽ ھڪ پولينيشيائي ملڪ يا وڏي سمنڊ اندر واقع ٻيٽن جي ميڙ وارو ملڪ آهي جنھن ۾ 169 ننڍڙا ۽ وڏا ٻيٽ آھن جيڪي ڏکڻ پيسفڪ وڏي سمنڊ جي ست لک چورس ڪلوميٽرن جي محور ۾ ڦھليل آھن ۽ جن جي زمين ي پکيڙ 750 چورس ڪلوميٽر آهي.

جن مان 36 ٻيٽن تي انسان آباد آهن. ھتانجي آبادي ھڪ لک کان ٿورڙو مٿي آھي جن مان 70 سيڪڙو ماڻهو مکيہ وڏي ٻيٽ ٽانگاٽاپو ۾ رھندڙ آھن.ٽونگا جي چوڌاري واقع ملڪن ۾ اتر اولھ ۾ فجي ۽ فرانس جو واليس ۽ فيوٽونا، اتر اوڀر ۾ ساموئا آوڀر ۾ نيوئي (Niue)، ڏکڻ اولھ ۾ نيوزيلينڊ جو ٻيٽ ڪيرميڊڪ ۽ اولھ پاسي تمام دور فرانس جو نيو ڪيليڊونيا ۽ وينوآتو واقع آھن.

ٽونگا جي بادشاھت

Puleʻanga Fakatuʻi ʻo Tonga (ٽونگن)
Flag of ٽونگا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"Ko e ʻOtua mo Tonga ko hoku tofiʻa"
"God and Tonga are my Inheritance"
ترانو: Ko e fasi ʻo e tuʻi ʻo e ʻOtu Tonga
The Song of the King of the Tongan Islands
Location of ٽونگا
جو مقامٽونگا
گادي جو هنڌ نوڪوئالوفا
21°08′S 175°12′W / 21.133°S 175.200°W / -21.133; -175.200
سڀ کان وڏو شهر نوڪوئالوفا
دفتري ٻوليون
نسلي گروھ (2016)
  • 96.6% ٽونگن
  • 1.7% يورپي
  • 1.0% يورپي نسلي گروھ
  • 1.0% اوڀر ايشيائي
مذهب فري ويسلين چرچ آف ٽونگا
مقامي آبادي ٽونگن
حڪومت وحداني پارلياماني
آئيني بادشاهت
• بادشاھ
ٽوپؤ VI
• وزيراعظم
آڪيليسي پاھوا
• اسپيڪر
لارڊ ٽوئواڪانو
مقننه ليجسليٽو اسيمبلي
آزادي
• برطانيا کان حاصل ڪيائين
4 جون 1970
پکيڙ
• جملي
748 km2 (289 sq mi) (175th)
• پاڻي (%)
4.0
آبادي
• 2016 مردم شماري
100,651
•  گھاٽائي
139 /km2 (360.0 /sq mi) (76tha)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2011 لڳ ڀڳ
• ڪل
$763 ملين ڊالر
• في سيڪڙو
$7,344
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2011 لڳ ڀڳ
• ڪل
$439 ملين ڊالر

تاريخ

ٽونگا 
ٽوپؤ VI جي 4 جولاءِ 2015 تي ٿيل تاجپوشي

ٽونگا کي مغربي ماڻھو دوستاڻا ٻيٽ چوندا ھئا ڇوتہ جڏهن ڪيپٽن جيمز ڪڪ 1773 ۾ پھريون دفعو ھتي آيو ھو تہ ھتي اناسي (انگريزي: inasi)وارو جشن ٿي رھيو ھو جنھن ۾ کيس شرڪت جي دعوت ڏني وئي ۽ سندس استقبال پڻ ڪيو ويو. ليکڪ وليم ميرينر مطابق ڪيپٽن ڪڪ کي سردار قتل ڪرڻ چاھيو پئي پر منصوبي تي عمل نہ ڪيائين 19000 کان 1970 تائين ٽونگا برطانيا جي پروٽيڪٽوريٽ رھيو جنھن جا خارجي معاملا برطانيا دوستاڻي معاھدي تحت سنڀاليندو رهيو تنھن ھوندي بہ ھن ملڪ پنھنجي سالميت ڪڏهن بہ ترڪ نہ ڪئي.2010 ۾ ٽونگا مطلق بادشاھت جي ڀيٽ ۾ آئيني بادشاهت ڏي قدم وڌايو.

نالو

ڪيترين ئي پولينيشيائي ٻولين ۾ جن۾۾ ٽونگا ٻولي بہ شامل آھي ، ٽونگا لفظ فاڪاٽونگا مان نڪتل سمجھيو وڃي ٿو جنهن جي معني آهي: دور ڏکڻ جي پاسي . اھو نالو پئجي جو سبب انھن ٻيٽن جو وچ پولينيشيا جي پري ڏکڻ پاسي ھجڻ آهي.

