قومپرستي

قومپرستي(انگريزي: Nationalism) مان مراد پنھنجي قوم جي لاءِ سياسي، معاشي يا ٻي ڪا جدوجھد آھي. اھو ھڪ نظريي ۽ تحريڪ جو نالو آهي جيڪو ڪنھن مخصوص قوم جي ماڻهن جي مفادن کي مضبوط ڪري ٿو ان جو مقصد خاص طور تي قوم جي پنھجي ملڪ تي اختيار ۽ خودمختياري جي حاصلات ۽ حفاظت ھوندو آھي ان نظريي مطابق سياسي اقتدار (قابل قبول اختيار) جو جائز ذريعو رڳو قوم ئي ھوندي آھي اھو نظريو ثقافت، قوميت، جاگرافيائي مقام، ٻولي، سياست، مذھب ، روايتن، ۽ مشترڪ تاريخ جي مختلف سماجي صفتن جي بنياد تي قومي تشخص کي پيدا ڪري ۽ پختو ڪري ٿو ۽ قومي وحدت ۽ سالميت کي فروغ ڏئي ٿو. قومپرستي قوم جي روايتي ثقافت کي محفوظ ۽ فروغ ڏئي ٿي اھو نظريو قومي ڪاميابين تي فخر ڪرڻ کي ھٿي ڏئي ٿو ۽ اھو حب الوطني جي ويجھو آھي .ھن نظريي جو بنياد ھن ڳالھ تي آھي ته ”ھر قوم کي، حق خوداختياري جي اصول تي، پنھنجي سياسي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ جو حَق آھي، ۽ انھيءَ طريقي مطابق ھر قوم پنھنجي آزاد ۽ جداگانه حڪومت بڻائڻ جو اختيار رکي ٿي.“ ھن وقت قوميت جا دنيا ۾ تسليم ڪيل بنياد ھيٺيان شمار ڪيا وڃن ٿا:

  1. جاگرافيائي حَدن جو وطن
  2. زبا
  3. ڪلچر
  4. قومي ڪردار
  5. سياسي ۽ اقتصادي مفاد

قوم پرستي جي وصف

قوم ھڪ مخصوص جاگرافيائي حدن ۾ رھڻ وارن انھن ماڻھن کي چئجي ٿو، جن جون رسمون رواج، تھذيب ۽ تمدن، ٻولي ۽ تاريخ ھڪجھڙي ھجي. ھڪ گروھ يا ٽولو قوم سڏائڻ جي اهل نہ اھي ۽ نہ ئي وري انھن ماڻھن جي ٽولي کي قوم سڏي سگھجي ٿو جيڪي ٻولي، ثقافت، تھذيب، تمدن ۽ تاريخ بہ ساکي نہ رکندا ھجن. قومون اوچتو وجود ۾ نہ اينديون اھن.

سنڌي ادب ۾ قومپرستي جا رجحان

سنڌي ادب جي تاريخ ۾ قوم پرستي جو رجحان انتھائي پراڻو اھي. سومرن جي دور جي رزميہ گاھن کان وٺي موجوده دور جي سياسي حالتن تي اسرندڙ ادب قوم پرستيءَ واري تحريڪ جو حصو اھي. قوم پرستيءَ جو لاڙو ملڪي حالتن جي پيداوار ھوندو اھي. سنڌي ادب ۾ ھي لاڙو ’ون يونٽ‘ کان پوءِ ھڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري ويو. سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن ھڪ منظم تحريڪ شروع ڪئي. جنھن جو مقصد سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي قومي، ثقافتي ورثي جي حفاظت ھو. ھن تحريڪ جي اھم اديبن ۾ محمد ابراھيم جويو، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، سراج ميمڻ، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر نجم عباسي، رسول بخش پليجو، نياز ھمايوني، استاد بخاري، امر جليل، ماھتاب محبوب، امداد حسيني، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، خاڪي جويو ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر ۽ اديب اچي وڃن ٿا. ھن تحريڪ ھيٺ جيڪو بہ ادب سرجيو ان ۾ سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار، سنڌ جي استحصالي طبقي تي ڦٽڪار، سنڌ جي سورمن جي تعريف، سنڌي ٻولي سان محبت جو اظھار، سنڌ جي قديم اثارن تي فخر ڪرڻ، ڪلاسيڪل شاعرن جي عظمت جو اظھار، ملڪي سماجي حالتن جي عڪاسي ھن دور جون خاص خوبيون آھن.

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ايٿوپياسماجويلزبيھڪ جون نشانيونسنڌي ٻوليشيخ ايازلاس اينجلس ٽائمزجاٽ (ذات)وبائي زڪامڪمپيوٽراديتي ڀاٽياسرمائي-ڪنڌ ڀوريفاطمه زهرا1213عتارو31 آگسٽقطعوتجنيس حرفي4 آڪٽوبرايڪواڊوربرجوڪيپيڊياسکرقدرتي آفتمذهبڪوروناوائرس روڳ 2019عشق مجازي کان عشق حقیقي جو سفر (افسانو)شمارياتفلپائنوڏو سمنڊآءِ پي ايڊريسواچوڙووڪي لوز مونيومينٽسمريخڌرتيءَ جو ڏينھنامر سنگھ چمڪيلا1 نومبرفھميده حسينکيرٿر جبلن جو سلسلوجلال چانڊيوڏکڻ آمريڪاآبي پکيعيسوي تقويمضمير (گرامر)اپريلدرويشگڏيل قومن جو عالمي اداروعالمي معياري ڪتاب نمبريُورَپهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويججڪارتاڪراچي🡆 More