آذربائيجان: ايشيا ۽ يورپ ۾ واقع اسلامي ملڪ

آذربائيجان(انگريزي: Azerbaijan) جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف آذربائيجان آھي جيڪو يوريشيا جي ڪوھ قاف جبلن جي علائقي وارو ھڪ خودمختيار ملڪ آھي جيڪو اوڀر يورپ ۽ اولھ ايشيا جي سنگم تي واقع آهي ۽ ھڪ وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ آهي.

ان جي اوڀر ۾ ڪيسپئن سمنڊ، اتر ۾ داغستان جي روسي ريپلڪ، اتر اولھ ۾ جارجيا، اولھ ۾ آرمينيا ۽ ترڪي ۽ ڏکڻ ۾ ايران واقع آھن.

آذربائيجان جي ريپبلڪ

Azərbaycan Respublikası  (آذربائيجاني)
Three equally sized horizontal bands of blue, red, and green, with a white crescent and an eight-pointed star centered in the red band
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
ترانو: 
  • Azərbaycan marşı
  • "آذربائيجان جي پيشقدمي "
گولي ۾ آذربائيجان جو مقام تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل ھلڪي سائي رنگ ۾ ڏيکاريل نگورنو ڪاراباخ
گولي ۾ آذربائيجان جو مقام تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل
ھلڪي سائي رنگ ۾ ڏيکاريل نگورنو ڪاراباخ
گادي جو هنڌ باڪو
سڀ کان وڏو شهر باڪو
دفتري ٻوليون آذربائيجاني
نسلي اقليتن جون ٻوليون . آواري, بدخ جارجين, جھوري، کنالگ, ڪرٽز, ڪردش, ليزجيئن, روسي, رتل, ٽلش, ٽيٽ, ساخر ۽ ادي
مقامي آبادي آذربائيجاني
حڪومت وحداني غالب پارٽي وارو نيم صدارتي ريپبلڪ
• صدر
الھام عليوف
• نائب صدر
مھربان علييوا
• وزيراعظم
ارتر رسزادي
مقننه نيشنل اسيمبلي
آذربائيجان جي تاريخ
• آذربائيجان جي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ
28 مئي 1918
• آذربائيجان سويت سوشلسٽ ريپبلڪ
28 اپريل 1920
• سويت يونين کان آزادي ورتائين
30 آگسٽ 1991 (اعلان ٿيو)
18 آڪٽوبر 1991 (خودمختياري)
25 ڊسمبر 1991 ( تڪميل)
• الما آتا وارو پروٽوڪول ۽ سي.آء.ايس. ۾ رڪنيت
21 ڊسمبر 1991
• گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جو قرارداد نمبر 742 تحت کيس تسليم ڪيو ويو
2 مارچ 1992
• آئين لاڳو ٿيو
12 نومبر 1995
پکيڙ
• جملي
86٬600 km2 (33٬400 sq mi) (112th)
• پاڻي (%)
1.6
آبادي
• 2017 اندازو
9,867,250 (91st)
•  گھاٽائي
113 /km2 (292.7 /sq mi) (99th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$175 ارب ڊالر (72nd)
• في سيڪڙو
$17,857 (71st)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$41  ارب ڊالر

تفصيلي تعارف

آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
آذربائيجان ۽ ان جا شھر


ھن ملڪ 1918ع ۾ روسي ايمپائر کان آزادي ماڻي مسلم اڪثريت واري ھڪ پھرين سيڪيولر، ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ٿيو. 1920ع ۾ ھي ملڪ سوويت يونين ۾ آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ طور شامل ڪيو ويو. موجوده آذربائيجان واري ريپبلڪ سويت يونين جي ٽٽڻ سان 30 آگسٽ 1990ع ۾ سوويت يونين کان آزاد ٿي وجود ۾ آئي سيپٽمبر 1991 ۾ ان ملڪ جي آرمينيائي نسل جي ماڻھن جي اڪثريت واري علائقي نگورنو ڪاراباخ علحدہ ٿي ارتسخ ريپبلڪ طور علحده ٿي آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ ھڪ تڪراري علائقو بڻجي ويو. جنھن سان ٻنھي ملڪن وچ ۾ نگورنو ڪاراباخ جنگ جو آغاز ٿيو جيڪا 1994ع ۾ جنگ بندي ذريعي ختم ٿي.ببين الاقوامي برادري طرفان نگورنو ڪاراباخ جو علائقو آذربائيجان جو حصو قرار ڏنل آھي پر ٻنھي ملڪن کي ڳالھين ٻولھيون وسيلي تڪرار جي نبيري لاءِ زور ڏنو ويو آهي. آذربائيجان ھڪ وحداني، نيم صدارتي ريپبلڪ آهي. اھا دنيا جي ڇھن ترڪ رياستن (ترڪي ، آذربائيجان، قزاقستان، ڪرغزستان، ازبڪستان ۽ ترڪمانستان ) مان ھڪ آھي ۽ ترڪ ڪائونسل ۽ ترڪسوئي جو فعال رڪن آهي. ھن ملڪ جا دنيا جي 182 ملڪن سان سفارتي لاڳاپا ۽ دنيا جي 38 بين الاقوامي تنظيمن جي رڪنيت حاصل آھي آهن جن ۾ گڏيل قومن جو ادارو (جنھن جو 1992ع ۾ رڪن ٿيو) ۽ ڪائونسل آف يورپ، غيرجانبدار تحريڪ، او ايس سي اِي، نيٽو، پارٽنرشپ فار پيس پروگرام پڻ شامل آهن. ھي ملڪ گئام، خودمختيار رياستن جي دولت مشترڪه جو ۽ ڪيميائي ھٿيارن جي روڪ واري تنظيم جق باني رڪن آهي. ھن ملڪ کي ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ۾ مبصر جو درجو پڻ رکي ٿو . ملڪ جي 97 سيڪڙو آبادي مسلمان آهي ان ھوندي بہ ملڪ جي آئين ۾ اسلام کي سرڪاري مذھب جي حيثيت ناھي مليل ۽ ھي ھڪ سيڪيولر ملڪ آھي. دنيا ۾ ھي ترقي پذير ملڪ آھي جنھن جي انساني ترقي جو اشاريو درجي ۾ 87 نمبر تي شمار ٿئي ٿو ھن ملڪ جي معاشي ترقي ۽ تعليمي تناسب جي شرح مٿاھين آھي.

