سوئيزرلينڊ: وچ يورپ ۾ وفاقي جمهوريت

سويٽذرلينڊ (جرمن ٻولي: دي شوايدز، فرانسيسي ۾ لا سويسي ۽ ايثاليائي ۾ لا سويزي را ) سڏيو ويندو آهي.

سوئس ڪنفيڊريشن

Flag of سوئٽزرلينڊ
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '(traditional)
"Unus pro omnibus, omnes pro uno" (ٻولي؟)
"ھڪ سڀن لاء، سڀ ھڪ لاءِ"
ترانو: "Swiss Psalm"
سويٽذرلينڊ جي نقشي ۾ مقام
سويٽذرلينڊ جي نقشي ۾ مقام
گادي جو هنڌ ڪوبہ نہ (قانون تحت)
برن (درحقيقت)
46°57′N 7°27′E / 46.950°N 7.450°E / 46.950; 7.450
سڀ کان وڏو شهر زيورخ
دفتري ٻوليون جرمن ٻولي
فرانسيسي ٻولي
اطالوي ٻولي
رومانش ٻولي
مقامي آبادي انگريزي ٻولي: سوئس ماڻھو سوئس,
جرمن: شوزر يا شوزرن ,
فرينچ: سوئسس,
سانچو:Lang-it
حڪومت فيڊرل يا وفاقي نيم سڌي جمهوريت جي هيٺ ملٽي-پارٽي پارلیمانی نظام ڊائريڪٽوريل انتظامي نظام ريپبلڪ
• فيڊرل ڪائونسل
  • سائمنٽا سوماروگا (صدر)
  • Ueli Maurer (سوئس جو نائب صدر ڪنفيڊريشن|وائس پريزيڊنٽ)
  • ڊورس ليٿارڊ
  • سائمنٽا سوماروگا
  • جوهان سچندر-آمان
  • گائي پارملين
  • اگنازيو ڪئسيس
• وفاقي چانسلر
والٽر ٿورنهير
مقننه وفاقي اسيمبلي
رياستن جي ڪائونسل
نيشنل ڪائونسل
اِتهاسُ
• اولڊ سوئس ڪنفيڊريسي جو واڌارو (فائونڊيشن تاريخ)
1 آگسٽ 1291
• ويسٽ فالن امن معاهدو
24 آڪٽوبر 1648
• بحالي
7 آگسٽ 1815
• وفاقي رياست
12 سيپٽمبر 1848
پکيڙ
• جملي
41٬285 km2 (15٬940 sq mi) (132nd)
• پاڻي (%)
4.2
آبادي
• 2016 اندازو
سوئيزرلينڊ: معيشت, ٻوليون, ڊيووس 8,401,120 (99th)
• 2015 مردم شماري
8,327,126
•  گھاٽائي
202 /km2 (523.2 /sq mi) (63rd)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$517 سؤ ملين (بلين) (39th)
• في سيڪڙو
$61,360 (9th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$681 سؤ ملين (بلين) (19th)

سويٽذرلينڊ هڪ يورپي ملڪ آهي جيڪو جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان هڪ پاسي الپس جبل جي خوبصورت وادين ۽ ٻئي طرف ايورہ جي هيٺانهين مٿانهين جبلن ۾ واقع هڪ ملڪ آهي. هي ملڪ 21 هزار 265 چورس ڪلو ميٽر يا 15 هزار 940 چورس ميل جي ايراضي تي پکڙيل آهي. گهڻو علائقو الپس (ALPS) جي وڻدڙ منظر جبلن ۾ گهيريل آهي. ملڪ جي مجموعي آبادي 2015 ۾ هڪ اندازي مطابق تقريباً 8 ملين آهي. آباديءَ جو گهڻو حصو مٿاهون پٽ تي قائم وڏي شهرن ۾ رهندو آهي. بين الاقوامي شهرت ماڻيل ٻن شهرن يعني زيورخ ۽ جنيوا کي ملڪ جو اقتصادي مرڪز جي حيثيت حاصل آهي. ملڪ جو قومي ڏينهن هر سال پهرئين آگسٽ تي ملهايو ويندو اهي، جيڪو روايتي طور تي رياست جي قائم ٿيڻ جو ڏينهن سمجهيو ويندو آهي يعني سوئس ڪنفيڊريشن جو قيام پهرئين آگسٽ 1291 تي عمل ۾ آيو، تنهنڪري پهرئين آگسٽ ملڪ جو قومي ڏينهن بڻيو آهي. سوئٽزرلينڊ في ماڻهو آمدني Per capita income جي لحاظ کان دنيا جي خوشحال ملڪن ۾ ڳڻيو ويندو آهي.

