سوويت يونين: سال 1922کان1991 يورپ ۽ ايشيا ۾ ملڪ

سوويت يونين (سوويت اتحاد) روسي سوشلسٽ رياستن جو مجموعو (مختصر USSR) جنهن کي عام طور سوويت يونين جي نالي سان سُڃاتو ويندو آهي.

هي آئيني لحاظ کان اشتراڪي رياست هُئي جيڪا يوريشيا ۾ 1922 کان 1991 تائين قائم رهي. هينئر ان کي عام طور روس (Russia) پڻ چيو ويندو آهي، جيڪو درست ناهي. روس يعني رشيا ان اتحاد (يونين) جي رياستن منجهان سڀ کان وڌيڪ سگهاري (طاقتور) رياست جو نالو آهي. سال 1945 کان وٺي سال 1991 تائين ان کي آمريڪا سان ڀيٽ ۾ دنيا جي هڪ عظيم طاقت ( سُپر پاور Super Power) مڃيو ويندو هيو. سوويت يونين دور ۾ معاشي ترقي جي نتيجي ۾ معياري زندگي خاص ڪري شهري علائقن ۾ بهتري آئي.

Union of Soviet Socialist Republics

  • Сою́з Сове́тских Социалисти́ческих Респу́блик
    Soyúz Sovétskikh Sotsialistícheskikh Respúblik
سال 1922 کان 1991
Flag of سوويت يونين
{{{coat_alt}}}
جهنڊو (1955–1991) نشاني (1956–1991)
شُعار: '
Пролетарии всех стран, соединяйтесь!
("Workers of the world, unite!")
ترانو: 
  • "دي انٽرنيشنل" (1922–1944)
  • "سوويت يونين جو رياستي ترانو" (1944–1991)
Location of سوويت يونين
گادي جو هنڌ ماسڪو
55°45′N 37°37′E / 55.750°N 37.617°E / 55.750; 37.617
سڀ کان وڏو شهر تخت گاهه
دفتري ٻوليون رشين[1]
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون
  • يوڪرائني
  • بيلارشين
  • اوزبڪ
  • ڪازک
  • جيارجن
  • آذربائيجاني
  • ليٿوانيائي
  • مالدووي
  • ليٽوين
  • ڪرگيز
  • تاجڪ
  • آرميني
  • ترڪمين
  • استونيائي
اقليتن جون ٻوليون
  • ابکاز
  • بشڪير
  • بيوراتي
  • فنشي
  • وولوگا جرمن
  • ڪوريائي
  • اوسيتيئن
  • تاتاري
  • مختلف ٻيون
نسلي گروھ (1989)
  • 70% ايسٽ سلاو
  • 12% ترڪيڪ
  • 18% ٻيا نسلي گروهہ
مذهب سيڪيولر رياست (ڊي جيور)
ناستڪي رياست (ڊي فيڪٽو)
مقامي آبادي سوويت
حڪومت
مقننه ڪانگريس آف سوويئتس
(1922–1938)
سپريم سوويت
(1938–1991)
پکيڙ
• جملي
22٬402٬200 km2 (8٬649٬500 sq mi)
آبادي
• سال 1991 اندازو
293 ڏهه لک (ملين) (ٽئين (3رڊ))
•  گھاٽائي
[اوزا تبديل: invalid number]
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 1990 لڳ ڀڳ
• ڪل
$2.7 trillion (2nd)
• في سيڪڙو
$9,200
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 1990 لڳ ڀڳ
• ڪل
$2.7 trillion (2nd)


سوويت يونين: خُلاصو, اتهاس, جاگرافي
سوويت اتحاد جون رياستون

خُلاصو

سوويت اتحاد کي سال 1917 جي روسي انقلاب دوران ٺهندڙ رياستي علائقن ۾ قائم ڪيو ويو. وقت سان گڏوگڏ ان جون جاگرافيائي سرحدون مٽجنديون (تبديل ٿينديون) رهيون آهن، پر آخري وڏي ٽوڙڦوڙ (ٽُٽڻَ) کانپوءِ، جيڪو بالٽڪ رياستون، اُڀرندو پولينڊ، اوڀر يورپ جو ڪُجھ حصو ۽ ڪُجھ ٻين رياستن جي واڌاري (اضافي) ۽ فن لينڊ ۽ پولينڊ جي عليحدگيءَ کانپوءِ سال 1945 کان وٺِي انت (ڇيهه ٿيڻ، خاتمي) تائين شاهي دور واري روس جهڙي ئي رهي.

