ڪارل لينيوئس

ڪارل لينيوئس(انگريزي: Carl Linnaeus ) 23 مئي 1707 ۾ پيدا ٿيو ۽ 10 جنوري 1778 ۾ وفات ڪيائين.

ھن کي معزز مقام ھجڻ ڪري ڪارل وان ليني پڻ سڏيندا هئا. (Swedish pronunciation: [ˈkɑːɭ fɔn lɪˈneː] (About this sound ٻڌو)). پاڻ سويڊن جو مشھور ماھر نباتات ۽ ماھر حيوانات ۽ طبيب جنھن جاندارن ۽ ٻوٽن کي حياتياتي نالا ڏئي انھن جي نالن جو جديد نظام ترتيب ڏنو. جنھن ڪري کيس جديد ٽيڪسانامي جو ابو سمجھيو ويندو آھي. ھن جون اڪثر لکڻيون لاطيني ٻولي منجھ آھن ان ڪري ھن جو نالو لاطيني ۾ ڪارلوس لينوئس (1761 بعد ڪارلوس لني) سڏيو ويندو هو. ھي ڏکڻ سويڊن جي علائقي سمئيلنڊ جي ٻھراڙيءَ ۾ پئدا ٿيو. ھن پنھنجي تعليم اپسالا يونيورسٽي مان حاصل ڪئي ۽ ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ 1730 کان ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيا. 1735 کان 1738 تائين ملڪ کان ٻاھر نيدرلينڊز ۾ رھيو جتي ھن وڌيڪ تعليم پرائي ۽ پنھنجو جڳ مشھور ڪتاب قدرت جو نظام : (، لاطيني:Systema Naturae ) ڇپايو. پوء سوئيڊن موٽي اپسالا يونيورسٽي ۾ علم نباتات ۽ طب جو پروفيسر ٿيو. 1740 ۾ ھن سويڊن منجھ ڪيترائي سفر ڪيا جن ۾ ھن کوڙ نباتاتي ۽ حيواناتي جنسن جي سڃاڻپ ڪئي. ھي پنھنجي وفات وقت يورپ جو سڀ کان وڌيڪ مڃيل سائنسدان ھيو. فلاسافر جين جيڪس روسو کيس نياپو موڪليو ھيو تہ "کيس ٻڌائجو تہ مان ڌرتي تي ان کان وڌيڪَ ڪوبہ عظيم ماڻھو نہ ڄاتو آھي."

ڪارل لينيوئس
ڪارل وان ليني جي آئل پينٽنگ
پيدائش 23 مئي 1707(1707-05-23)
رئشولٽ, اسٽينبرولٽ پارش، سويڊن
وفات 10 جنوري 1778 (عمر 70 سال)
ھئماربي ، ڊينمارڪ پارش، اپسالا جي ٻاهران، سوئيڊن.
مدفن اپسالا ڪئٿيڊرل
59°51′29″N 17°38′00″E / 59.85806°N 17.63333°E / 59.85806; 17.63333
رھائش سويڊن
قوميت سوئيڊش
شھريت سوئيڊن
مادر علمي لونڊ يونيورسٽي
اپسالا يونيورسٽي
يونيورسٽي آف ھارڊروجڪ
شھرت جو ڪارڻ بنامينل نامنڪليچر
سائنسي درجابندي
ٽيڪسانامي
جيون ساٿي سارا ايلزبيٿ مورائيئا
ٻار ٻچا 7
'سائنسي پيشو'
شعبو علم نباتات
علم حياتيات
علم حيوانات
ادارا اپسالا يونيورسٽي
ٿيسز جو موضوع وقتن سان ٿيندڙ تپ جو مفروضو (1735)
مشھور شاگرد پيٽر ايسڪينيئس
ليکڪ جو حوالو L.
ليکڪ جو حوالو لنيئيوس
سڃاڻپ نشان
Carl v. Linné

حوالا

حوالا

Tags:

About this soundSv-Carl von Linné.oggانگريزيجين جيڪس روسولاطيني ٻولي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ڪڪڙخفيہ تحريرآسٽريليا1677عپاڪستان ۾ جمھوريتسياستدانمراڪشجيوٽيگنگشاهه عنايت شهيدبياس ندياک جي ماڻڪيايام تشريقجاپاني ٻوليڪشش ثقلوائي1857ع جي هندستاني بغاوتلوڻاويس قرنيتيشخڪرناٽڪاارنيسٽ ٽرمپجمهوريا ڪانگوجينيئسهٿکيرٿر جبلن جو سلسلوحيدرآباد، ڀارتذوالحجايشياچنگقومي راڄڌانين جي فهرستاباڻا (فلم)جنطيانہآمنه خميساڻيگوگلسيرا ليونٿڪولڪتامڪليورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشنخروشتي اسڪرپٽٽيٽم ٻوليدهليموزمبيقخاڪشيرمستونگ تعلقومشڪونورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪنجم عباسيسماجي اڀياسڊائرياامام الدين مجدديآبھوايوگنڊاشاھ عبداللطيف ڀٽائياحمديموهن جو دڙوگلابنسن جو نظاممسجد اقصيڪوروناوائرس روڳ 2019چچ ناموآڙي🡆 More