ملڪ جو نالو

موجوده دؤر جي اشتقاقي علم مطابق لفظ آذربائيجان آتروپات جي بادشاهي واري سرزمين مان نڪتل آهي جنھن کي يونانين آتروپاتين جو نالو ڏنو ھو. ھڪ خيال مطابق اھو نالو فارسي جي ٻن لفظن آذر جنھن جي معنيَ باھ آھي ۽ پائيگان جنھن جي معنيَ محافظ آھي. اھڙي طرح آذربائيجان جي معنيَ آھي باھ جو محافظ جيڪو اشميني ايمپائر جي دور ۾ پارسي ساتراپ (گورنر جي برابر عھدي جو نالو) ھيو جنھن جي ان ساتراپ واري عھدي کي کي سڪندراعظم پڻ ميديائي علائقي ۾ برقرار رکيو ھو. آذربائيجان نالي جون اشتقاقي جڙون پراڻي دؤر ۾ ان علائقي جي غالب زرتشتي مذھب منجھ کتل آھن لفظ آتروپان خود ھڪ قديم ايراني لفظ جو ھڪ يوناني اچار آھي جنھن جو ذڪر يوناني مؤرخن ڊائيوڊورس سڪولوس ۽ استرابو ڪيو. ھڪ ھزار سالن جي عرصي دوران آتروپان لفظ وچولي فارسي ۾ تبديل ٿي آتروپتڪان ۽ پوء فارسي ۾ تبديل ٿي آزربذگان ۽ پوء آذربائيگان ۽ بعد ۾ نئين فارسي ۾ آذربائيجان ٿي ويو. موجوده ملڪ لاء ان نالي جو پھريون ڀيرو استعمال 1918ع روسي انقلاب سان روسي ايمپائر جي خاتمي بعد آذربائيجان جي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي قيام وقت مساوات پارٽي جي حڪومت ڪيو

تاريخ

آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
باڪو ۾ قوبوستان نيشنل پارڪ ۾ رکيل سنگ نگاري ڏھ هزار سال قبل مسيح تائين پراڻي ھجڻ ڪري يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل

ھن ملڪ واري علائقي ۾ سڀ کان قديم ترين آبادي جا آثار پٿر جي دؤر تائين پراڻا آھن. اھي آثار آزوخ غار ۾ گروچي ثقافت سان تعلق رکندڙ آھن ان کان سواءِ قديم آبادين ۾ نائين صدي قبل مسيح واري سيٿيائي تھذيب شامل ھئي جنھن بعد ھن خطي تي ايران کان ايندڙ ميديائي ماڻھن جو غلبو ٿيو جن جو تھذيبي مرڪز اراس ندي جو ڏاکڻو پاسو ھيو. ميديائي 900 ق م کان 700 ق م تائين ايمپائر قائم ڪري ڇڏي جنھن کي 550 ق م ۾ اشميني ايمپائر فتح ڪري پنھنجو حصو بڻائي ڇڏيو اشميني ايمپائر ۾ ھتي زرتشتي مذھب ڦھلجي ويو

آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
باڪو ۾ واقع عالمي ورثو قرار ڏنل يارھين صدي جو ميديائي مينار
باڪو جي پراڻي شھر واري حصي ۾ ٻارھين عيسوي صدي ۾ تعمير ٿيل شروانشاھي محل يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنل آھن