معيشت

مجموعي ملڪي پيداوار جي لحاظ کان سوئٽزرلينڊ دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ ڳڻيو ويندو آهي زيورخ ۽ جنيوا جهڙا بين الاقوامي شهرت رکندڙ شهرن کي ملڪي معيشت ۾ گهڻو اهم مقام حاصل آهي. سوئٽزرلينڊ 20هين صدي عيسوي جو سڀ کان وڏو برآمد ڪندڙ (ايڪسپورٽر) ۽ 18هين صدي عيسوي جو سڀ کان وڏو درآمد ڪندڙ ملڪ رهيو آهي.

ٻوليون

سوئٽزرلينڊ ۾ جرمن، فرانسيسي ۽ اطالوي ٻوليون رائج آهن تنهن هوندي رومانين ڳالهائيندڙ پڻ گهٽ ناهين. اِنهن مختلف لساني ۽ ثقافتي ايڪائين جي هوندي سوئس قوم جي اتحاد جو وڏو ڪارَڻُ هڪ گڏيل شاندار تاريخي پس منظر آهي.

ڊيووس

سوئزرلينڊ جي اوڀرندي سرحد جي ويجهو آلپس جي جبلن ۾ Davos نالي هڪ ننڍڙو شهر آهي، جنهن جي آبادي 2017 تائين يارنهن هزار ماڻهو (فرد) کان گهٽ هئي. هي شهر سامونڊري سطح کان لڳڀڳ پنج هزار فٽ جي مٿانهينءَ (بلندي) تي واقع آهي ۽ هڪ مشہور ski resort آهي.
هر سال ورلڊ اڪنامڪ فورم World Economic Forum جي سالياڻي محفل هِن ننڍڙي پِتڪڙي شهر ۾ ٿيندي آهي، جنهن ۾ سموري دينا جا امير ترين ماڻهو شرڪت ڪندا آهن. ان مجلس ۾ اڳئين سال جي لاءِ دنيا جي قسمت جا فيصلا ڪيا ويندا آهن. جنوري 2019 ۾ ٿيندڙ اهڙي هڪ محفل ۾ دسموري نيا منجهان 1500 کان وڌيڪ مهمان پنهنجي ذاتي جيٽ جهاز ۾ چڙهي آيا هيا.

مسجدن تي پابندي

تفصيل جي لاءِ ڏسو سويٽزر لينڊ ۾ مينارن تي پابندي

شهر برن ويجهو هڪ مسجد جنهن جي مينار جو 6 ميٽر بلند هيو، اڏاوت ڪرڻ جي اجازت اهو چئي نہ ڏني وئي تہ مينار سياسي اسلام جي علامت بڻجندو ۽ ان لاءِ سيڪولر معاشري ۾ ان جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هاڻي هڪ جماعت پاران تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي تہ مسجدن جي مينارن تي مستقل پابندي لڳائي وڃي.

وڌيڪ ڏسو

سوئيزرلينڊ: معيشت, ٻوليون, ڊيووس باب سويٽزرلينڊ

حوالا

سانچو:يورپي ملڪ سانچو:فرانڪوفوني

Tags:

سوئيزرلينڊ معيشتسوئيزرلينڊ ٻوليونسوئيزرلينڊ ڊيووسسوئيزرلينڊ مسجدن تي پابنديسوئيزرلينڊ وڌيڪ ڏسوسوئيزرلينڊ حوالاسوئيزرلينڊ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

عوامي کاتوڪمبوڊياآسام2006عايسپ جو آکاڻيونھائيڪوناولسسئي پنهون جو داستانبيڪانيرقاهرهگيانااسلام آبادپاڪستان فوجڀکوسوحبيب بورقيبہمُک صفحويوگنڊاسولومن آئلينڊزشاھ عبداللطيف ڀٽائيفلاح آخرتجڪارتاتيونسسربياگھاگھروآريا677عسينيگالمحمد حيات سنڌيارجنٽائنپڪو قلعو1746عاسڪاٽلينڊايشيقتيلگو ٻوليپروفيسرڍاڪاانقرهحسابي سراسريوياناویب برائوزرگروزنيمراٺي ٻوليمگسي (ذات)فنلينڊوانوآتوايڪو سسٽمپھرين مھاڀاري جنگنيونسنڌ ڪرڪيٽ ٽيم1982ع75عتائيواناباڻا (فلم)انگريزيقديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهوايل سيلويڊورسنڌو ماٿريءَ جي تھذيبگڏيل عرب امارتونٿوھرپيرسبندر سري بيگاوان🡆 More