سوويت يونين واري دور ۾ دنيا اندر ٻِه قُطبي سرشتو يا باءِ پولر سسٽم هيو، جيڪو سوويت يونين جي ٽُٽڻ کانپوءِ يگانو قُطبي سرشتو (يوني پولر) بڻجي ويو ۽ آمريڪا جي سموري دنيا ۾ هڪ هٽي قائم ٿي وئي.

سوويت حڪومت ۽ سياسي تنظيمن جي نگراني ۽ سارَسنڀالَ جو ڪم ڏيهه (مُلڪ) جي اڪيلي سياسي جماعت (پارٽي)، سوويت اتحاد جي ڪميونسٽ پارٽي وٽ هيو.

سال 1956 تائين سوويت سوشلسٽ رياستن جو تعداد چار کان وڌي پندرنهن ٿي ويو، سوويت يونين ۾ شامل ٿيندڙ اُهي سموريون رياستون هيٺئين ريت آهن.

  1. آرمينيائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  2. آذربائيجان سوويت اشتراڪي جمهوريا
  3. بيلاروسي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  4. استونيائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  5. جارجيائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  6. قازق سوويت اشتراڪي جمهوريا
  7. ڪرگيز سوويت اشتراڪي جمهوريا
  8. ليٽويائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  9. ليٿوينيائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  10. مالدويائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  11. روسي سوويت وفاقي اشتراڪي جمهوريا
  12. تاجڪ سوويت اشتراڪي جمهوريا
  13. ترڪمان سوويت اشتراڪي جمهوريا
  14. يوڪريني سوويت اشتراڪي جمهوريا
  15. ازبڪ سوويت اشتراڪي جمهوريا

سال 1991 ۾ سوويت يونين (سوويت اتحاد) جو اَنتُ (خاتمو) ٿي ويو ۽ انکانپوءِ مٿي ذڪر ڪيل سموريون رياستون آزاد ٿي ويون. انهين منجهان يارنهن رياستن ملي ڪري هڪ ننڍڙو ڪنفيڊريشن وفاق (Confederation) ٺاهيو آهي جنهن کي "آزاد رياستن جي گڏيل دولت" (ڪامن ويلٿ) سڏيو وڃِي ٿو. ترڪمانستان جيڪو پهرئين ان گڏيل دولت (ڪامن ويلٿ) جو باقاعدي رڪن هُيو، اُهو هاڻي شريڪ رڪن (ميمبر) جو درجو رکھي ٿو. ٽن بالٽڪ رياستن يعني اسٽونيا، لٽويا ۽ لٿووينيا ان ڪامن ويلٿ بدران سال 2004 ۾ يورپي اتحاد ۽ نيٽو(ناٽو) ۾ شموليت اختيار ڪئي. روس ۽ بيلاروس هاڻي اتحاد روس ۽ بيلاروس سان تعلق رکن ٿا.

اتهاس

سانچو:مارڪسيت ۽ ليننيت سوويت اتحاد کي روسي بادشاهت کانپوءِ جُڙندڙ شڪل چيو وڃي ٿو. آخري روسي زار بادشاهہ، نڪولس ٻيون مارچ 1917 تائين حڪومت ڪئي ۽ اڳئين سال سندس خاندان سميت کيس ماريو ويو.

سوويت اتحاد ڊسمبر 1922 ۾ جُڙيو. ان ۾ روس (بالشويڪ رشيا)، يوڪرائن، بيلارس، جارجيا، آرمينيا ۽ آذربائيجان (انهن ٽِن رياستن کي مٿانهين قفقاز (ڪوهہ ڪاف يا ڪاڪاشش) واريون رياستون پڻ سڏيو ويندو آهي) شامل هيون ۽ انهن تي بالشويڪ پارٽيءَ جي سرڪاري راڄُ (حڪومت) هيو.

روسي بادشاهت جي اندر جديد انقلابي تحريڪ سال 1825 جي ڊسمبر واري بغاوت سان شروع ٿي. سال1905 جي انقلاب کانپوءِ سال 1906 ۾ روسي پارليامينٽ ڊوما قائم ٿي، پَر مُلڪ جي اندر سياسي ۽ سماجي گهٽ جٽاداري (عدم استحڪام) موجود رهي ۽ پهرين مهاڀاري جنگ ۾ ڏيوالپڻو (ناڪامي، شڪست) ۽ کاڌخوراڪ اوڻائي (قلت) جي سبب هي وڌيڪ سگهارو ٿيو.

جاگرافي

22٬402٬200 ڪلوميٽرزچورس (8٬649٬500 sq mi) پکيڙ جي علائقي سان، سوويت يونين دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ هيو، جيڪو درجو هاڻي روسي فيڊريشن برقرار رکيو آهي.