موجوده آذربائيجان جي اولھندي پاسي ڪوھ قاف وارو حصو ماضي ۾ ڪوھ قاف وارو البانيا سڏبو ھو. ساساني ايمپائر ڪوھ قاف واري البانيا کي 252ع ۾ خراج ڏيندڙ رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جڏھن ته ان البانيا جي بادشاهه ارنير چوٿين صدي عيسويءَ ۾ عيسائيت اختيار ڪري ان کي سرڪاري مذھب بڻائي ڇڏيو ساساني ايمپائر جي قائم رھڻ تائين آذربائيجان جي ان اولھندي حصي ۾ البانيا واري رياست پنھنجي علحده بادشاهت سميت ساساني ايمپائر جي ماتحتي ۾ قائم رھي. البانيائي بادشاهه جو اختيار نالي ماتر ھوندو ھو ۽ اصل اختيار ساساني ايمپائر طرفان مقرر ڪيل مرزبان (فوجي گورنر) وٽ ھيا. ستين صدي عيسويءَ جي پھرين اڌ ۾ خلافت راشده ساساني ايمپائر جو خاتمو آندو تي البانيا خلافت جي جزوي ماتحتي ۾ رھي. اموي خلافت 667ع ۾ ڪوھ قاف واري البانيا جي بادشاهه جاونشر جي مزاحمت کي ڪچلي البانيا کي پنهنجي خراج ڏيندڙ رياست بڻايو. عباسي خلافت جي زوال سان علائقي ۾ کوڙ مقامي شاھي خاندانن جي حڪومتن کي جنم ڏنو جن ۾ سالاري خاندان، ساجي خاندان ۽ شدادي خاندان جون بادشاھتون شامل آهن. يارھين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ آذربائيجان واري علائقن تي وچ ايشيا جا ارغوز ترڪ قابض ٿيندا ويا جن پنھنجي نسلي سڃاڻپ ترڪمان جي نالي سان ڪرائي انھن گھراڻن اڳتي ھلي سلجوق ايمپائر قائم ڪئي. اھي ترڪ موجوده آذربائيجان جي علائقن ۾ 1067ع ۾ داخل ٿيا ھئا. انھن جي آمد کان پھريان ھتي جا رھاڪو آرمينيائي ٻولي، ايراني ٻولين ۽ پراڻي آذري ٻولي سميت کوڙ انڊو يورپي ٻوليون ڳالهائيندڙ ھيا جن جي جاء ترڪ ٻولين ورتي.پراڻي آذري ٻولي ترڪ ٻولين سان ملي موجوده آذربائيجاني ٻولي بڻجي وئي ٻولين جي علم جي ڪجهه ماھرن جو خيال آهي تہ ايران واري آذربائيجان صوبي ۾ ڳالھائي ويندڙ تاتي ٻولي پڻ ان پراڻي آذري ٻولي مان ٺھي. شروانشاھي نالي مقامي گھراڻي جي بادشاهت تيموري ايمپائر جي خراج ڏيندڙ رياست ھئي ۽ اردوئي زرين جي توقتمش سان جنگ ۾ تيمور لنگ جي مدد ڪئي. تيمور لنگ جي وفات بعد ٻه خودمختيار ۽ ھڪٻئي جون مخالف رياستون: قرا قويونلو ۽ اق قويونلو وجود ۾ آيون. شروانشاھي گھراڻي خراج جي ادائيگي باوجود پنھنجي علائقي ۾ 861ع کان ڪيترين ئي صدين تائين وڌ کان وڌ خودمختياري قائم رکي ۽ 1501ع ۾ ايران جي صفوي گھراڻي جي حاڪمن شروانشاھي رياست تي قبضو ڪيو ۽ اڳتي ھلي صفوي گھراڻي شيعا مذھب اختيار ڪيو تہ ملڪ جي سموري سني آبادي کي شيعا آبادي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو صفوين شروانشاھي گھراڻي کي صفوي بادشاهت جي ماتحتي ۾ 1538ع تائين اقتدار ۾ برقرار رکيو. ان سال صفوي بادشاهه تھماسپ پھرين (دور حڪمراني: 1524–1576) مڪمل طور تي ھٽائي شروان کي صفوي ايمپائر جو صوبو بڻائي ڇڏيو. ان بعد سني عثماني خلافت 1578 کان 1590 تائين صفوي ايمپائر سان جنگون ڪري موجوده آذربائيجان جي حصن تي قبضا ڪيا. سترھين صدي جي شروعات ۾ عباس پھرين (دور حڪمراني: 1588–1629) انھن کي آذربائيجان مان ٻاھر ڪڍيو. باڪو ۽ ان جي پسگردائيءَ تي روس 1722 ۽ 1723 واري فارس جي صفوي ايمپائر سان جنگين جي نتيجي ۾ مختصر مدي تائين قبضو ڪيو.


آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
ارڙھين ۽ اوڻويھين صدي ۾ آذربائيجان ۽ ان جي چوڌاري خانيٽون ۽ سلطنتون

صفوين بعد ايران يا فارس تي افشري گھراڻي جي حڪمراني جو آغاز ٿيو. ان خاندان جي نادر شاھ (دور حڪمراني: 1736–1747) جي وفات بعد کوڙ ننڍيون خانيٽون وجود ۾ آئيون جن جا حاڪم ايرن جي حڪمران گھراڻي سان تعلق رکندڙ ھئا ۽ ايران جي شھنشاھ کي خراج ڏيندڙ ھيا وچ ايشيا ۽ اولھ جي واپاري شاھراھن جو تسلط ۽ انھن جي معاملن جي سنڀال پڻ انھن ننڍين خانيٽن جي ذميداري بڻجي وئي ان بعد آذربائيجان جو علائقو لاڳيتو ھڪٻئي پٺيان ايراني زنديه ۽ قجر گھراڻن جي حڪمراني ۾ رھيو ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ روسي ايمپائر خلافت عثمانيه ۽ ايراني ايمپائر کان جارحاڻي طاقت ۾ سبقت وٺي ويو 1804 ۾ روسي ايمپائر ڪوھ قاف واري حصي ۾ گنجه شھر تي حملو ڪيو جنھن سان گنجا واري جنگ ڇڙي. روس ۽ فارس وچ ۾ 1814ع کان 1813ع تائين جنگون جاري رھيون روسي ايمپائر کي فوجي برتري ھجڻ ڪري روس جنگ کٽي

آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
گنجه واري جنگ، 1804 دوران گنجه واري قلعي جو محاصرو

گلستان واري معاهدي ذريعي قجر گھراڻي واري ايران جارجيا ۽ داغستان سميت کوڙ خانيٽن تي روسي ايمپائر جو حق تسليم ڪيو آراس ندي جي اتر ۾ موجوده آذربائيجان وارا علائقا اڃان ايران جي تسلط ۾ ھئا جن تي اوڻويھين صدي ۾ روسي ايمپائر قابض ٿي ڏھاڪو سال بعد 1826ع ۾ گلستان واري معاهدي جي ڀڃڪڙي جي ڪري روس ايران جي موجوده آرمينيا ۽ اولھ آذربائيجان واري علائقن تي مشتمل ايروان خانيٽ تي حملو ڪري قبضو ڪيو 1828 تائين ھلندڙ جنگ جو نتيجو آخرڪار ترڪمنچائي واري معاھدي جي صورت ۾ نڪتو جنھن ذريعي ايراني قجر ايمپائر ايروان خانيٽ سان گڏوگڏ نخجوان خانيٽ ۽ موجوده آذربائيجان واري ھڪ وڏي علائقي تي مشتمل لنڪران خانيٽ يا تالش خانيٽ روسي ايمپائر جي حق ۾ تان مجبورن دستبردار ٿي وئي آذربائيجان جا باقي حصا ايراني تسلط ۾ رھيا. ڪوھ قاف وارو پورو علائقو روسي ايمپائر جو حصو ٿي ويو ۽ آراس ندي ٻنھي ملڪن وچ ۾ سرحد بڻجي وئي جيڪا سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد آذربائيجان جي ريپبلڪ ۽ ايران وچ ۾ سرحد طور برقرار آھي. آذربائيجاني نسل جا ماڻھو اھڙي طرح آذربائيجان جي ريپبلڪ ۽ ايران ۾ ورھائجي ويا