جاگرافي

ٽونگا 
ٽونگا جو نقشو

ٽونگا جي جاگرافيائي بيهڪ 20 00 S, 175 00 W اوشيانا کنڊ ۾ آهي. ملڪ جي پکيڙ 747 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 717 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 30 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ ۾ دنيا ۾ 190 نمبر تي آهي. خشڪي واري سرحد ڪانہ اٿس. بحري سرحد ڪل 419 ڪلوميٽر اٿس. بحري علائقي ۾ سندس دعویٰ سرحد کان 12 ناٽيڪل ميل تائين اٿس ۽ مخصوص معاشي زون 200 ناٽيڪل ميل اٿس. ھن ملڪ جا تقريبن سڀ ٻيٽ سنوان ۽ لائيم اسٽون واري مٿاڇري سان آھن. ملڪ جو سڀ کان بلند مقام ڪائو ٻيٽ تي ڪائو ٻرندڙ جبل آھي جنھن جي اوچائي 1046 ميٽر آھي. ھتان جي قدرتي وسيلن ۾ مڇي ۽ پوکي واري زمين آھي.

ٽونگا 
واوائو ڊويژن جو نوڪو ٻيٽ
ٽونگا 
ٽونگا جي ٿوھي واري وھيل

آبھوا

ھتان جي آبهوا ٽراپيڪل آھي جيڪا ڊسمبر کان مئي تائين گرم ھوندي آھي ۽ جون کان نومبر تائين ٿڌي ھوندي آھي.

زرعي زمين

ھتان جي زرعي زمين 43.1 سيڪڙو آھي جنھن مان پوکي واري زمين 22.2 سيڪڙو جنھن مان 15.3 سيڪڙو تي مستقل پوک ٿيندي آهي. زرعي زمين جو 5.6 سيڪڙو مستقل چراگاھون۽ 12.5 سيڪڙو ٻيلا آھن. ملڪ ۾ 2018 تائين آبپاشي واري زمين ڪانہ ھئي.

ٽونگا جا ماڻهو

ٽونگا 
ٽونگا جا ماڻهو

2017 ۾ ٽونگا جي آبادي 106,479 ھئي ۽ دنيا ۾ آبادي ۾ ھن ملڪ جو نمبر 193 ھيو. ملڪ جي آبادي جو 97 سيڪڙو ماڻهو ٽونگن نسل جا آھن. 76.8 سيڪڙو ماڻهو ٽونگن ۽ انگريزي ٻوليون ڳالھائيندڙ آھن جيڪي آتان جون سرڪاري ٻوليون پڻ آھن. ملڪ جي 64.1 سيڪڙو ماڻهن جو مذھب پروٽيسٽنٽ آھي 14.2 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ، 18.6 سيڪڙو مورمون مذھب سان تعلق رکندڙ آھن.

سياسي نظام

ٽونگا 
ٽونگا جو شاھي محل

ملڪ م سياسي نظام آئيني بادشاهت وارو آھي. ملڪ ٻيٽن جي پنج ڊويزن ۾ تقسيم ٿيل آهي جن جا نالا آهن:ايوا، ھا ئپائي، اونگو نيئوا، ٽونگا ٽاپو ۽ واوائو. ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو فيل اليئا جنھن جون 30 تائين سيٽون آھن جن مان 18 ميمبر سڌي چونڊ ذريعي ايندا آهن. 9 جي چونڊ وراثت وارا سردار ڪندا آهن ۽ 2 بغير چونڊ جي ميمبر ٿيندا آهن. ھن وقت ميمبر 28 آھن.

حوالا

Tags:

ٽونگا تاريخٽونگا نالوٽونگا جاگرافيٽونگا آبھواٽونگا زرعي زمينٽونگا جا ماڻهوٽونگا سياسي نظامٽونگا حوالاٽونگاانگريزيفجيمدد:IPAنيوزيلينڊ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

لائوسوڪي سورسزڪواتادبتصوفقدرتي رٻڙعلي نواز چنہانسانيت جي خدمتسنڌ جا شھرآمريڪا جون گڏيل رياستونهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجدي نيو يارڪ ٽائمزاسڪينڊينيوياشاھ عبداللطيف ڀٽائيآفريڪاسھوايٿوپياناٽيڪل ميلڳوههولیم شیڪسپیئرعلم بديعنمازنبي بخش بلوچعرب اسرائيل جنگ 1948سمھنڪافي (شاعري)توڪلاڳڪٿيخضدارفھرست سنڌ جون ذاتيونعدليهپلاٽ (ڪھاڻي)سنڌي ادبڪارو ڪاريڪشمير تڪرارخاصخيلياستعارو2021ععبراني ٻوليبچو بادشاھحرف جملوٿوريوعمر مارويگنيInternational Standard Book Numberشاعرڪوڙھثلاءبرادرياسپيڪٽرمبلگورود اوبلاستخير النساء جعفريترچ مير8 آگسٽآنڌرا پرديشکيرائين واٽ ڪهڪشانسنڌي وڪيپيڊياعمران خانوائسراءسامسنگاحساس برترياسپيني ٻولييوڪرينسسئي پنهون جو داستان🡆 More