سومر هفتي جو پهريون ڏينهن آهي.
سومر = هن ڏينهن جو نالو هندي لفظ سوم مان ورتو ويو آهي, سوم جيڪو چندر ديو جو ٻيو نالو آهي. سندس نالي پٺيان هن ڏينهن جو نالو پيو.
هندي ۾ پڻ ساڳي نسبت سومر کي سوموار چوندا آهن.
سنڌين ماڻهو سومر ۽ سومار نالو پڻ رکندا آهن.
’سومر‘ تان سومر خان، محمد سومر، سومار خان.
سومر< سومار< سوموار< سن. سومَ = چنڊ
ڳاٽا آريه لوڪ سوم نالي هڪ ٻوٽي جي رس پيئندا هئا، جا چنڊ جهڙي اڇي ۽ روشن هوندي هئي. اها نهايت گڻاڪاري هئي، تنهنڪري انهيءَ ٻوٽيءَ جي اُڀرائيندڙ ديوتا کي به ”سوم“ سڏيندا هئا. رگ ويد، جو سڄو نائون منڊل سوم جي ساراھ سان ڀريل آهي. جيئن سج جو روپ اگني آهي، تيئن سوم جو روپ چندرما (چنڊ) آهي، ۽ اهو به ”سوم“ سڏجي ٿو. ”سومر – سومار“ معنيٰ ”سوم يا چندرما (چنڊ) جو ڏينهن“ (Monday: Moon-day) ويدن جي براهمڻن ۾ سوم (چنڊ) کي امرت جو نياڻ سڏيو اٿن. چنڊ جي سهائي پکَ ۾ ديوتائون اهو امرت پيئن ٿا ته چنڊ جي ڪلا ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي ٿي، ۽ اونداهي پک ۾ پتر اهو امرت پيئن ٿا ته چنڊ جي ڪلا وڃي گهٽبي. هي ڳالهيون پراڻن ۾ به لکيل آهن.
Moon + وار = ڏينهن day. اهو ٿيو Moonday، تنهن مان ٿيو Monday. جرمنيڪ جو ديوتا Máni / Mona نالي سان منسوب آهي.
هفتي جا ڏينهن |
---|
آچر| سومر | اڱارو | اربع | خميس |جمعو | ڇنڇر |
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article سومر, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.