پھرين خودمختيار ريپبلڪ

پھرين جنگ عظيم ۾ روسي ايمپائر جي خاتمي سان موجوده آذربائيجان، جارجيا ۽ آرمينيا جو وفاق ٽرانسڪاڪيشن ڊيموڪريٽڪ فيڊريٽو ريپبلڪ جي نالي سان وجود ۾ آيو جيڪو ٿورو وقت قائم رھي سگھيو مئي 1918ع ۾ اھا وفاقي ريپبلڪ ٽٽي وئي ۽ آذربائيجان جي مساوات پارٽي آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي نالي سان خودمختيار رياست جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو اھڙي طرح پھريون ڀيرو آذربائيجان نالي جو استعمال ڪيو ويو. ان کان اول اھو نالو ايران جي اتر اولھ واري علائقي لاء استعمال ٿيندو ھو. مسلم دنيا ۾ اھا جديد پارلياماني ريپبلڪ ھئي ھن مسلم دنيا جي اھا پھرين ريپبلڪ ھئي جنھن سڀ کان اول عورتن کي عام چونڊڻ ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق ڏئي مردن جي برابر سياسي حق ڏنا باڪو ۾ باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جو قيام ٿيو جيڪا اوڀر واري مسلم دنيا ۾ پھرين جديد يونيورسٽي ھئي


آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
1919ع ۾ پيرس امن ڪانفرنس ۾ آذربائيجان جي وفد طرفان پيش ڪيل نقشو

سوويت يونين ۾

مارچ 1920ع ۾ سوويت روس جو باڪو تي حملو اڳواٽ ئي متوقع ھيو ڇوته ولاديمير لينن چئي چڪو ھو ته سوويت روس باڪو جي تيل کانسواءِ قائم رھي نه ٿو سگھيآذربائيجان جي آزادي کان 23 مھينا بعد بالشيوڪ 11ھين سوويت سرخ فوج آذربائيجان تي حملو ڪري گھري آئي ۽ اھڙي طرح 28 اپريل 1920ع تي آذربائيجانن سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ قائم ٿي. آزاد رياست جي فوج مزاحمت ڪئي ھئي جنھن ۾ 20000 ھزار آذربائيجاني فوجي مارجي ويا هئا 13 آڪٽوبر 1921ع تي روسي، آرمينيا، آذربائيجان ۽ جارجيا جي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪن ترڪي سان قارص وارو معاھدو ڪيو. جنھن مطابق اڳوڻي ارس ريپبلڪ آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ اندر نخچيون خودمختيار سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ ٻئي پاسي زينگزور آرمينيا جي حوالي ٿيو ۽ ترڪي گيومري شھر (اڳوڻو اليگزينڊروپول) آرمينيا کي واپس ڪرڻ لاء راضي ٿيو. ٻين جنگ عظيم دوران سوويت يونين جي توانائي واري اسٽريٽجڪ پاليسي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سوويت يونين جي اوڀر واري جنگي محاذ تي 80 سيڪڙو تيل جي رسد باڪو مان ڪئي وئي هئي 1941 کان 1945ع تائين آذربائيجان جو ھر پنجون ماڻھو جنگ ۾ جرمن فوج سان وڙھيو ھو. ان وقت آذربائيجان جي ڪل آبادي 34 لک ھئي جنھن مان لڳ ڀڳ 681000 ماڻھو جنگي محاذ تي وڙھيا جن مان ھڪ لک کان مٿي عورتون ھيون لڳ ڀڳ 250000 آذربائيجاني جنگي محاذ تي مارجي ويا. 130 آذربائيجاني ويڙھاڪن کي سوويت يونين جو ھيرو قرار ڏنو ويو. آذربائيجاني ميجر جنرل آزي اسلانوف کي ٻہ ڀيرا سوويت يونين جو ھيرو قرار ڏنو ويو

سوويت يونين مان آزادي

آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
سرخ فوج جا جٿا 1990ع ۾ بليڪ جنوري واري سانحي دوران

ميخائيل گورباچوف جي گلاسنوسٽ واري سياست جي نتيجي ۾ سوويت يونين جي کوڙ ھنڌن تي احتجاجي مظاھرن ۽ نسلي ٽڪرائن جو آغاز ٿيو جن ۾ نگورنو ڪاراباخ پڻ شامل ھيو جيڪا آذربائيجان سويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو ھڪ خودمختيار علائقو ھيو. ماسڪو جي نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي نظراندازي ان تڪرار۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو جنهن ڪري آزادي جا مطالبا شروع ويا جنھن جو نتيجو بليڪ جنوري واري واقعي جي صورت ۾ ٿيو جنھن واقعي ۾ 93 آذربائيجاني ۽ 29 سوويت فوجي مارجي ويا ان واقعي بعد آذربائيجان ايس ايس آر جي سپريم ڪائونسل سوويت سوشلسٽ جو لفظ نالي مان خارج ڪري آذربائيجان ريپبلڪ جي خودمختياري جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جو جھنڊو اختيار ڪري ڇڏيو 1991 جي آگسٽ ۾ ماسڪو ۾ سوويت فوجي بغاوت جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ کان پوءِ 18 آڪٽوبر 1991ع تي آذربائيجان جي سپريم ڪائونسل سوويت يونين کان آزادي جو اعلان ڪيو جنھن جي توثيق ڊسمبر 1991ع آذربائيجاني قوم ريفرينڊم جي ذريعي ڪئي. جڏھن تہ سوويت يونين پڻ سرڪاري طور تي 26 ڊسمبر 1991ع تي ختم ٿي ويو. ملڪ ھن وقت يوم آزادي 18 آڪٽوبر تي ملھائيندو آھي.