سوويت اتحاد يورپ کنڊَ جي اُڀرندي ۽ ايشيا کنڊَ جي اُترئين حصي تي قبضو ڪيو هيو. ملڪ جو گهڻو ئي حصو پنجاه ڊگري اُترئين ملڪ جي ڊيگهه کان مَٿي آهي ۽ ان جي ڪُل پکيڙ (ايراضي) 22402200 چورس ڪلوميٽر يا 8649500 چورس ميل آهي. ايڏي وڏي ايراضي جي سبب ان جي موسم نيم خط استوائي (Semi Equatorial) کان وٺي سرد، نيم برفاني کان وٺي برفاني مُند (موسم) تائين پکڙيل آهي. 11 سيڪڙو زمين زراعت لائق هُئي، 16 سيڪڙو گاھ جو ميدان ۽ چراگاهون (گاهه جو ميدان) هيون، 41 سيڪڙو جهنگ ۽ ٻيلا هيا ۽ 32 سيڪڙو ڀاڱو (حصو) ٻئي قسمن جو هيو، جنهن ۾ ٽنڊرا جو حصو پڻ شامل آهي.

سوويت اتحاد جي ويڪراڻ (ويڪر) 10000 ڪلوميٽر يعني 6200 ميل هئي، جيڪا لينن گراڊ کان وٺي راتمانوا تائين پکڙيل هُئي. ان جي ڊيگهه تقريبن 5000 ڪلوميٽر يعني 3100 ميل هئي. ان جو گهڻوتڻو حصو کهرو(کڙٻڙ) ۽ ڏاڍو ڏکيو (مشڪل) هيو. پوري آمريڪا ان جي هڪ حصي جي اندر سمائجي سگهجي پئي.

ثقافت

سوويت يونين جي ثقافت يو ايس ايس آر جي 70 سال دور ۾ ڪيترن ئي مرحلن منجهان گزري آهي. روسي انقلاب کانپوءِ پهرئين يارنهن سال تائين ماڻهن کي نسبتن آزادي حاصل رهي ۽ مصورن مصوري ۾ انيڪ نئين روسي نواڻِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪومت مختلف لاڙن (رجحان، ٽرينڊ) کي سلطنت جي لاءِ خطرو هيو، سي برداشت ڪيا. فن ۽ ادب ۾ ڪيترائي مختلف ذهنيت جا ماڻهو لنگهي آيا ۽ انهن نوان تجربا ڪيا. ڪميونسٽ ليکڪن جهڙوڪ ميڪسم گورڪي ۽ ولاديمير ماواڪوشوف ان دوران گهڻا نمايان رهيا. فلم، جيڪا معاشري تي وڏو ڇڏيندي آهي، تنهن کي حڪومت طرفان وڏي همٿائي (حوصلہ افزائي) ملي ۽ سرگئي آئنسٽائن جو ڪيترو ئي ڪم انهيءَ دوران تخليق ٿيو.

انکانپوءِ جوزف سٽالن جي دور ۾، سوويت ثقافت کي حڪومت جي بيان ڪيل حدن وسيلي نافذ ڪيو ويو. هر طرح جي اثرن کي سختي سان روڪيو ويو. ڪيترن ئي ليکڪن کي جيل وِڌو ويو يا ماريو ويو.

قائم ٿيڻ کان زواليت

وڌيڪ ڏسو

حوالا

سانچو:سوويت يونين رياستون سانچو:سرد جنگ

سانچو:ضياءَ الحق حڪومت

Tags:

سوويت يونين خُلاصوسوويت يونين اتهاسسوويت يونين جاگرافيسوويت يونين ثقافتسوويت يونين قائم ٿيڻ کان زواليتسوويت يونين وڌيڪ ڏسوسوويت يونين حوالاسوويت يونين1945ع1991عاشتراڪيتيوريشياگڏيل آمريڪي رياستون

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

پکيشيخ زيد ڪالوني (لاڙڪاڻو)ڊڪشنريقرآنويب سائيٽ1857ع2010عپھرين مھاڀاري جنگايل سيلويڊور8 سيپٽمبرڪتوشادي1994عسنسڪرتپاڪستان جا انتظامي ايڪاجنسي سنگهفتي جا ڏينهنمحمد بن قاسم12 جنوريظرفشي جنپنگواچوڙوڪھاڻيڪارٿيجگيبونٽيڪنالاجيبارڪ اوباماحاجي فقير الله علويآخرتولیم شیڪسپیئرمولودعوامي کاتوبرجآمريڪا جون گڏيل رياستوننباتياتسنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلامونھاڏو جماعپريوگسهتوايٿوپياڪشش ثقلکيرٿر جبلن جو سلسلوڪمپيوٽر🡆 More