نگورنو ڪاراباخ جو مسئلو

ملڪ جي آزادي سان نگورنو ڪاراباخ جي اڪثريت واري آرمينيائي آبادي آرمينيا جي پٺڀرائي سان نئين رياست ۾ گڏ ھلڻ کان انڪار ڪيو جنھن ڪري جنگ ڇڙي پئي 1994ع ۾ جنگ جي خاتمي تي آرمينيائي آبادي نگورنو ڪاراباخ سميت آذربائيجان جي 14 کان 16 سيڪڙو ايراضي تي قابض ٿي وئي ان جنگ دوران آرمينيائي اڪثريت وارن علائقن ۾ آرمينيا نسلي گروھ آذربائيجاني ماڻھن جا قتل عام پڻ ڪيا جن ۾ مالبيلي ۽ گشڪولر وارو قتل عام، گاراداگلي قتل عام ، اگدابن قتل عام ۽ کوجئلي وارو قتل عام شامل آهن. 30000 کان وڌيڪَ ماڻھو ان جنگ ۾ مارجي ويا ۽ ڏھ لکن کان وڌيڪَ بي گھر ٿيا گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل قرارداد نمبر 822، 853، 874 ۽ 884 ذريعي آرمينيائي فوج کان آذربائيجاني علائقا فورن خالي ڪرڻ جا مطالبا ڪيا ڪيترائي روسي ۽ آرمينيائي 1990واري ڏھاڪي ۾ آذربائيجان ڇڏي ويا 1970 جي آدمشماري مطابق آذربائيجان ۾ 5,10,000 روسي ۽ 4,84,000 آرمينيائي رھندڙ ھيا

آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
نگورنو ڪاراباخ ۾ علحدگي پسند فوجين جي صورتحال

آذربائيجان جي سياست

آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
الھام علييف

12 نومبر 1995ع ۾ ملڪ ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو جنھن ۾ ملڪ جو سياسي نظام صدارتي ريپبلڪ جي جوڙجڪ ڏنل آهن. رياست جا ٽي شعبا آهن: عملداري ڪندڙ شعبو، قانونساز شعبو ۽ عدالتي شعبو. قانونسازي جو ادارو ملڪ جي ھڪ ايواني نيشنل اسيمبلي جنھن کي آذربائيجاني ٻولي ۾ ملي مجلس سڏيندا آهن. جڏھن ته نخجوان خودمختيار ريپبلڪ جي قانونسازي جو ادارو سپريم نيشنل اسيمبلي آهي. ملي مجلس جا 125 رڪن آھن جن کي ڊٽيز سڏين ٿا جيڪي اڪثريت واري ووٽ جي بنياد تي پنجن سالن جي مدي لاء چونڊجندا آھن 2010 ۾ نيو آذربائيجان پارٽي اليڪشن ۾ سموريون 125 سيٽون کٽي آئي. مخالف ڌر جي مساوات پارٽي ۽ آذربائيجاني پاپولر فرنٽ پارٽي ھڪ بہ سيٽ نہ کٽي سگھي. ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو ملڪ جو صدر آھي جيڪو سڌي چونڊ ذريعي ست سالن لاء چونڊجي ايندو آهي. وزيراعظم کي پڻ ايگزيڪيوٽو اختيار مليل آهن. صدر پنھنجي ڪابينه پڻ جوڙيندو آهي جيڪا صدر ۽ پارليامينٽ آڏو جوابده آھي. آذربائیجان جي ڪابينه وزيراعظم، ان جي ڊپٽين، ۽ وزيرن تي مشتمل ھوندي آھي. صدر کي نيشنل اسيمبلي جي فيصلي کي ويٽو ڪرڻ جو اختيار پڻ آهي. پارليامينٽ جي 95 سيڪڙو ووٽن جي اڪثريت صدر جي ويٽو کي رد ڪري سگهي ٿي. عدالتي اختيار آئيني ڪورٽ ، سپريم ڪورٽ ۽ معاشي ڪورٽ وٽ آھن جن ۾ ججن جي نامزدگي صدر ڪندو آهي. 1993ع ۾ ملڪ جي چونڊيل صدر ابوالفضل ايلچي بيگ جي خلاف ڪرنل صورت حسينوف فوجي بغاوت ڪري ان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو جنھن سان آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ وارو اڳواڻ حيدر علييف اقتدار ۾ آيو 1994ع ۾ صورت حسينوف وزيراعظم جي عھدي تي رھندي بغاوت جي ھڪ ٻي ڪوشش صدر حيدر علييف جي خلاف ڪئي پر ناڪام ٿي ويو. کيس گرفتار ڪري بغاوت جو مقدمو هلايو ويو 1995 ۾ حيدر علييف جي خلاف ھڪ ٻي ناڪام فوجي بغاوت اومون نالي خاص پوليس جي يونٽ جي ڪمانڊر روشن جوادف ڪئي جنھن ۾ اھو ڪمانڊر مارجي ويو. اومون جا اسپيشل يونٽ نتيجي ۾ ٽوڙي ختم ڪيا ويا. ملڪ جي حڪومتي افسرشاھي ۾ ڪرپشن وڌي وئي آڪٽوبر 1998ع ۾ حيدر علييف ٻئي مدي لاء وري چونڊجي آيو 2003ع ۾ حيدر علييف وفات ڪري ويو ۽ سندس پٽ الھام علييف نيو آذربائيجان پارٽي جو چيئرمين ٿيو. آڪٽوبر 2013 ۾ ھي ٽئين مدي لاء صدر چونڊجي آيو

پرڏيھي ناتا

آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
صدر الھام علييف ۽ ترڪي جو صدر طيب اردگان 31 آڪٽوبر 2017ع ۾

آذربائيجان جي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ توڻي ٿورو عرصو قائم رھي پر ان ڇھن ملڪن سان سفارتي تعلقات قائم ڪيا جن ۾ جرمني ۽ فنلئنڊ پڻ شامل ھيا بعد ۾ سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي حيثيت ۾ آذربائيجان سوويت يونين ۾ رھيو ۽ 1990 ۾ سوويت يونين جي زوال بعد ھڪ سال ۾ ئي دنيا جي ملڪن جي وڏي اڪثريت آذربائيجان جي آزادي کي تسليم ڪري چڪي ھئي. سڀ کان دير سان تسليم ڪندڙن ۾ بحرين شامل آھي جنھن کيس 6 نومبر 1996ع ۾ تسليم ڪيوآذربائيجان جا باقائده ٻہ طرفا سفارتي لاڳاپا سڀ کان اول ترڪي، پاڪستان، يونائيٽيڊ اسٽيٽس، اسرائيل ۽ ايران سان قائم ٿيا سڀ کان خاص ناتن لاء آذربائيجان جو لاڙو ترڪي طرف وڌيڪ رھيو آھي ھن ملڪ جا 158 ملڪن سان سفارتي لاڳاپا قائم آهن ۽ 38 بين الاقوامي تنظيمن جو رڪن آهي

آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
الھام علييف روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان گڏ آگسٽ 2018ع ۾ اڪتائو، قزاقستان ۾ ٿيل ڪيسپين سمنڊ واري سمٽ ۾

آذربائيجان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ ان جي پنھنجي علائقائي سالميت جي بحالي، نگورنو ڪاراباخ تي ۽ ان سان لڳولڳ ستن علائقن تي قبضو خالي ڪرائڻ، يورپي ۽ يورو ايٽلانٽڪ ڍانچي جو حصو ٿيڻ، بين الاقوامي سلامتي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ، بين الاقوامي ادارن سان سھڪار ڪرڻ، علائقائي سھڪار ۽ باھمي لاڳاپا رکڻ، دفاعي صلاحيت وڌائڻ شامل آهن. آذربائيجان بين الاقوامي دھشتگردي سان مقابلي لاءِ عالمي اتحادن جو سرگرم رڪن آھي ۽ اھو يارھن سيپٽمبر تي ٿيل نيويارڪ ۾ دھشتگردي جي واقعي بعد دھشتگردي جي خلاف سھڪار ڪندڙ پھرين صف وارن ملڪن ۾ شامل ھيو ھن ملڪ ڪوسووو، افغانستان ۽ عراق ۾ امن قائم ڪرڻ واري ڪوششن ۾ عملي ڪردار ادا ڪيو. آذربائيجان نيٽو جي پارٽنرشپ فار پيس (امن لاء شراڪت) واري پروگرام جو پڻ سرگرم رڪن آهي. ھن ملڪ جا يورپي يونين سان پڻ بھتر لاڳاپا آهن ۽ مستقبل ۾ ھن ملڪ جو يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ جو پڻ امڪان موجود آهي.

جاگرافي

آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
اتر آذربائيجان ۾ واقع ڪوھ قاف جبل

جاگرافيائي لحاظ کان آذربائيجان يوريشيا جي ڏکڻ ڪوھ قاف واري خطي ۾ واقع آهي ۽ ڏکڻ-اولھ ايشيا ۽ اوڀر يورپ تائين ڦھليل آھي. ان جي جاگرافيائي بيھڪ اتر واري ويڪرائي ڦاڪ ڦاڪ ۾ پور وڇوٽ°38 ۽°42 ڊگرين کان اوڀر طرف ڊگھائي ڦاڪ ۾ °44 ۽ °51 ڊگرين تي واقع آهي. ملڪ جي سرحدن جي ڪل ڊيگھ 2٬648 km (1٬645 mi) آھي جنھن مان 1,007 ڪ م آرمينيا سان، 756 ڪ م ايران سان، 480 ڪ م جارجيا سان، 390 ڪ م روس سان ۽ 15 ڪ م ترڪي سان ملن ٿيون ان جو. سامونڊي ڪنارو 800 km (497 mi) آھي ۽ ڪيسپين سمنڊ اندر ان جي سامونڊي حد 456 km (283 mi) آھي. آذربائيجان جو خطو اتر کان ڏکڻ طرف 400 km (249 mi) ۽ اولھ کان اوڀر 500 km (311 mi) تائين ڦھليل آھي. آذربائيجان جا ٽي مکيه طبعي نقش آھن: اوڀر ۾ ڪيسپين سمنڊ؛ اتر ۾ ڪوھ قاف جبلن جون قطارون؛ ۽ وچولي حصي ۾ واقع وسيع ميداني علائقا. ھن ملڪ جبلن جون ٽي قطارون آھن: وڏو ڪوھ قاف، ننڍو ڪوھ قاف ۽ ڪوھ تالش. انھن ٽنھي جبلن جون قطارون ملڪ جي 40 سيڪڙو حصي تي ڦھليل آھن

آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
مائونٽ بازاردوز
آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
کنالوگ واري وادي


آذربائيجان جي سڀ کان وڏي چوٽي مائونٽ بازاردوز آھي جيڪا (4,466 m) بلند آھي. سڀ کان اونھو مقام ڪيسپين سمنڊ ۾ واقع آهي جيڪو (−28 m) اونھو آهي. ڌرتي جا لڳ ڀڳ اڌ گل فشان (mud volcanoes) آذربائيجان ۾ واقع آھن ھن ملڪ ۾ 8,350 نديون ۽ نالا واقع آھن جن مان رڳو 24 نديون 100 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ڊگھيون آھن ۽ سڀئي ملڪ جي اوڀر ۾ ڪيسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون ملڪ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ جو نالو ساريسو ڍنڍ(پيلي ڍنڍ) (67 km2) آھي. سڀ کان ڊگھي ندي ڪور ندي آهي جنھن جي ڊيگھ (1,515 km) آهي جيڪا آرمينيا مان آذربائيجان ۾ داخل ٿي ڪيسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. آذربائيجان جا چار وڏا ٻيٽ ڪيسپئن سمنڊ ۾ واقع آھن جن سڀني جي گڏيل ايراضي 30 چورس ڪلوميٽر آھي.

سياسي ۽ انتظامي ورهاست

آذربائيجان ۾ ڏھ معاشي ريجن (خطا) ، 66 رَيئَن (ريئنلر)، 77 شھر آھن. شھرن مان 12 ريپبلڪ جي سڌي سئين اختيار ھيٺ آھن. آذربائيجان ۾ ھڪ خودمختيار ريپبلڪ پڻ شامل آهي جنھن جو نالو نخجوان خودمختيار ريپبلڪ آهي. ھر معاشي خطي جي گورنر جي مقرري صدر ڪندو آهي. نخچيون جي ريپبلڪ جي حڪومت جي چونڊ ان علائقي جي عوام جي چونڊيل پارليامينٽ ڪندي آهي.

آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
آذربائيجان جون ڏھ معاشي ريجنون

آذربائيجان جون 10 ريجن (صوبا) ۽ انھن جا ريئن (ضلعا):

    ابشرون معاشي ريجن
    آران معاشي ريجن
  • آغجابادي ريئن
  • آغداش ريئن
  • بردع ريئن
  • بيلقان ريئن
  • بيلاسوار ريئن
  • گَوئِچَي رَيئَن
  • حاجي قبول ريئن
  • ايميشلي ريئن
  • ڪردامير ريئن
  • نفت چالا ريئن
  • ساعتلي ريئن
  • صابر آباد ريئن
  • ساليان ريئن
  • اوجار ريئن
  • يولاخ ريئن
  • زرداب ريئن
  • مينگاچوير
  • شروان
  • يولاخ
    ڊئگلنگ-شروان معاشي ريجن
  • آقسو ريئن
  • قوبوستان ريئن
  • اسماعيلي ريئن
  • شماخي ريئن
    گنجه- گزاخ معاشي ريجن
  • آغستفا ريئن
  • داشڪسن ريئن
  • گدہ بي ريئن
  • قزاق ريئن
  • گوئيگول ريئن
  • گورانبوي ريئن
  • ساموخ ريئن
  • شمڪر ريئن
  • توووز ريئن
  • گنجه
  • نفتالان
    گبا-خيچميز معاشي ريجن
  • قبا ريئن
  • ڪوسار ريئن
  • خاچماز ريئن
  • شابران ريئن
  • سيازن ريئن
    ڪلبجر-لاچين معاشي ريجن
  • قبادلي ريئن
  • ڪلبجر ريئن
  • لاچين ريئن
  • زنگلان ريئن
    لنڪران معاشي ريجن
  • آستارا ريئن
  • جليل آباد ريئن
  • لنڪران ريئن
  • ليرڪ ريئن
  • مساللي ريئن
  • يارديملي ريئن
  • لنڪران (شھر)
    نخجوان معاشي ريجن
  • بابڪ ريئن
  • جلفا ريئن
  • ڪنگرلي ريئن
  • اردوباد ريئن
  • سدرڪ ريئن
  • شاھبوز ريئن
  • شرور ريئن
  • نخجوان (شھر)
    شڪي-زاقاتالا معاشي ريجن
  • بالاڪن ريئن
  • قبله ريئن
  • قاخ ريئن
  • اوغوز ريئن
  • شڪي ريئن
  • زاقاتالا ريئن
  • شڪي
    اپر ڪاراباخ معاشي ريجن
  • آغدام ريئن
  • فضولي ريئن
  • جبرائيل ريئن
  • خوجالي ريئن
  • خواجوند ريئن
  • شوشا ريئن
  • ترتر ريئن
  • خانڪندي ريئن
  • شوشا

معيشت

1991ع ۾ آزادي حاصل ڪرڻ بعد آذربائيجان بين الاقوامي مالياتي فنڊ، عالمي بينڪ، يورپين بينڪ فار ريڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ، اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو رڪن ٿيوآذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي سرڪاري بينڪ آذربائيجان جي نئشنل بينڪ ھئي جيڪا سوويت يونين جي مرڪزي بينڪ جي ماتحت ڪم ڪندي ھئي. آزادي کان پوءِ 1992ع ۾ ان کي آذربائيجان جي مرڪزي بينڪ جو درجو ڏنو ويو. مرڪزي بينڪ آذربائيجان جي سمورين ڪمرشل بئنڪن جي نگراني ڪري ٿي ۽ ملڪ جي ڪرنسي: آذربائيجاني منات جا سمورا معاملا سنڀالي ٿي. ڪمرشل بئنڪن ۾ ٻہ وڏين بينڪن جا نالا يوني بينڪ ۽ سرڪاري انٽرنيشنل بئنڪ آف آذربائيجان آھن. ھن ملڪ ۾ 2007 جي پھرين ٽماھي ۾ افراط زر %16.6 تي پھتو ھو. قومي آمدني %29 ۽ ماھوار اجرت %25 تائين پھتيون ھيون معيشت ۾ جڏھن توانائي جو شعبو تيزي سان ترقي ڪري اڀرندو آهي ۽ جيڪڏهن ان سان گڏ غيرتوانائي وارا شعبا پوئتي پئجي ويندا آهن تہ غيرتوانائي واريون برآمدون انتھائي مھانگيون ٿي وينديون آهن ۽ نتيجي ۾ افراط زر وڌي ويندي آهي اھڙي صورتحال کي معاشيات ۾ ڊچ ڊزيز (ڊچ ماڻھن وارو مرض) سڏيندا آهن جيڪو آذربائيجان جي معيشت ۾ محسوس ڪيو ويو آهي. 2000 واري ڏھاڪي ۾ افراط زر تي ضابطو آندو ويو جنھن لاء پھرين جنوري 2086ع تي ملڪ کي نئين ڪرنسي (نئون آذربائيجاني منات) جاري ڪرڻي پئي. 2088ع ۾ آذربائيجان کي عالمي بئنڪ جي ڊوئنگ بزنس رپورٽ ۾ دنيا ۾ اصلاحون آڻيندڙ ڏھن چوٽي جي ملڪن ۾ شمار ڪيو


آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
باڪو جي پسگردائيءَ ۾ واقع مشيني ذريعن سان تيل ڪڍڻ لاء ھڪ پمپنگ اسٽيشن يونٽ

آذربائيجان جو ٻہ ڀاڱي ٽي علائقو تيل ۽ قدرتي گيس جي ذخيرن سان سرشار آهي

آذربائيجان: تفصيلي تعارف, ملڪ جو نالو, تاريخ 
ڏکڻ ڪوھ قاف پائيپ لائين جنھن ذريعي آذربائيجان ترڪي واري رستي يورپ کي قدرتي گيس فراھم ڪري ٿو

ملڪ ۾ ھيٺين ڪوھ قاف وارو علائقو معدنيات سان مالا مال آهي جتان سون، چاندي، لوھ، ٽامو، ٽائٽينيم، ڪروميم، ميگنيز، ڪوبالٽ، موليبڊينيم، سرمو ۽ ڪچن ڌاتن وارو پٿر لڀن ٿا. سيپٽمبر 1994ع ۾ اسٽيٽ آئل ڪمپني آف آذربائيجان ريپبلڪ (SOCAR) جي 13 مشھور ڪمپنين سان 30 سالن جي مدي لاء معاھدن تي صحيحون ڪيون جن ۾ آمريڪا جي ايموڪو، ايڪسون موبيل، برطانيا جي بي پي، روس جي ليوڪ آئل ۽ ناروي جي ايڪئينار ڪمپنيون شامل ھيون مغربي ڪمپنيون آذربائيجان جي تيل جي ذخيرن تائين وڌيڪ اونھائي ۾ پھچ رکندڙ آھن جيستائين سوويت يونين واري دؤر ۾ پھچڻ ممڪن نہ ھو ان ڪري آذربائيجان دنيا ۾ تيل جي ڳولها ۽ دريافت جي لحاظ کان دنيا جا اھم ترين ھنڌ رکندڙ ملڪ آهي. حڪومت ملڪ جي ڪلي معاشيات (macro economics) جي پائيداري، تيل جي ذخيرن جي سنڀال ۾ شفافيت ۽ ايندڙ نسلن لاء وسيلن جي تحفظ لاء آذربائيجان جي رياستي تيل جو فنڊ ملڪ جي بجٽ کان اضافي فنڊ قائم ڪيو آهي.

آذربائيجان جي 54.9 سيڪڙو زمين زرعي آھي. 2007ع ۾ ھتي 4,755,100 ھيڪٽر زمين زراعت لاء مخصوص ھئي ساڳي سال ملڪ ۾ ٻيلن وارا ڪل وسيلا 13 ڪروڙ 60 لک ڪيوبڪ ميٽر ھيا. آذربائيجان جي زرعي تحقيقاتي ادارا ھتي گاھن جي ميدانن, چراگاھن, باغباني، سب ٽراپيڪل فصلن، سائي ڀاڄي، انگوري شراب واري زراعت، انگوري شرابسازي، ڪپھ جي فصلن ۽ طبي ٻوٽن جي پوکي تي زور ڏئي رھيا آھن. ڪجهه علائقن ۾ اناج، پٽاٽا، چقندر ۽ ڪپھ جا فصل پڻ پوکيا ويندا آهن. تماڪ، چوپايو مال، کير واريون شيون، انگوري شراب ۽ صاف ڪيل اسپرٽ پڻ اھم فارمي پيداوار شامل آهن. ڪيسپين جي ماھيگيري واري صنعت اسٽرجن مڇي ۽ بلوگا مڇي جي زوال پذير اسٽاڪ تي مشتمل آهي 2002 ۾ آذربائيجان جي واپاري ٻيڙن جو تعداد 54 ھيو.

زندگي جا انواع

ھن ملڪ ۾ مئمل جاندارن جون 106 جنسون آهن، مڇين جون 97 جنسون، پکين جون 363 جنسون، جلٿل جاندارن (amphibian) جا 10 قسم، ريڙهيون پائيندڙ جاندارن جا 52 قسم رھندڙ آھن. ملڪ جو قومي جانور ڪاراباخ وارو گھوڙو آھي. ھتي وڏن ٻوٽن جا 4,500 قسم آھن. ڪوھ قاف ۾ پيدا ٿيندڙ 67 سيڪڙو ٻوٽن جون جنسون آذربائيجان ۾ پيدا ٿين ٿيون.

حوالا

Tags:

آذربائيجان تفصيلي تعارفآذربائيجان ملڪ جو نالوآذربائيجان تاريخآذربائيجان پھرين خودمختيار ريپبلڪآذربائيجان سوويت يونين ۾آذربائيجان سوويت يونين مان آزاديآذربائيجان نگورنو ڪاراباخ جو مسئلوآذربائيجان جي سياستآذربائيجان پرڏيھي ناتاآذربائيجان جاگرافيآذربائيجان سياسي ۽ انتظامي ورهاستآذربائيجان معيشتآذربائيجان زندگي جا انواعآذربائيجان حوالاآذربائيجان

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

بيتهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجيمنجنت السنڌ1982عڳجهارتهڏڪيوائياسلامکيرٿر جبلن جو سلسلونيرڳپھرين مھاڀاري جنگجنسي سنگتنتي سرشتوسوره المائدہحق ۽ واسطاگليلاُوچائي1338عھيمون ڪالاڻيوچولي بينڪبرمودامالڪ دينار مسجدانڊونيشيابال ٺاڪريجاندارسنڌ جي تاريخاسٽيرياٽين1 نومبرگڏيل قومن جو عالمي اداروخير النساء جعفريسنڌي وڪيپيڊياگلزارمُک صفحونڪتوانائيپرڏيهي امدادخودمختيار رياستشاھ حسن بيگ ارغونڪشميرآمريڪي فلمنڱگوھيلانگجيئينگ صوبوپگهاروائرسپهاڪو1999عسنڌي شاعريسائنسايرانديھ لتيڻيونانتظامياانٽرنيٽڀارتپاڪستان جو آئينڪڪڙن جي ميلپاڪستان428عوڪي اسپيسيزيورپين ايڪانامڪ ايرياعالمي معياري ڪتاب نمبرجدلياتانگريزي ٻولي🡆 More